25 سومر , جون 2018

مصطفيٰ ڪمال 300 اربن جو حساب ڏئي، ٻوري بند لاشن جي سياست نه هلندي: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته اسان مصطفيٰ ڪمال کان 300 ارب رپين جو حساب گهري رهياآهيون. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ناصر شاهه چيو ته ڪراچي ۾ سمورا ڪم جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ناظم نعمت الله خان شروع ڪيا پر جڙتو مسيحائن جي اچڻ بعد مڪاني ادارن وٽ رقم ناهي، مڪاني ادارن جي ملازمن کي پگهار سنڌ سرڪار ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هميشه داٻي ۽ ڌمڪي جي سياست ٿي آهي، پر ڪراچي ۾ ٻوري بند لاشن جي سياست هاڻي نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته پاڪ سرزمين پارٽي جو مستقبل اونداهو آهي، وڏن جلسن جي دعويٰ ڪئي ويندي آهي پر ماڻهو نه ايندا آهن. ناصر شاهه چيو ته اسان مصطفيٰ ڪمال کان 300 ارب رپين جي حساب جي گھُر ڪري رهيا آهيون، هُو ٻڌائي ته اڪبر ڪنٽريڪٽر ڪير آهي جنهن کي سمورا ٺيڪا ڏنا ويندا هئا. ناصر شاهه چيو ته ڪراچي جي ڪيترين ئي ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري آهي، لياري ايڪسپريس وي کي جنوري ۾ کوليو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The British Magazines left before the PML-N success in the next election

مخالفن کي سياسي فائدو ڏيڻ لاءِ خبر شايع ڪئي وئي: ن ليگ

اسلام آباد(م ڊ)مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته برطانوي اخبار جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے