18 جمعرات , جنوری 2018

سپريم ڪورٽ کي عمران جي معاملن جي عمران کان وڌيڪ خبرآهي، اي پي سي سازش آهي: مريم نواز

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته آمريت ۽ آمر عوام جا حق ڦريندا آهن، جمهوري ليڊر عوام کي انهن جا حق ڏياريندا آهن جڏهن ته نواز شريف ذاتي دلچسپي وٺي توهان کي مالڪاڻا حق ڏياريا. لاهور ۾جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته آمر توهان جا حق توهان کان ڦريا هيا، جيئن جيئن شينهن اڳتي ويندو عمران اڃان گهڻو روئندو. هن چيو ته هندو ڪيمپ جي 1087 خاندانن کي 99 سالن جي ليز تي زمين ڏئي رهيا آهيون، عمران خان چئن سالن کان روئي رهيو آهي ۽ هو روئندو ئي رهندو. اها ڪهڙي نااهلي آهي جو رائيونڊ ۾ ويٺل نواز شريف مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن ۽ اها ڪهڙي نااهلي جو ڪو به جلسو يا ميٽنگ نواز شريف جو نالو کڻڻ کان سواءِ نٿي ٿئي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي ڊپ کان اتحاد بڻجي رهيا آهن، نواز شريف جو اهو ئي ڊپ مخالفن کي سمهڻ نٿو ڏئي، ان نااهلي سان نواز شريف وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. هن چيو ته نئب جي ڪيس ۾ شاهدن جون ڳالهيون ٻڌي مون کي کل ايندي آهي، اسان جي خلاف شاهدي ڏيندڙن کي خبر ئي نه هئي ته هو ڪنهن جي خلاف شاهدي ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا آهن، انهن کان سوال ڪيا ويا ته هنن جواب ڏنو ته اسان کي ته خبر ئي ناهي ته ڪاغذن ۾ ڇا لکيل آهي. هڪ اقامي جي ڪري ڪهڙي نااهلي، مخالفن جون ته ننڊون حرام آهن، هن چيو ته عمران جو هيليڪاپٽر ڪي پي ڪي حڪومت جي پيسي تي هلندو آهي. عمران خان کي چيو ويو ته اِهي اثاثا توهان جا ناهن، سپريم ڪورٽ عمران خان جا معاملا عمران کان بهتر نموني ڄاڻي ٿي، ڇا نواز شريف جو والد فليٽ نٿو خريدي سگهي؟ عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ هر هر موقف تبديل ڪيا جڏهن ته  عمران خان پاڻ قبوليو آهي ته سندس آف شور ڪمپني آهي. هن وڌيڪ چيو ته  نواز شريف جيڪي به واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا سڀني کي خبر آهي ته اقامو رڳو ويزا لاءِ هوندو آهي. نواز شريف لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي. هن چيو ته ايندڙ وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير ن ليگ مان ئي هوندو. نواز شريف خلاف جڙندڙ اهو اتحاد ناڪام ۽ نامراد رهندو. هن چيو ته اي پي سي ئي سازش هئي، طاهرالقادري ۽ عمران جهڙا چهرا اچن ته سمجهي وڃو ته نئين سازش جڙي رهي آهي. دنيا جون طاقتون ن ليگ کي چونڊ کٽيندي ڏسن ٿيون، ان ڪري انهن سان ملاقاتون ڪن ٿيون. نواز ۽ شهباز شريف عمري لاءِ سعودي ويا آهن ۽ اتي هنن جون ملاقاتون به ٿينديون. سياسي ۽ غيرسياسي سڀ نواز شريف کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا ۽ گڏجي ويٺا آهن. نواز شريف جي قيادت ۾ ترقي جو سفر 2018ع ۾ هڪ ڀيرو وري شروع ٿيندو.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

گزين مري جو علحدگي پسند سياست ڇڏڻ جو فيصلو

بدين(ن ع آ نيوز) بلوچستان جي قوم پرست سياست جي اهم شخصيت نواب خير بخش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے