26 جمعرات , اپریل 2018

پاڪستان ۽ ڀارت جي قومي سلامتي صلاحڪارن جي بئنڪاڪ ۾ ڳجهي ملاقات

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ڀارت جي قومي سلامتي جي صلاحڪارن بئنڪاڪ ۾ ڳجهي ملاقات ڪري لائن آف ڪنٽرول ۽ ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪيون آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب 25 ڊسمبر تي ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي سندس گهر وارن سان ملاقات جي هڪ ڏينهن کانپوءِ 26 ڊسمبر تي پاڪستان ۽ ڀارت جي قومي سلامتي جي صلاحڪارن ٿائلينڊ جي گادي واري هنڌ بئنڪاڪ ۾ ملاقات ڪئي. جنرل رٽائر ناصر جنجوعا ۽ سندس ڀارتي هم منصب اجيت ڊوول جي ملاقات ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي. اها گڏجاڻي پهريون ئي طئي ٿيل هئي جنهن جو ڪلڀوشن ۽ سندس گهر وارن سان ملاقات جو ڪو به تعلق نه هو. ڀارتي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته ملاقات ۾ لائن آف ڪنٽرول ۽ ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناصر جنجوعا ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کي اجاگر ڪندي چيو ته ايل او سي تي آزاد ڪشمير ۾ بنا جواز ڀارتي فائرنگ سبب معصوم شهري شهيد ٿي رهيا آهن. ذريعن موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ پاڪ فوج کي به ملاقات جي ڄاڻ ۽ تفصيلن بابت خبر هئي، جڏهن ته خاص طور گڏجاڻي جو انتظام هڪ اڻ ڌري هنڌ تي ڪيو ويو هو. ملاقات کانپوءِ ناصر جنجوعا جاتي امرا ۾ نواز شريف سان پنجن ڪلاڪن تائين ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي سلامتي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نواز شريف چيو ته جنگ مسئلي جو حل ناهي، ڀارت سان لاڳاپن جي بهتري ضروري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے