18 جمعرات , جنوری 2018

سنڌ ۾ ڪمند جي بحران جو ذميوار وفاق ۽ پنجاب سرڪار آهن: وڏو وزير

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪمند جي بحران جي ذميوار وفاقي ۽ پنجاب سرڪار آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه موڪل واري ڏينهن شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. دوري تي روانگي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پنجاب مان 100 رپيه في مڻ ڪمند سنڌ جي شگر ملن کي فراهم ڪيو پيو وڃي، پنجاب مان سستو ڪمند ملي ته شگر ملون سنڌ جي آبادگارن کان سستو ڪمند جو خريد ڪنديون، اسان پنجاب کان ڪمند جو اگهه 2 رپيه وڌيڪ مقرر ڪيو ته جيئن آبادگارن کي فائدو ملي سگهي، پ پ آبادگارن سان گڏ آهي ۽ ساڻن ڪنهن به قسم جي زيادتي ٿيڻ نه ڏيندي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي ڪينٽ اسٽيشن تي روڊ جي اڏاوتي ڪم جو جائزو ورتو، صدر جي علائقي اليڪٽرونڪس مارڪيٽ ۽ ڀرپاسي گندگي جا ڍير ڏسي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته فوري طور شهر مان گند صاف ڪيو وڃي. وڏي وزير شاهراهه قائدين تي شوروم مالڪن طرفان فوٽ پاٿ تي حددخين ۽ اضافي فوٽ پاٿ ٻڻائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪراچي جي ڪمشنر کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي. هن چيو ته فوٽ پاٿ تي گاڏيون بيهارڻ سان ٽريفڪ جام ٿي ويندي آهي، شوروم مالڪن سان ڳالهيون ڪري اضافي فوٽ پاٿ ختم ڪيو وڃي. وڏي وزير نئين سال جي موقعي تي شهرين کي سي ويو وڃڻ جي اجازت ڏيندي چيو ته ڪراچي جا شهري ذميوار آهن تنهن ڪري کين نيو ايئر نائٽ تي سي ويو وڃڻ کان نه روڪيو وڃي. وڏي وزير ڊي آءِ جي ڏکڻ کي سي ويو تان رنڊڪو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪراچي جا شهري ذميوار آهن، مسئلا پيدا نه ڪندا. هن چيو ته شهري نئين سال جي موقعي تي خوشي ضرور ملهائيندا پر ٻين جي خوشين جو به خيال رکن جڏهن ته هوائي فائرنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے