17 اربع , جنوري 2018

استعيفائن جي تجويز رد، شهباز ۽ راڻا ثناءُ کي 7 جنوري تائين مهلت، متحده کي اعتراض

لاهور (م ڊ) ماڊل ٽائون سانحي تي عوامي تحريڪ جي اي پي سي، ماڊل ٽائون سانحي جو شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُالله کي ذميوار قرار ڏيندي استعيفيٰ لاءِ 7 جنوري جي مهلت ڏني آهي. طاهرالقادري چيو آهي ته نواز شريف سميت ڪرپٽ حڪمراننسان نئون اين آر او نه ڪيو وڃي، متحده اي پي سي پڌرنامي تي اعتراض ڪندي نڪري وئي. لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جي صدارت هيٺ مرڪز منهاج القرآن ۾ ماڊل ٽائون سانحي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم پاڪستان، جماعت اسلامي، پي ايس پي، جماعت اسلامي، ايم ڊبليو ايم سميت 40 کان وڌيڪ سياسي پارٽين شرڪت ڪئي. اي پي سي جي 10 نقطن واري گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اي پي سي ماڊل ٽائون سانحي ۽ ختم نبوت ترميم جي سخت مذمت ڪري ٿي. ماڊل ٽائون سانحو رياستي دهشتگردي جو بدترين واقعو هو جنهن ۾ نواز شريف، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله سميت پنجاب حڪومت ملوث آهي جن حددخليون هٽائڻ جي آڙ ۾ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ معصوم ماڻهن تي گوليون وسايون. گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ختم نبوت جي قانون ۾ تبديلي ڪروڙين مسلمانن جي ايمان ۽ پاڪستان جي آئين تي حملو آهي، نواز شريف ۽ ن ليگ ان قانوني دهشتگردي ۾ سڌا سنوان ملوث آهن جڏهن ته ايماني اساس تي حملي جي ماسٽر مائنڊن جا نالا هن وقت تائين سامهون ناهن آندا ويا، ن ليگ جي اقتدار ۾ رهڻ جو جواز ختم ٿي ويو آهي، ختم نبوت ترميم جي ذميوارن کي سزا ملڻ تائين تڪرار برقرار رهندو، اي پي سي ذميوارن ماڻهن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سموريون مخالف ڌر پارٽيون گڏ ٿي جدوجهد ڪنديون، باقر نجفي ڪميشن شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کي سانحي جو ذميوار قرار ڏنو، ان ڪري هو ۽ سندن سمورا ساٿي 7 جنوري 2018ع تائين استعيفيٰ ڏين، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو. 8 جنوري تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جيڪا اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندي ۽ تحريڪ قصاص جو فيصلو ڪندڙ مرحلو شروع ڪيو ويندو. ان کان اڳ ڪل جماعتي اجلاس جي باقاعده آغاز تي طاهر القادري چيو ته پارٽين ۾ ڪجهه معاملن تي اختلاف ٿيندا آهن پر ماڊل ٽائون سانحي تي سموريون پارٽي اڄ هڪ ڇت هيٺان گڏ آهن. ماڊل ٽائون ۾ پنجاب حڪومت جي درندگي سياسي پارٽين کي گڏ ڪيو آهي، سياسي پارٽيون عدالتن، فوج ۽ ٻين ادارن سان گڏ آهن، نواز شريف ملڪي تاريخ ۾ ڪرپشن جو آغاز ڪيو، هن اسيمبلي ميمبرن کي پيسا ڏئي رشوت جو آغاز ڪيو، اڄ نواز شريف چوي ٿو ته هو نظرياتي ۽ جمهوريت جي جنگ وڙهي رهيو آهي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽي طرفان سينيٽر رحمان ملڪ، قمر الزمان ڪائره، ميان منظور احمد وٽو ۽ لطيف کوسا، پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، شفقت محمود ۽ چوڌري سرور، ايم ڪيو ايم طرفان ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان، ڪامران ٽيسوري، عوامي مسلم ليگ طرفان شيخ رشيد، مسلم ليگ ق طرفان چوڌري ڀائر، ڪامل علي آغا ۽ طارق بشير چيما، جماعت اسلامي طرفان لياقت بلوچ شرڪت ڪئي. ايم ڊبليو ايم جي سيد اسد عباس نقوي وفد سان گڏ اي پي سي ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪ سر زمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال، ڊاڪٽر صغير، وسيم آفتاب تي ٻڌل وفد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن متحده پڌرنامي تي اعتراض ڪندي چيو ته شهباز ۽ راڻا ثناءُالله کي ذميوار سڏڻ تي اعتراض آهن. جي آءِ ٽي رپورٽ بعد ڪنهن جو نالو کنيو وڃي، اي پي سي ۾ شيخ رشيد جي اسيمبلين تان استعيفيٰ جي تجويز رد ڪئي وئي. اسيمبلين تان استعيفيٰ جي پ پ سان گڏ تحريڪ انصاف به مخالفت ڪئي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پناهگير بار آهن، هاڻ قرباني جو ٻڪر نه بڻجنداسين:پاڪستان بچاءُ وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے