17 اربع , جنوري 2018

لاهور ۾ ٿيل اي پي سي

دوست  حفيظ چنا

ملڪي سياست ۾ وڏي تبديلي ايندي نظر پئي اچي،  هونئن ته 2017 ۾ ان تبديلي جا ڪيترائي مرحلا  آيا ۽ وري ختم به ٿيا آهن، جنهن سان اهو به محسوس ٿيو آهي ته نواز حڪومت جو بچاءَ ڪافي مضبوط نظر آيو آهي، ۽ راويتي طور ميدان ڇڏي ڀڄڻ ارو ڪم نه ڪيو اٿن، هي مرحلو آخري رائونڊ ٿيندي نظر پيو اچي، جڏهن ته ذريعن جو به چوڻ آهي ته ان تبديلي جا اثرات 15 جنوري تائين واضح ٿي ويندا ۽ لڳي پيو ته هن متوقع تي تبديلي جو آخري رائونڊ آهي، مارچ ۾ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن کان اڳ تبديلي ضرور ايندي، سينيٽ ۾ اڪثريت قائم ڪرڻ لاءِ ن ليگ جو ننهن چوٽي جو زور آهي ۽ جيڪڏهن ن ليگ سينٽ ۾ اڪثريت قائم ڪري ٿي وٺي ته پنهنجي خلاف بيٺل سمورين قوتن جا گوڏا ٽيڪرائي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن کيس اها اڪثريت حاصل نه ٿي ٿئي ته پوءِ نه ليگ جا گوڏا به نه کپندا، ان آخري معرڪي جو هڪ رائونڊ لاهور ۽ ٻيو سعودي ۾ پيو سجي،

لاهور ۾ ان سلسلي ۾ ڪالهه آل پارٽيز ڪانفرنس جو انعقاد پاڪستان عوامي تحريڪ طرفان تحريڪ منهاجل قرآن سيڪريٽريٽ ۾ ڪيو ويو جنهن جو ايجنڊا هو ، ماڊل ٽائون سانحو ۽ ”مجهي ڪيون نڪالا“ جنهن ۾ اپوزيشن جي تقريبن سمورين جماعتن شرڪت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ کان علاوه پاڪستان پيپلز پارٽي ، پاڪستان تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ايس پي، عوامي مسلم ليگ،  مجلس وحدت المسلمين ۽ ٻين ڊاڪٽر طاهر القادري مطابق تقريبن ننڍين وڏين 40 پارٽين جي نمائيندن شرڪت ڪئي، ان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ 10 نقطن تي ٻڌل پڌر نامو جاري ڪيو ويو،  جيڪو اي پي سي ۾شامل مڙني جماعتن جي منظوري سان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ اهم نقطو  اهو هو ته شهباز شريف ۽ رانا ثناءُ الله کي 7 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي ته هو پنهجا عهدا ڇڏي ماڊل ٽائون سانحي ۽ ختم نبوت قانون ۾ تبديلي  بعد تحقيقاتي ڪميٽي آڏو پيش ٿين، ياد رهي ته ختم نبوت قانون ۾ ڪيل تبديلي بعد اڳوڻي وفاقي وزير قانون و انصاف زاهد حامد جي استعيفي بعد رانا ثناءُ الله جي استعيفا جو پڻ مطالبو ڪيو ويو هو، اي پي سي پنهنجي پڌرنامي ۾ چتاءُ ڏنو آهي ته 8 جنوري تي اي پي سي جي ٻئي اجلاس ۾ سمورين پارٽين طرفان شهباز شريف ۽ رانا ثناءُ الله  خلاف حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. ٻئي طرف ن ليگ جي قيادت به سعودي عرب پهچي چڪي آهي 27 ڊسمبر تي وزير اعليٰ پنجاب شهباز شريف سعودي شهزادي طرفان موڪليل خاص جهاز وسيلي جده پهچي چڪو آهي جڏهن ته ڪالهه  ميان نواز شريف پڻ جده بجاءِ رياض روانو ٿيو آهي، جڏهن ته سعد رفيق سميت ن ليگ جي ڪجهه ٻي قيادت پڻ سعودي ۾ موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان جي فضائن ۾ سياسي پنڊتن طرفان اهي هل پيا هلن ته ڪو نئون اين آر او ٿيڻ پيو وڃي پر اين آر او لاءِ ٻين ڌرين جو هجڻ ضروري آهي، جنهن ۾ خاص طور پارليمنٽ ۾ ويٺل اپوزيشن جماعتن جو هئڻ ضروري آهي، پر ڪالهوڪي اي پي سي مان اين آر او جو منظر نامون نظر نه پيو اچي، اڄوڪي اي پي سي مان اهو به عڪس ڪري سگهجي ٿو  ته حڪومت مخالف ڌرين سمورين سياسي جماعتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري متوقع اين آر او وارو وايو منڊل تبديل ڪري ڇڏيو،

هاڻي ڏسون ته حڪومتي ڌر جو ڀلي پار گڏ ٿيڻ ڪهڙي انجام تي ٿو پهچي، پر ڪالهوڪي اي پي سي اجلاس نتيجي جوڳو نه پيو لڳي ۽ اهو به ممڪن آهي ته ڀلي پار ويل ليگي قيادت اتي جي پناھ ۾ رهي ۽ واپس ئي نه ٿئي، هن ڀيري ن ليگ جي قيادت جي واپسي انهن جي مخالف قوتن لاءِ وڏو پيغام کڻي ايندي، ذريعن ۽ سياسي پنڊتن جنوري ۾ وڏي تبديلي جي اڳڪٿي ڪئي آهي، ڏسون ته نئين سال جو پهريون مهينو ان تبديلي جو ڪيئن ٿو آجيان ڪري، بحر حال سياسي وايو منڊيل تبديل ٿئي يا نه ٿئي سڀاڻي سال ضرور تبديل ٿيندو.

سينيٽ کان اڳ اي پي سي جو ٿيل اجلاس وڏي سياسي تبديلي طرف اشارو ضرور ڪري ٿو، حڪومتي ڌر جي ڀرپور ڪوشش آهي ته سينٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪري ۽ جيڪڏهن کيس اها اڪثريت ملي ٿي ته پوءِ ان ڌٻڻ مان نڪري سگهي ٿي جنهن ۾ اها ڪافي عرصي کان ڦاٿل آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے