18 جمعرات , جنوری 2018

15 فئبروريءَ تي وڌيڪ تمر جا ٻوٽا لڳائي عالمي رڪارڊ ٽوڙينداسين: بلاول ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلال ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ايندڙ سال 15 فئبروريءَ تي هڪ ئي ڏينهن ۾ تمر جا سڀ کان گهڻا ٻوٽا لڳائي عالميرڪارڊ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته سنڌ خدمت ۾سڀني کان اڳتي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ  ٽوئٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته سنڌ هڪ ڏينهن ۾ تمر جا سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳائڻ جو عالمي رڪارڊ عبور ڪري چڪي آهي، پهريون ڀيرو 2009ع ۾ جڏهن ته ٻيو ڀيرو 2013ع 750000 تمر جا ٻوٽا هڪ ئي ڏينهن ۾ لڳائي عالمي رڪارڊ قائم ڪري چڪا آهيون ۽ نئين سال ۾ 15 فئبروريءَ تي وري عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪنداسين.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

رد ٿيل گُڏن کي عوام وري وائکو ڪري ڇڏيو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ ۽ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے