24 آچر , جون 2018

شريف خاندان جي اشتهاري مهم قومي وسيلن جو ناجائز استعمال آهي:پي ٽي آءِ جو مريم اورنگزيب کي خط

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عندليب عباس سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جي نالي خط ۾ شريف خاندان جي اشتهاريمهم تي قومي ناڻي مان پئسن جي ناجائز استعمال تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. تحريڪ انصاف طرفان مريم اورنگزيب ڏانهن موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته شريف ڪٽنب جي اشتهاري مهم تي نواز شريف جي تصوير لڳائڻ رڳو عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي نه پر قومي وسيلن جو ناجائز استعمال آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو واضح حڪم آهي ته ڪنهن عهديدار جي تصوير قومي ناڻي جي خرچ تي اشتهارن ۾ نه ڏيکاري وڃي. ان جي باوجود هر اشتهار تي شريف خاندان ۽ سندن وزيرن جو تصويرون ڇو نظر اينديون آهن؟ خط ۾ چيو ويو ته 25 ڊسمبر جي اخبارن ۾ قائد اعظم جي تصوير سان گڏ نواز شريف جي تصوير لڳائي نه رڳو قائد اعظم جي توهين ڪئي وئي پر قومي ناڻي کي نقصان رسايو ويو جڏهن ته نواز شريف کي اعليٰ ترين عدالت سندس ڪرپشن، مني لانڊرنگ ۽ آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي ڪري نااهل قرار ڏنو. ان کان سواءِ سرڪاري ٽي وي ڪهڙي حيثيت سان نواز شريف ۽ مريم نواز جون تقريرون نشر ڪيون جڏهن ته انهن وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو عهدو ناهي. هاڻ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته مريم نواز جي سوشل ميڊيا ٽيم کي عوام جي پيسي مان ادائيگي ڪئي ويندي آهي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊالر مهانگو ٿيڻ سبب اڳ ۾ ئي مهانگي ٿيل اخباري ڪاغذ جو اگهه ٽيڻ تي وڌي ويو: بحران ۾ ورتل اخباري صنعت لاءِ نئون گهوٽالو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ اخباري صنعت اڳ ئي مالي بحران جو شڪار هئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے