18 جمعرات , جنوری 2018

2018 واريون چونڊون، امڪان ۽ کُٽڪا

اڪرام  سهگل

اسانجن چونڊيل نمائندن جو انهن معاملن تي وڙهڻ جن

سان عوام جو مفاد سلهاڙيل ناهي معمول جي ڳالهه آهي. اهي پارليامينٽرين وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرجوش مهم هلائيندي نظر ايندا پر آدمشماري تحت تڪ بندين لاءِ 19 ڊسمبر کان اڳ تائين سينيٽرن جو گهربل انگ گڏ ٿي نه سگهيو هو. آخرڪار اهو مرحلو طئي ٿيو ۽ چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جي رستي ۾ موجود بنيادي رنڊڪ ختم نه ٿي سگهي. ان حساس نوعيت جي ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 10 نومبر جي ڊيڊ لائين مقرر ڪئي. صوبائي سطح تي ٿيندڙ آدمشماري جي بنياد تي تڪ بندين لاءِ پنجن مهينن جو وقت رکيو ويو.

چونڊون مقرر وقت يعني جولاءِ/آگسٽ 2018 تي ٿيڻ جو امڪان آهي پر ان لاءِ چيلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. ڇا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مقرر وقت ۾ سگهارا چونڊ ضابطا مرتب ڪري سگهي ٿي. سو به انهن حالتن ۾ جڏهن ڪجهه حلقن ۾ ٿيندڙ آدمشماري جي ڊيٽا کي وري جانچڻ جي گهرج پوي. نامڪمل يا غلط ڊيٽا لاءِ اليڪشن ڪميشن کي واڌو وقت ڪڍڻو پوندو. نئين تڪ بندين متعلق هونئن به ڪجهه جماعتن کي اعتراض به آهن ته ڪاوڙ به. تنهن ڪري ان عمل جو شفاف ۽ تڪرارن کان پاڪ هئڻ بيحد لازمي آهي. فقط ان صورت ۾ چونڊ عمل کان اڳ وچ ۾ يا بعد ۾ ٿيندڙ احتجاج يا اعتراضن کان بچي سگهجي ٿو.

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ ان جي خاندان سان ڳنڍيل تڪرارن سبب معاملا ويتر پيچيدا ٿيندا ٿا وڃن جنهن ۾ سندن نااهلي اڃا به مسئلو ڪندي.جڏهن کان سپريم ڪورٽ نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو آهي تڏهن کان هو لاڳيتو عدالت تي سخت تنقيد ڪري رهيو آهي. ايستائين جو هن عدالت تي آمريتن کي مضبوط ڪرڻ جو به الزام لڳائي ڇڏيو.البت هن پنهنجي خلاف لڳل ڪرپشن جي الزامن جي هڪ ڀيرو به وضاحت جي ضرورت محسوس نه ڪئي. شايد کانئس وسري ويو ته اهو به هڪ آمر ئي هو جنهن سندس سياست لاءِ زمين تيار ڪئي، ايستائين جو کيس پهريون ڀيرو وزير اعظم جي ڪرسي به اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سبب ملي. سندس وفادار ۽ خاندان وارا نه رڳو ججن کي ڊيڄاريندا ۽ ڌمڪائيندا رهيا آهن پر انتهائي چالاڪي سان پاڪ فوج تي طنز به ڪندا رهياآهن.

رياستي ادارن خلاف نفرت وڌائڻ واري ان چريائپ پٺيان هڪ منظم طريقو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جي خواهش آهي ته ان جي ڪيسن جي ٻڌڻي ۾ جيتري دير ٿئي سا بهتر آهي. نئب آڏو پيش ٿيڻ ۾ به سندس لنڊن وارار لاڳيتا ۽ ڊگها دورا دير جو سبب آهن. هاڻي سندس ان ڏس ۾ تازي ڪوشش ان تحريڪ جو اعلان آهي، جنهن کي هن اچرج طور ”تحريڪ عدل“ جو نالو ڏنو آهي. کيس شايد ايئن ٿو لڳي ته اسان نومبر 1997 جو اهو ڏينهن وساري ويٺا آهيون جڏهن ن ليگ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سپريم ڪورٽ جي عمارت تي چڙهائي ڪئي هئي. جنهن جو مقصد ان وقت جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه تي دٻاءُ وجهي نواز شريف خلاف هلندڙ توهين عدالت ڪيس کي ملتوي ڪرائڻ هو. اهي ماڻهو جن اعليٰ ترين عدالت تي حملو ڪيو هجي سي ڪيئن حڪومت ڪرڻ جا اهل ٿا ٿي سگهن. سو ياد رکو ته هي ڪيس جيترو ڊگهو ٿيندو، اوترو ئي چونڊن جو عمل به اينگهندو ويندو.

2017ع واري آدمشماري 19 سالن جي ڊگهي وقفي کان پوءِ ٿي هئي. ان آدمشماريءَ ٻهراڙيءَ ۽ شهري علائقن جي تناسب ۽ ملازمتن جي ڪوٽا تي گهرا اثر وڌا. انگن اکرن موجب هن وقت آبادي 207.8 ملين آهي، جنهن ۾ 1998 جي آدمشماري ۾ 75.4  ملين واڌارو ٿيو آهي. ملڪي آبادي جي اڪثريت يعني 52.9 سيڪڙو پنجاب ۾ رهي ٿي. ايئن ملڪ جي اڪثريتي آبادي يعني 63.6 سيڪڙو شهرن ۾ به رهي ٿي، البت سنڌ جو معاملو ٿورو مختلف آهي، جتي 52.2 آبادي شهرن ۾ رهي ٿي.

سنڌ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اعتراض واريندي 2017 جي آدمشماري کي تڪراري قرار ڏنو آهي. حڪومت غيرجانبدار پارٽيءَ جي ذريعي چونڊ بلاڪس جي هڪ سيڪڙو آبادي جي آڊٽ جي تجويز پيش ڪئي. جنهن کي ايم ڪيو ايم پاڪستان رد ڪندي چونڊ بلاڪس جي پنج سيڪڙو حصي جي آڊٽ جو شرط لاڳو ڪيو. گڏيل مفادن جي ڪائونسل (سي سي ايل) طرفان انهن اعتراضن کي تسليم ته ڪيو ويو پر جيئن ته ان مشق ۾ هاڻي وڌيڪ تڪن جو احاطو ڪيو ويندو ان ۾ واڌو وقت لڳڻ يقيني آهي. تنهن سبب فيصلو اڃا تائين ناهي آيو. آزاد مبصرن جو خيال آهي ته چونڊ بلاڪس جي 5 سيڪڙو آبادي جي آڊٽ لاءِ ڇهه ست مهينا لڳي سگهن ٿا. جڏهن ته حڪومت جو موقف آهي ته هي ڪم ٽن مهينن ۾ ڪري سگهجي ٿو.

سينيٽ جي چونڊن جي وقت ۽ طريقيڪار ۾ به ڪجهه مسئلا آهن. سينيٽ جو مدو ڇهن سالن جو هوندو آهي. سال 2003 کان اهو طريقو هلندڙ آهي ته سينيٽ جي 104 سيٽن مان اڌ يعني 52 سيٽن جون چونڊون هر ٽن سالن کان پوءِ ٿينديون آهن. سينيٽ جون ايندڙ چونڊون مارچ 2018 ۾ ٿينديون، هاڻي جيڪڏهن اهي ئي اسيمبليون سينيٽرن جي چونڊ ڪنديون ته کين ڪنهن ريت به عوام جو نمائندو نه چئي سگهبو، ڇاڪاڻ ته آدمشماري جي نتيجن هاڻي سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو آهي ۽ ايئن سينيٽ جون اهي چونڊون حقيقت جي عڪاسي ڪرڻ ۾ ناڪام رهنديون. انهيءَ سبب اڪثريت چونڊن جي نظام کان مايوس ۽ لاتعلق ٿيندي پئي وڃي.

هاڻي اهو ئي ڏسو ته ڏيڍ ڪروڙ ووٽ کڻي جيڪو پاڪستان جي جملي آبادي جو فقط 7.5 سيڪڙو آهي، ميان نواز شريف ارڙهن ڪروڙ عوام جو پاڻ کي نمائندو سڏي ٿو. اندازو لڳايو ته انهن حالتن ۾ نئين سينيٽ ڪنهن جي ترجمان ٿيندي. اسان جي چونڊ عمل کي حقيقي جمهوريت جو ترجمان ۽ عڪاس ٿيڻ گهرجي. موجوده نظام ته سکڻو پشيماني جو سامان ۽ بي حسي جو نوحو آهي.سو بجاءِ ان جي ته ماضي جي چونڊن وانگر 2018 جي چونڊن ۾ به پنهنجن مسئلن ۾ واڌارو آڻيون، اهڙو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سمورن واسطيدارن جو مشورو ۽ سهڪار شامل هجي. ان عمل ۾ ٿيندڙ دير سان موجوده سينيٽ جي زندگي، ڪجهه وقت ممڪن آهي ته ڇهه مهينا وڌي وڃي. بهتر گورننس جي ضرورت جي ڊاڪٽرائن جي تحت اها دير اڻٽر آهي. هي طريقو Run off vote سڏائيندو آهي.

هي ڪو نصابي يا نظرياتي نه پر عملي تجويز آهي، ان رخ ۾ اڳڀرائي ڪندي اسان پنهنجن ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي سگهون ٿا. ياد رهي ته اسان جي کڄندڙ هر وک جو مقصد موجوده غيريقيني صورتحال کان جند ڇڏائڻ هئڻ گهرجي.

(ليکڪ دفاعي ۽ سيڪيورٽي معاملن جو تجزئي نگار آهي)

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے