23 آچر , سيپٽمبر 2018

2017 ملڪ لاءِ مونجهارن ۽ سياسي ٻائيتال جو سال رهيو!!؟

مهتاب اڪبر راشدي

اڄ 2017 به چڱا مَٺا ڏينهن گذاري روانو پيو ٿئي، هي سڄو سال ڄڻ ته سڄي دنيا ۾ عام طور ۽ پاڪستان لاءِ خاص طور وڏن مونجهارن ۽ سياسي ٻائيتال جو سال رهيو. دنيا ۾ سڀني ملڪن جو دادگير آمريڪا، ڊونلڊ ٽرمپ کان پوءِ ته ويتر آپي کان نڪرندو پيو وڃي. آمريڪا جي صدر جا غير ذميواراڻا تعصبي رويا، ڪمزور ملڪن تي ڪاهه ۽ جيڪي سندس رعب دٻدٻي ۾ نه اچڻ وارا آهن تن کي سبق سيکارڻ جا دڙڪا، بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري آهن، هوڏانهن اتر ڪوريا روزانو هڪ نه ٻئي ميزائل جا تجربا ڪري، آمريڪا جو نڪ ۾ دم ڪيون ويٺو آهي ته آمريڪا جنهن جا اسرائيل سان نينهن جا ناتا آهن، تنهن کي بيت المقدس، بحيثيت گاديءَ جي هنڌ ڪرڻ جو پروانو جاري ڪري، ٻلهار پيو وڃي،

ٽرمپ جي ان فيصلي خلاف تقريبن سڄي دنيا آهي، سلامتي ڪائونسل ۾ ان فيصلي خلاف اڪثريت جو گڏ ٿيڻ ۽ ان قرارداد کي آمريڪا جي منظور ٿيڻ کي ويٽو ڪرڻ، سندس وڏي اخلاقي شڪست آهي، باقي رهي سهي ڪسر، جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس پوري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 35 ملڪ اڻ ڌريا رهيا ۽ 218 ملڪ آمريڪا جي فيصلي جي خلاف ۽ 9 ووٽ ان جي حق ۾ آيا. ان جي باوجود آمريڪي نمائندي جو ديده دليريءَ سان اهو چوڻ ته ڀلي ته جنرل اسيمبليءَ ۾ آمريڪا جي ذلت آميز شڪست ٿئي ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي. ڇو ته اسان دنيا جا ٺيڪيدار آهيون، اسان کي جيئن وڻي تيئن ڪنداسين.

پهرين ۽ ٻي جنگ عظيم جي تباهه ڪارين جي نتيجي ۾ جوڙيل اقوام متحده يعني گڏيل قومن جو ادارو هن مهل تائين سواءِ زباني لٻاڙن، بي فائدا قراردادن ۽ ڪجهه سماجي مسئلن لاءِ ٺاهيل اقوام متحده جي ذيلي ادارن ذريعي دنيا ۾ آبادي، ماحوليات، تعليم ، سائنس ۽ عورتن ۽ ٻارن جي سلسلي ۾ فلاحي منصوبا ٺاهڻ کان اڳيان ڪو اهڙو ڪم نه ڪري سگهي آهي، جنهن ۾ ملڪن جي تنازعن کي ختم ڪري سگهجي. دهشت گرد ملڪن کي سزا ڏياري سگهجي ۽ نه ئي دنيا کي ايٽمي جنگ جي خطري کان بچائي سگهڻ لاءِ ڪو موثر قدم کڻڻ جي لائق آهي. جن ملڪن وٽ ”ويٽو“ پاور آهي، اهي هر ان قرارداد کي ناڪارا ڪري ڇڏيندا آهن. جيڪي سندن يا سندن حمايتين جي مفادن جي خلاف هوندا آهن. مطلب ته گڏيل قومن جي مفادن جي تحفظ ڪرڻ وارو ادارو به ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ واري مقولي تي ئي هلي رهيو آهي. اتان ڪنهن به بي ريائي سان انصاف ملڻ جي توقع ڪنهن کي به ناهي.

2017 وارو گذرندڙ سال دنيا کي وڌيڪ غيرمحفوظ ۽ غيرسنجيده سربراهن جي هٿن ۾ ڏئي وڃي رهيو آهي. ايندڙ سال پاڻ سان گڏ مونجهارا کڻي پيو اچي. ان سڄي منظرنامي ۾ پاڪستان هڪ دفعو وري تاريخ جي ”نازڪ“ موڙ تي پهچي ويو آهي. سياستدانن پنهنجي طرفان ته ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن نموني کين ڳٿڙ کان پڪڙي نيڪالي ڏني وڃي ته جيئن وري مظلوميت جو ڊرامو ڪري ووٽ پڪو ڪن. پر ڇا حالتون ايتريون ئي سوليون آهن، جيئن نظر ٿيون اچن؟

پاناما جي تحقيقات، جي آءِ ٽي ۽ نواز شريف جي نااهليءَ کان پوءِ به معاملي جي دز ويهندي نظر نه ٿي اچي. نواز ليگ ۾ اندروني اختلاف ڀل هجن پر ظاهري طور تي (في الحال) سڀ گڏ بيٺل نظر ٿا اچن. هن دفعي لڳي ايئن ٿو ته نواز شريف اينڊ ڪمپني پير کوڙي ادارن جي سامهون بيهي رهڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. پوءِ ڀلي اهو عدليا هجي يا فوج.

افسوس رڳو ان ڳالهه جو آهي ته پنهنجن ڪرتوتن تي شرمندي ٿيڻ بجاءِ سزا ملڻ کان پوءِ به جڏهن ٻاهر ٿا نڪرن ته هنن جا ورڪر يا مداح هنن مٿان گلن جون پنکڙيون نڇاور ٿا ڪن. معنيٰ ته هاڻي عوام وٽ ايمانداري ۽ بي ايماني جي به نه ڪا اهميت آهي نه احساس، هونئن به عام چوڻي آهي ته جهڙا روح تهڙا ختما ۽ اهو به چيو ويندو آهي ته قوم مٿان اهڙا ئي حڪمران مسلط ڪيا ويندا آهن، جهڙي قوم هوندي آهي. ان ڪري ڪير به ڪنهن کي ڏوراپو نه ڏئي ته بهتر. اسان مٿان حڪمراني ڪرڻ وارا اسان جو آئينو آهن، بس ”ديکتا جا شرماتا جا“ پر شرمندو ٿيڻ پاڻ سکيا ئي ناهيون ۽ نه ئي ڪا پارٽي يا انهن جا حمايتي پنهنجن ليڊرن جي ڪرتوتن تي معترض آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي جو هر چور ۽ ڊاڪو ۽ قاتل ڪورٽن مان سزا کائي ٻاهر ٿو نڪري ته ”فتح جو نشان“ يعني شهادت واري آڱر ۽ ان جي پاسي واري آڱر کڻي ”وي“ جو نشان ٺاهي (سنڌين وارو ٻن آڱرين ورو ڀونڊو ڏيندا) کلندا، گارڊ ۽ بندوق بردار پهريدارن جي گهيري ۾ ايئن روانا ٿيندا آهن ڄڻ ته محاذ جنگ تان کٽي موٽيا هجن.

جڏهن ادارن جي بالادستيءَ جي ڳالهه ٿي ٿئي ته فوج ڀلي (ظاهر ظهور) ڪٿي به ڪنهن معاملي ۾ دخل اندازي ڏيندي نظر نه اچي پر ڪير به انهن جي ميدان ۾ موجودگيءَ کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي. ساڳي طرح عدالتون به پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پنهنجن اختلافي فيصلن جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻبيون رهيون آهن. ان ۾ ”نظريه ضرورت“ کان وٺي، ذوالفقار علي ڀٽي جي ”عدالتي“ قتل تائين اهڙا فيصلا ڪيا ويا آهن جن جي ڪري ملڪ بدترين سياسي بحرانن جي ور چڙهي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو گذريل چئن پنجن مهينن ۾ ڪيل اعليٰ عدالت جي فيصلن کي عوام جو وڏو تعداد صحيح ٿو سمجهي، اتي انهن پارٽين طرفان مٿن زور شور سان تنقيد ۽ زباني گولا باري جاري آهي.

اهڙي ئي طريقيڪار تي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به ڏمرجي پيو پر ڳالهه ان کان اڳتي وڌي نه سگهي آهي. عمران خان ته سپريم ڪورٽ جي ان ”صبر“ تي اهو به چئي ڏنو ته جي انهن ماڻهن جي اعليٰ عدليا تي ڪيل تنقيد ۽ بي عزتي کين هضم ٿي وڃي ٿي ته پوءِ عدالت ”توهين عدالت“ وارو قانون ختم ڪري ڇڏي ته بهتر.

تيزيءَ سان بدلجندڙ حالتن تحت مولانا طاهر القادري جي سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي چڪي (جنهن ۾ ايم ڪيو ايم دير سان اچي، فيصلي کان اڳ ٻاهر نڪري آئي) ان ۾ ڪيل فيصلن مان هڪ فيصلو شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله جي استعيفيٰ جي گهر آهي.انڪار جي صورت ۾ 7 جنوريءَ تي احتجاج جي ڌمڪي آهي، في الحال ته اهي سڀ پارٽيون صرف ماڊل ٽائون جي سانحي واري معاملي تي مولانا صاحب جي چوڌاري گڏٿيون آهن، پر اصل ۾ ته سڀني جو گڏيل مقصد هڪ ئي آهي ته حڪومت تي ايترو دٻاءُ وڌو وڃي جو اهي ڪنهن نه ڪنهن نموني پاڻ ئي ”بان“ ڪري ڇڏن، اسيمبليون ٽٽي پون ۽ نين چونڊن جو اعلان ٿي وڃي. ان کان به وڌيڪ (شايد) سينيٽ جي مارچ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ نواز ليگ جي اڪثريت حاصل ڪرڻ وارو مسئلو به آهي. جي ايئن آهي ته پوءِ ڳجهارت ڀڃڻ ته ڪو اهڙو مشڪل ڪم ناهي.

ان وچ ۾ ن ليگ جي مٿين ليڊر شپ  شهباز شريف کان وٺي نواز شريف تائين ڀلي پار پهچي، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سعودي حڪومت جا ڪي اهڙا مسئلا آهن جن ۾ کين حڪومت پاڪستان جي مدد جي ضرورت آهي، يا وري عرب سڳورا پنهنجن پراڻن دوستن جي هميشه وانگر مدد ڪري کين هن ڌٻڻ مان ڪڍي هڪ دفعو ٻيهر فتح جي نشان ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪندا. پر حقيقت شايد ان جي برعڪس آهي، اهو چيو پيو وڃي ته آل سعود وچ ۾ برسر اقتدار بادشاهه ۽ سندس ولي عهد شهزادي جي پاليسين تحت جن شهزادن کي تحقيقات لاءِ نظر بند ڪيو ويو آهي تن ۾ فوت ٿي ويل بادشاهه عبدالعزيز جا پٽ به آهن ۽ ڪي ٻيا شهزادا پڻ جيڪي پيسن جي ڏيتي ليتي ۾ شريف خاندان سان لاڳاپيل رهيا آهن ۽ هو پنهنجي بچاءَ لاءِ کين ڏنل مدد يا فنڊز جي حساب طلبي پيا ڪن.

ڪن کي شايد اها ڳالهه عجيب لڳندي هوندي پر ان کي نظر انداز نه ڪرڻ کپي، اندرون خانه گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي.

اعليٰ عدليا جي ويجهن فيصلن ۾ ڪي تمام ڏکارا فيصلا اهڙا به ٿيا آهن جيڪي نه صرف تڪراري فيصلن ۾ شمار ڪيا ويندا بلڪه سماج جي ڪمزور طبقن لاءِ تمام مايوس ڪندڙ آهن. اهڙن فيصلن ۾ شاهزيب قتل ڪيس جو ڦاسيءَ جو سزا يافتا شاهه رخ جتوئي، بلوچستان جو عبدالمجيد اچڪزئي، جيڪو ڊيوٽيءَ تي بيٺل ٽريفڪ ڪانسٽيبل کي لتاڙيندو هليو ويو ٻه ڏينهن اڳ ڪورٽ ان کي رهائيءَ جا حڪم ڏنا، ٻاهر نڪتو ته ان قاتل مٿان ان جي فدائين گل نڇاور ڪيا. آزاد ٿيل ڌرين طرفان وڪٽري (فتح) جو نشان ٺاهي اهو پيغام ڏنو ته پئسو ڪم ڏيکاري ويو. اسلام اتي به ڪم آيو، قصاص ۽ ديت جو قانون قاتلن جي مدد لاءِ اچي ويو. الله جي ”رضا“ حاصل ڪرڻ لاءِ شاهزيب جي والد، پنهنجي پٽ جي قاتل کي معاف ڪري ڇڏيو، جڏهن ته بلوچستان ۾ گاڏيءَ هيٺان چيڀاٽجي مارجي ويل پوليس عملدار جو پٽ ٻاڪاري رهيو آهي ته اسان کي انصاف ملڻ جي اميد ناهي

سو 2017 وارو آخري سج انڌير نگري انصاف جي تارازيءَ جي هيٺ مٿي ٿيندڙ پڙن ۽ هيڻن جي هيڻائي جا دل ڏاريندڙ واقعا ڏسي، خون رنگ شفق جي رنگ ۾ غروب ٿي ويندو. پر انصاف ملڻ هڪ سوال بڻجي چڪو آهي، ڊاڪٽر عاصم جو نالو به خير سان ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان نڪري چڪو آهي، شرجيل ميمڻ جي ضمانت به ڄاڻ منظور ٿي، بلديا فيڪٽري وارو رحمان ڀولو به پنهنجي اعترافي بيان تان ڦري ويو آهي. ڄاڻ ته اهو به باعزت بري ٿيو. پڪ ڄاڻجو ته اهي سڀ ”معززين“ ڪورٽ مان نڪرندي ئي ٻن آڱرين وارو ڀونڊو سماج کي ڏيکاريندا ۽ منهن تي چماٽ هڻندا، پنهنجي پر ۾ فتح حاصل ڪري اهو ٻڌائيندا ته اسان ٺڳ هجون، چور هجون يا قاتل، اسان وٽ هر طرح جي طاقت ۽ زور آهي، ڪجهه ڪري سگهڻ جي سگهه اٿوَ ته ڪري ڏيکاريو.

ويندڙ سال کي ڪنهن روڪيو آهي جو اهو رڪندو. ايندر سال لاءِ خير جون دعائون گهرو.

کلندڙ جو خير هجي، پر کلن اهي جيڪي کٽن. آهي پاڻ ۾ کٽڻ جي خواهش؟

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

گھڻ براعظمي ايشيائي دنيا خلاف يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري جارحيت

پريم مٿراڻي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، خاص طرح ايشيا ڇو عالمي سماجي سياسي ۽ معاشي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے