16 اڱارو , جنوري 2018

شهيد بينظير کانپوءِ حڪمرانن جا غير جمهوري رويا

آغا نور محمد  پٺاڻ

شهيد محترمه جي ڏهين ورسيءَ تي ڳڙهي خدا بخش ۾ هن دفعي به اسانجي سياسي ليڊرن ۽ پارٽيءَ جي سربراهن هميشه وانگر وڏيون ڳالهيون ڪيون جن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ شهيد محترمه جي فرزند چيو ته منهنجي والده جو اڳوڻو صدر جنرل مشرف قاتل آهي. ماڻهو اهو سوال ڪن ٿا ته پوءِ ان قاتل کي سندس والد صدر ٿيڻ مهل گارڊ آف آنر ڏئي ايوان صدر مان ڇو الوداع ڪيو هيو؟ بلاول ايئن به چيو ته ”اسان شهيد محترم کي نه وساريو آهي“ بلاول جي اها ڳالهه ٻڌي ماڻهو اهو سوچن ٿا ته شهيد بينظير جا اصل قاتل اڃا تائين هٿ ڇو نه اچي سگھيا آهن ۽ انهن لاءِ نعري بازي کان سواءِ ڪا سنجيده ڪوشش نظر نٿي اچي.

هوڏانهن وري جنرل مشرف دبئي مان هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ اهو الزام خود ان جي خاوند محترم آصف علي زرداري تي هنيو هيو ۽ هاڻي وري ان منصوبي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود ڪجھه سرڪش عناصرن جي ملوث هجڻ جو امڪان به ظاهر ڪيو آهي. هن برطانوي صحافي اوئن بينٽ جونز کي بي.بي.سي لاءِ انٽريو  ڏيندي چيو ته مون وٽ ان ڳالهه جو ثبوت ڪونهي پر پاڪستاني معاشرو مذهبي طور تي ورهايل آهي ۽ جيڪا عورت مغرب ڏانهن جهڪاءُ رکندي هجي اها رياست جي شرپسند عنصرن جي نظر ۾ اچي سگھي ٿي.

اوئن بينٽ جونز پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ نيڪ نيتي سان نه ڪئي وئي آهي، جاچ آفيسرن، وڪيلن ۽ شاهدن کي پُراسرار نموني قتل ڪيو ويو ۽ هاڻي ان ڳالهه کي 10 سال گذري ويا آهن. هن وڌيڪ لکيو آهي ته هن ڪيس جي جاچ ۾ اصل جوابدارن تائين پهچڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي، جاچ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ متعلقه وزيرن به سهڪار نه ڪيو، فقط شقي ماڻهن کي گرفتار ڪري قتل به ڪيو ويو. جن ۾ شهيد محترمه جو هڪ سيڪيورٽي تي مقرر ٿيل گارڊ خالد شهنشاهه به شامل آهي. سندس فرزند بلاول پنهنجي ڀينرن جي موجودگي ۾ تقرير ڪندي چيو ته اسين اڄ به محترمه جي ڏسيل رستي تي هلي رهيا آهيون ۽ ظالمن سان غريبن جي حقن لاءِ وڙهون ٿا. هن جي ان ڳالهه تي سنڌ جو ماڻهو سوچي ٿو ته ڇا شگر مِلن جا مالڪ غريب ماڻهو آهن ۽ ڇا اين.ٽي.ايس ۾ پاس ٿيل استاد وڏا ظالم آهن جن کي ڪراچيءَ ۾ پوليس ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ٿي ۽ اسانجا حڪمران اهو منظر ڏسندا رهن ٿا. تازو هڪ زخمي استاد شهيد محترمه جي نالي هڪ کُليل خط واٽس اپ جي ذريعي موڪليو آهي جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:

محترمه ڏانهن  ماستر جو کُليل خط ………..!

شهيد راڻي…!!! جڏھن اوهين ڊگهي جلاوطني ختم ڪري سياري جي سرد  موسم ۾ ڪلاچي جي شھر ۾  پنهنجا پير ڌريا ھئا ان وقت اوهان جي اکين ۾  وطن جي سڪ ۽ عوام جي ڇڪ ۾ تري آيل لڙڪ به تاريخ بڻجي ويا، ۽ جڏھن تنهنجي قافلي کي ڪارساز وٽ رات جي رهزنن لٽيو ان وقت روڄ راڙو سموري لشڪر ۾ ڪيهاٽ  جي آوازن روشنين جي شھر کي اونداهي جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ھو، انهي قافلي ۾ ولر کان وڇڙي ويل جيالن کي مٽي ۾ مدفون ڪري ”مين ڀي ڀٽو هون“ جي سڃاڻپ ڏئي پنهنجي ساھ ۾ سمائي ڇڏيو، شھيد راڻي اڄ وڇوڙي کي ڏھ ورهيه گذريا آهن، ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آھي! ڄڻ ڪئلينڊر ۾ صرف سال بدليا آھن.

تنهنجي وڇڙي وڃڻ پڃاڻان سڀ ڪجهھ بدلجي ويو آھي، پنهنجو بلاول به بدلجي ويو،،! راڻي اسان پنهنجي دردن جي ڪھڙي ڪٿا ٻڌايون  تنهنجي وڇوڙي کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو اسان اها به هڪ الڳ روئيداد آھي. سچ پڇين ته  پنهنجي اليڪشني ڊيوٽن ۾ مخالفن جا دڙڪا داٻا به برداشت ڪري بکي پيٽ تي تير تي ٺپا هڻايا سين کٽي آيل ميمبرن جي شان ۾ جهمريون به هنيون سين، محترمه راڻي ڪٿي ڪٿي ته مخالفن جا موچڙا به کاڌا سين پر تنهنجي محبتن جا قرضي هئڻ جي ناتي ڪل تڪليفون برداشت ڪيون سين، تنهنجي ريٽي رت جي سودي ۾ ورتل حڪومت زميني خدا بڻجي حڪومت هلائيندڙ ھمراهن ته حد ڪري ڇڏي. اسان جي محنتن، محبتن ۽ قربانين کي ڪلاچي جي ڪُن ۾ مانگر مڇ جي منهن ۾ اڇلائي اسان سان عجيب انياءَ ڪيا آھن، اسان کي پنهنجا حق گهرڻ جي سزا به پنهنجي پارٽي جي چونڊيل نمائندن وردي پوشن جو سهارو وٺي ڏني آهي.

جنهن شھر ۾ تنهنجا خوشي ۾  لڙڪ ڪريا هئا اتي اڃ اسان جا رت ڦڙا ڪرن ٿا اکين ۾ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس هڻي اسان جي آجيان ڪئي وئي آھي، هو جيڪي ڏاڍ جو استعمال ڪري جبر ڪن پيا ھو سڀ پنهنجي پارٽي جي سڃاڻپ هن جديد دور ۾ هاڻ جديد ڪرائي رهيا آھن، پاڻ وارا نظرياتي ورڪر سڀ خاموش آھن هنن کي به سائيڊ ۾ ڪري ڇڏيو ويو آھي، هن وقت سڀ ”سيلفي بوائز “ پنهنجي پارٽي ۾ شامل ٿي وڏا اڳواڻ  بڻيل آھن، هنن جي سوچ آمرن جي عڪاسي ڪري ٿي تنهنجا پيروڪار گهٽ ضياء جا وڌيڪ لڳن ٿا، هو اسان کي استاد بدران ماستر چون ٿا تڏھن اسين ماستر ٿي مخاطب آھيون.

شھيد راڻي مونکي وڏو ناز هو ته  مونکي ڪجھه نه ٿيندو اسان جي حڪومت آھي، سچ پڇين ته سڀني کان وڌيڪ تشدد مون تي ٿيو آھي، لهو ۾ لال آھيان ۽ بي حال آھيان، ڀلا بلاول کي سمجهائين ڇو نٿي هن جي هوندي به هي سڀ ڪجهھ ٿيو آھي، هو صرف بيانن تائين محدود آھي، ها سچي هڪڙي ڳالهھ ڀلجي ويس جڏھن گهر ويس منهنجو ننڍڙو پٽ  جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندي سامهون اچي ڀاڪرن ۾ ڀريندي  منهنجي مٿي تي ٻڌل پٽي ڏسي پڇيائين بابا توکي هي ڇاٿيو آھي؟ هن معصوم کي ڪيئن چوان پنهنجي حڪومت ۾ حق گهرڻ تان رت ڪڍي وئي آھي. پنهنجي پٽ کي  ڪيئن چوان هاڻ هي نعرو پنهنجو ناهي رهيو، هي پارٽي محترمه شھيد راڻي جي ناهي رهي..!!

محترمه تنهنجي وڇوڙي کي ڏھ سال مڪمل ٿيا آھن اهو ڊسمبر ئي آھي لڱ ڪانڊاريندڙ سيءُ به آھي ۽ جهريل جيءُ به آھي، لفظن سان ڪيل تنبيهھ به آھي ڪنهن جي ڪيل پيشنگوئي آھي، پنهنجي پارٽي پوئين پساهن ۾ آھي، حق گهرندڙ سان هي لقاءَ ۽ انياءَ ڏسي آئون موڪلايان ٿو.

تنهنجو اڳوڻو جيالو ۽  ماستر زخمي سنڌي.

ان خط کي پڙهندي مونکي امر جليل جي هڪ ڪهاڻي ياد اچي وئي جيڪا ڪجھه سال اڳ شهيد محترمه جي ورسي جي موقعي تي افيئر رسالي ۾ ڇپي هئي، جنهن ۾ شهيد ڀُٽي کي هڪ وڻ جي اوٽ ۾ بيٺل ڏيکاريو ويو آهي ۽ وڻ جي اوٽ ۾ بيٺل هڪ ٻئي عاشق کي ٻڌائي رهيو آهي ته هاڻي مونکي گڙهي خدا بخش مان نيڪالي ڏني وئي آهي.

اڄ سنڌ جا غريب هاري ۽ ٽيسٽ پاس ڪندڙ استاد به اها فرياد ڪري رهيا آهن ته هي منظر ته هنن مارشل لا جي زماني ۾ ڏٺا هيا جيڪي هاڻي جمهوريت جي نالي ۾ ورجايا وڃن ٿا. سنڌ جي ماڻهن کي جيڪي مايوسيون گذريل ڏهن سالن ۾ ٿيون آهن انهن جي باري ۾ اسانجا اديب ۽ دانشور انهن اميدن ۽ آسرن ۾ رهيا ته شايد سڀاڻي اميدن جو سج اڀري ۽ هن پوري دور ۾ اهڙي ڪابه مزاحمتي جدوجهد نه ڪئي وئي جيئن ون يونٽ جي خلاف اسانجي شاگردن، اديبن ۽ ڏاهن رات ڏينهن محنتون ڪيون، شعر، ڪهاڻيون ۽ ليک لکيا پر هاڻي سنڌ جو شاگرد به خاموش آهي ته اديب به، سنڌ فقط اخبارن جي خبرن ۽ احوالن تي هلي رهي آهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي نياڻي شهيد محترمه هڪ دفعو هڪ انگريزي رسالي هيرالڊ کي انٽرويو ڏيندي چيو هيو ته اسان ملڪ ۾ هڪ مڊل ڪلاس پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪو اڃا تائين ٺهي نه سگھيو آهي. شهيد فاضل راهو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، غلام رباني آگرو، ابراهيم منشي، نياز همايوني، نسيم کرل، سرويچ سجاولي ۽ محمد بخش حافظ خاصخيلي جهڙا شاعر به نظر ڪو نه ٿا اچن جنهن کي مون هڪ دفعو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران ڪراچي جي هوٽل پرل ڪانٽينينٽل ۾ اديبن جي هڪ وڏي ڪچهري ۾ گھرائي شام ملهائي هئي، جتي هن پنهنجو مشهور نظم ”توسان هاڻي پاڻي ٿيندو“ ٻڌايو هيو پر هاڻي نه ڪو پاڻي پڇڻ وارو آهي نه پيارڻ وارو، هر ڪو فقط پاڻي ڪڇي پوءِ پروگرام ٺاهي ٿو ته هن کي ڇا ملندو؟ اسانجو پڙهيل لکيل آفيسر به وڏيرن ۽ جاگيردارن جو ڀرجهلو ٿي پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪري رهيو آهي پر قوم لاءِ ڪنهن کي به ڪو فڪر ڪونهي.

ٽوپي ۽ اجرڪ پائي سنڌ جا نعرا هڻي اسان خوشيءَ جو اظهار ڪهڙي بنياد تي ڪيون ٿا جڏهن ته اسانجي تعليم ۽ صحت تباهه ٿي چڪي آهي پر روزانو ٽيليويزن تي هر وقفي ۾ خوبصورت اشتهار ڏسي رهيا آهيون ته ”هي آهي سنڌ جيڪا آهي سڀني کان اڳتي“ ان جو مطلب شايد اهو ئي هوندو ته برابر سنڌ بربادي ۾ سڀ کان اڳتي آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ وري بدامني جو جن بوتل کان ٻاهر ٿي ويو!

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ اڌ صدي کان روشنين جي شهر طور سڃاڻپ رکندڙ شهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے