23 ڇنڇر , جون 2018

اين ٽي ايس استاد پڪا، سنڌ حڪومت پاڻ ئي سنڌ جي آبادي 27 لک گهٽائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽ: علي نقرچ ) سنڌ ڪابينا احتجاج ڪندڙ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ اسيمبلي مان ايڪٽ منظور ڪيو ويندو، صوبي ۾ متحده باني جي نالي سان منسوب عمارتن  جا نالا بدلائڻ جو اعلان. ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس  ٿيو. ڪابينا اين ٽي ايس پاس ڪانٽريڪٽ استادن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن جي قانونسازي اسيمبلي ذريعي ڪئي ويندي. ڪابينا کان سنڌ ايجوڪيشن پرفارمنس وارو بل پڻ پڪو نظور ڪرايو ويو، جيڪو هاڻ اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ويندو. پرفارمنس بل ذريعي تعليم ۾ وڏي پئماني تي سڌارا ڪيا ويندا ته جيئن تعليم کي بهتر ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته سٺو پڙهائيندڙ استادن کي پگهار کان علاوه ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون. اسان 2011ع ۾ سنڌ بينڪ نئين ديري ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداريءَ پهريون اڪائونٽ کولرايو هو. سمٽ بينڪ جي سنڌ بينڪ سان انضمام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سنڌ بينڪ جو صدر طارق احسن ۽ سي اِي او سعيد جماليءَ به شرڪت ڪئي. سنڌ ڪابينا جي ميمبرن کي پوليس رولز  جو مسودو جاري نه ڪيو ويو، جنهن تي وڏي وزير پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪابينا قانون واري وزير کي 15 ڏينهن اندر ڊرافٽ رولز جاري ڪرڻ جو وقت ڏنو، تنهن ڪري ان معاملي کي ايندڙ ڪابينا اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو.ڪابينا اجلاس ۾ ايس پي پي آر اي ايڪٽ 2009ع ۾ ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايس پي پي آر اي سيڪشن II (پي) ”سروسز“ لفظ جي تشريح کي پنجاب پبلڪ پروڪيورمينٽ ايڪٽ 2009ع جي سروسز جي تشريح طرح ترميم ڪيو ويو، جنهن جي پڻ ڪابينا منظوري ڏني. ڪابينا سنڌ ويلفيئر اينڊ پريويشن آف ڪيورلٽي آف اينيمل ايڪٽ 2017ع جي ڊرافٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪريٽري وائلڊ لائف آصف حيدر شاهه ڪابينا کي آگاهي ڏني ته ان ايڪٽ ۾ جانورن سان ظلم يعني مارڻ، وڌيڪ وزن رکڻ، ڊيڄارڻ خلاف قانون بڻائڻ آهي، جانور کي غيرضروري ٽرانسپورٽيشن ۾ تڪليف ڏيڻ، جانورن کي هڪٻئي سان ويڙهائڻ ۽ شرطون لڳائڻ ان قانون جو حصو آهن. ڪابينا مڪاني ادارن واري وزير، سيڪريٽري وائلڊ لائف، لائيواسٽاڪ واري وزير تي مشتمل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. اها ڪميٽي رولز هڪ هفتي اندر بڻائيندي ۽ ڊرافٽ قانون واري وزارت کي پڻ پيش ڪيو ويندو. ڪابينا اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته الطاف حسين اينٽي اسٽيٽ ڪم ڪندو رهيو آهي انڪري سندن نالي سان منسوب سڄي صوبي مان عمارتن، عوامي هنڌن ۽ ٻين جاين جا نالا بدلايا ويندا.113041

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت آدمشماري تي سخت اعتراضن باوجود صوبي جي ترقي جي منصوبابندي آدمشماري ۾ ڄاڻايل انگن اکرن کان به27 لک 22 هزار 807 آبادي گهٽائي ڪري رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سکر، نوابشاهه، ٺٽي، سجاول ۽ ڄامشوري سميت 9 ضلعن ۾ صنعتي گند کي صاف ڪرڻ لاءِ 28 سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ محفوظ ماحول جي فراهميءَ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن کانپوءِ ڪالهه وزير اعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽيون اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچيءَ کانسواءِ 21 ضلعن جي آبادي 29111723 بشمول 9624674 شهري ۽ 19487049 ٻهراڙي شامل آهن، 755 هنڌن تان 100.454 ايم جي ڊي ميونسپل، صنعتي ۽ اسپتالن جو سيوريج صاف پاڻيءَ ۾ ڇڏيو ويندو آهي. ضلعي جيڪب آباد مان 0.375 ايم جي ڊي 10 هنڌن تان ڪشمور مان 5.822 ايم جي ڊي 10 هنڌن، قمبر-شهدادڪوٽ مان 5.149 ايم جي ڊي 87 هنڌن، لاڙڪاڻي مان 3.006 ايم جي ڊي 135 هنڌن، شڪارپور مان 0.533 ايم جي ڊي 35 هنڌن، گهوٽڪي مان 3.053 ايم جي ڊي 8 هنڌن، خيرپور مان 5.844 ايم جي ڊي 76 هنڌن، سکر مان 29.507 ايم جي ڊي 100 هنڌن، بدين مان 6.619 ايم جي ڊي 19 هنڌن، دادو مان 0.190 ايم جي ڊي 20 هنڌن، حيدرآباد مان 10 ايم جي ڊي 70 هنڌن، ڄامشورو مان 3.697 ايم جي ڊي 9 هنڌن، مٽياري مان 1.090 ايم جي ڊي 8 هنڌن، سجاول مان 0.060 ايم جي ڊي 2 هنڌن، ٽنڊو الهيار مان 4.8 ايم جي ڊي 18 هنڌن، ٽنڊو محمد خان مان 3.914 ايم جي ڊي 9 هنڌن، ٺٽي مان 0.217 ايم جي ڊي 6 هنڌن، ميرپورخاص مان 0.219 ايم جي ڊي 20 هنڌن، سانگهڙ مان 7.02 ايم جي ڊي 10 هنڌن، نوشهروفيروز مان 6.441 ايم جي ڊي 43 هنڌن ۽ شهيد بينظيرآباد مان 2.898 ايم جي ڊي 50 هنڌ تان گندو پاڻي صاف پاڻي ۾ ملايو ويندو آهي، سکر، ڪوٽڙي، حيدرآباد، نوابشاهه، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو ۽ ٻين ضلعن ۾ ٽريٽمينت پلانٽ لڳايا ويندا، جن تي اٽڪل 9612.139 ملين رپيا خرچ ٿيندا. وڏي وزير 9 ضلعن ۾ صنعتي گند کي صاف ڪرڻ لاءِ 28 سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جي منظوري ڏني ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي هدايت ڪئي ته جيترو جلد ٿي سگهي انهن سمورين رٿائن کي منظور ڪيو وڃي ته جيئن اهي 2019ع جي وچ تائين مڪمل ٿي سگهن. گريٽر ڪراچي سيوريج پلان (ايس ٿري) بابت ٻڌايو ويو ته ان جي پي سي ون سي ڊي ڊبليو پي کان ڪليئر ٿي چڪي آهي ۽ ايڪنڪ پڻ نظرثاني ٿيل پي سي ون جي منظوري ڏني آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچيءَ جي آبادي 16.052 ملين آهي ۽ پاڻي جي گهرج 802.6 ايم جي ڊي آهي ۽ فراهمي 650 ايم جي ڊي آهي. هن چيو ته موجوده سيوريج جي ذريعي 460 ايم جي ڊي ڊسچارج ٿي رهيو آهي جنهن ۾ 363 ميونسپل، 3 ايم جي ڊي اسپتال ۽ 94 صنعتي شامل آهن. ان تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري کي هدايت ڪئي ته ذاتي دلچسپي وٺندي ڪم جي رفتار کي بهتر ڪيو وڃي. صوبائي مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري ڪي فور بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي آبادي 16.052 ملين آهي جنهن ۾ 14.910 ملين شهري ۽ 1.41 ٻهراڙي آهي. وڏي وزير هر هڪ ضلعي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي دستيابي ۽ سيوريج جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ پي اينڊ ڊي کاتي کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان پنهنجو اسڪيمون جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي منظور ڪيون وڃن ته جيئن انهن تي ڪم شروع ڪري سگهجي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت جي ڪرايل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 86 هزار 51 ڄاڻائي وئي هئي، جنهن تي سنڌ حڪومت سخت اعتراض واريا ۽ سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکارڻ جو الزام هنيو جنهن جي جاچ اڃا ٿيڻي آهي پر سنڌ حڪومت پاڻي فراهمي بابت اجلاس ۾ ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 51 هزار 521 ۽ باقي 21 ضلعن جي آبادي 2 ڪروڙ 91 لک 11 هزار 723 ڄاڻائي آهي ۽ ان موجب ئي پاڻي فراهمي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهن انگن اکرن تحت سنڌ جي آبادي 27 لک 22 هزار 807 جي گهٽتائي ڏيکاري وئي آهي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊالر مهانگو ٿيڻ سبب اڳ ۾ ئي مهانگي ٿيل اخباري ڪاغذ جو اگهه ٽيڻ تي وڌي ويو: بحران ۾ ورتل اخباري صنعت لاءِ نئون گهوٽالو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ اخباري صنعت اڳ ئي مالي بحران جو شڪار هئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے