18 جمعرات , جنوری 2018

نئب چيئرمين گوادر ۾ ڪرپشن جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد( م ڊ) نئب چيئرمين جاويد اقبال گواد انسٽريل اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ انڊسٽريل ۽ڪمرشل پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ وڏي پئماني تي بيقاعدگينجو نوٽيس ورتو آهي. قومي احتساب بيورو طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئب چيئرمين جاويد اقبال قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچائڻ جو نوٽيس ورتو آهي. نئب جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته گوادر انسٽريل اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جيڊا بلوچستان جي معاشي ترقي داءُ تي لڳائي ڇڏي، جيڊا انسٽريل ڊولپمينٽ اٿارٽي بدران اسٽيٽ ايجنسي بڻجي وئي. نئب جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڊا جي آفيسرن ۽ مددگارن ڪمرشل پلاٽ پنهنجي عزيزن ۽ من پسند ماڻهن ۾ ورهايا، رڪارڊ جي معائني مان خبر پئي ته اٿارٽي ۾ ڪمرشل پلاٽن جي الاٽمينٽ جي حوالي سان قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف نئب چيئرمين جو چوڻ آهي ته نئب معاشي سرگرمين جي رستي ۾ ڪرپشن ذريعي رنڊڪ وجهندڙن کي انجام تي پهچايو ويندو، گوادر جي معاشي ترقي ڪرپٽ عنصرن جي ذاتي فائدي جي ور چڙهڻ نه ڏني ويندي. جاويد اقبال چيو ته ڪرپشن ذريعي گوادر جي معاشي ترقيءَ کي داءُ تي لڳائيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گزين مري جو علحدگي پسند سياست ڇڏڻ جو فيصلو

بدين(ن ع آ نيوز) بلوچستان جي قوم پرست سياست جي اهم شخصيت نواب خير بخش …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے