20 خميس , سيپٽمبر 2018

نئين اين آر او تحت نواز شريف کي سياست ڇڏڻي پوندي: ڊاڪٽر ايوب شيخ

ڪراچي (رپورٽر ) ناليواري تجزيي نگار ڊاڪٽر ايوب شيخ چيوآهي ته اهو ڏسڻو پوندو اين آر او ۾نواز شريف ڪنهن ڪنهن لاءِ فائدو وٺي ٿو، هن ڀيري شهباز شريف نواز کي سعودي گهرايو آهي ڪالهوڪي اي پي سي جي ڊيٽ  لائين سيالوي جي ڊيٽ لائين کي غير اهم ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر ايوب شيخ اهڙن خيالن جو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ”نيوز مارٽم“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پوين ويهن سالن ۾ ڪنهن پارٽي کي ٻيو ٽرم ناهي مليو، هن اين آر او کان پوءِ عمران خان جي سياست به محدود ٿي ويندي.هن چيو ته نئين اين آر او تحت نواز شريف کي سياست ڇڏڻي پوندي هو نه سياسي بيان ڏيندو نه وري سياست تي اثر انداز ٿيندو پر مريم نواز جي سياست رهندي، شهباز شريف کي اين آراو تحت عدالتن ۽ ادارن جو احترام ڪرڻ ثابت ڪرڻو پوندو.هن چيو ته 2018ع ۾ سنڌي نوجوان سرڪاري نوڪري بجاءِ هنر سکڻ تي ڌيان ڏين. پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر قاسم راڄپر چيو ته زرداري هميشه نواز شريف کي ڪلهو ڏنو آهي، طاهر القادري جي اي پي سي سان سعودي جا معاملا پس پردا هليا ويا، هاڻي ته احتساب ۽ پاناما جا معاملا به اسڪرين تي ناهن.هن چيو ته نائلا رند جو واقعو 2017ع ۾سنڌ جو وڏو سانحو هو، هن سال ڄامشورو کان سيوهڻ روڊ تي تمام گهڻا حادثا ٿيا آهن  فتح برفت جي اچڻ سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾خرابين جو ڦهلاءٌ گهٽ ٿيو آهي خيرپور ۾ ٽڪنيڪي سکيا جو زبردست ادارو کليو آهي جنهن مان وڌ ۾ وڌ نوجوانن کي فائدو وٺڻ گهرجي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے