25 سومر , جون 2018

21 هين صدي ۾ انساني تاريخ جا وڏا مسئلا ۽ نئين علم جي ڳولا

پريم مٿراڻي

انساني تاريخ جا اهڙا جبرا سوال جن کي جيڪڏهن پڇڻ جي شروعات ڪجي ته جيڪر انهن جا جواب آساني سان حاصل ڪري سگھجن ٿا. مثال:

عقلمند سڏجندڙ انسان (Homo sapience) غريب ۽ جاهل ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟

موجوده سماجي نظام ۾، ماڻهو پنهنجي زندگي ۾، پنهنجي شعور جو ڪيترو سيڪڙو استعمال ڪرڻ جي قابل هجي ٿو؟

ڇا جيئري رهڻ لاءِ ملازمت ڪرڻ يا دنڌو ڪرڻ ضروري آهي؟

تعليم پوري ٿيڻ کانپوءِ نوڪري ڪرڻ ڇو ضروري آهي؟

تعليم حاصل ڪرڻ جو اصل مقصد ڇا آهي؟

ڪنهن ڪاروباري اداري (Enterprise) ۾سڄي حياتي ملازمت ڪرڻ کانپوءِ، آخري حساب ڪتاب (Accounting) ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ يعني سڄي ڄمار ملازم اداري لاءِ ڪيترو پيداواري ڪم ڪيو ۽ موٽ ۾ اداري ملازم جي زندگي ۾ ڪهڙي قدر (Value) جو اضافو ڪيو؟

زمين تي پئسي جو متبادل، معيشيت جو نظام ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ وغيره

تنهن ڏينهن آر ٽي نيوز چينل (RT News) تي ڏٺم ته يمن ۾ لکين ماڻهو بک جو شڪار آهن ٻئي پاسي سپر اسٽورکاڌي پيتي جي شين سان ڀريل آهن پر انهن ۾ هڪ به ماڻهو ڪونهي. مهانگائي جي وڌي وڃڻ جي ڪري اتان جي ماڻهن ۾ شين کي خريد ڪرڻ جي پهچ ئي نه آهي! اهڙي ريت دنيا جي سمورن کنڊن تي نظر ڦيرائبي ته معلوم ٿيندو ته غربت، جهالت ۽ بدامني، اڄ به انساني سماجن جا وڏي ۾ وڏا مسئلا آهن؛ ڪروڙين ماڻهو ”اشرف مخلوق“ مان ڦيرائي ”ويچاري مخلوق“ بڻايا ويا آهن. وچ اوڀر (Middle East) تي نظر وجھبي ته هانوء ڏاريندڙ منظر ڏسي لڱ ڪانڊارجيو وڃن. ڌرتي تي عظيم الشان تهذيبن جا سرواڻ ؛ اڄوڪو عراق ۽ سيريا وغيره بنا ڪنهن سبب جي نيست ۽ نابود ڪيا ويا آهن. شهرن جا شهر کنڊرن ۾ تبديل ڪيا ويا آهن. ڪروڙين خوبصورت انسان بي يارو مددگار پنهنجين پنهنجين ڌرتين تان لوڌيا ويا آهن. انسانيت جي خوفناڪ تذليل جا اهڙا مثال هزارن سالن جي تاريخ ۾ نه ڪڏهن ڏٺا ويا ۽ نه ئي ڪڏهن ٻُڌا ويا. ان جهڙا ۽ ٻيا ڪيترا ئي سوال آهن جيڪي عام ماڻهن جي عام فهم سان سڌو تعلق رکن ٿا. اڄ سال جي پڇاڙي واري ڏينهن تي اچو ته ڪجھ بنيادي مسئلن جو ورجاءُ ڪيون ۽ ايندڙ سال لاءِ اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته انهن مسئلن تي پنهنجي ويچار جو ڪهڙو نئون رخ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مسئلو پهريون: هزارن سالن جو ”ڏاهپ ڀريو تهذيبي ۽ ثقافتي“ (Civilization-Culture) تاريخي پسمنظر رکندڙ، سماجي اڏاوت  جي ”قومي براعظمي“ (National-Continental) سرشتي، ”سياسي ۽ معاشي“ (Political-Economical) سطحن تي، انقلابي ارتقا اهڙو پيچيدو ۽ غيرفطري طريقيڪار اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين، هڪ ويلو ماني، پائڻ لاءِ ٻه وڳا ۽ رهائش لاءِ هڪ جهوپڙو تڏهن ممڪن ٿئي ٿو جڏهن پئسو هجي. يعني تازي ڄاول اگھاڙي ٻار جي ”کيسي“ ۾ به جيڪڏهن پئسو آهي  ته هنکي لٽو نصيب ٿيندو…..! ٻي صورت ۾ هو ڀلي اگھاڙو رهي….! هڪ طرف ڪاروباري ادارن جا حصيدار ۽ اڳواڻ عربين ڊالرن جا مالڪ آهن ته ٻئي پاسي انهن جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم، هڪ يا ٻه ڊالر في ڪلاڪ جي اجرت تي پورهيو ڪن ٿا. آخر اهڙي استحصالي معاشي پيداواري نظام جي ضرورت ڪهڙي آهي جنهن ۾ عربين انسان، ”ملازمت جو پٽو“ پائڻ تي مجبور ۽ بيحال آهن ۽ چند انسان سکيا آهن؟ سماجي ارتقا جو هي ڪهڙو اڙانگو، وچڙيل ۽ اڻٽر طريقيڪار آهي جيڪو عربين انسانن کي ٿورڙن ماڻهن جو ”ملازمتي تابعدار“ بڻجڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو؟ ڇا ان بيرحم سماجي معاشي انقلاب جو نعم البدل اهڙو معاشي جمهوريت پسند (Democratic Economy) سماجي نظام ممڪن نٿي ٿي سگھيو، جنهن تي انساني سماج، روز اول کان وٺي ارتقاپذير ٿئي ها؟

مسئلو ٻيو: جديد ٽئڪنالاجي تي سرمائيداري سرشتي جي هڪهــٽي ڪارڻ، سائنس ۽ ٽئڪنالاجي (Science & Technology) ٿورڙن ماڻهن لاءِ منافعو پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وئي آهي. اها مجموعي طور، سموري انسانذات لاءِ انتهائي محدود حد تائين ڪارائتي ٿي سگھي آهي. ٽئڪنالاجي مان فائدي حاصل ڪرڻ جي حد جو فيصلو ڪاروباري ادارن جا حصيدار، اڳواڻ ۽ انهن جا جوڙيوال سياسي ۽ رياستي ٿنڀن جا سربراھ ڪندا آهن. منافعي بخش، صنعت ۾ سيڙپ ڪئي ويندي آهي ۽ سموري انسانذات لاءِ سک پيداڪري سگھندڙ ٽئڪنالاجي، جيڪا منافع بخش نه هجي ان ۾ سيڙپ نه ڪئي ويندي آهي. اهڙي ريت سرمائيداري سرشتو، حقيقي ٽئڪنالاجي ترقي تي مڪمل پابنديون مڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان جي جڳهه تي ٽيڪنالاجي ۾ ”سطحي تبديليون“  (Superficial Change) آڻي ان کي، ”انقلابي تبديلي“ ڪري پيش ڪندو آهي. ڏسندي ئي ڏسندي سائنسي ۽ ٽئڪنالاجي تحقيقي ادارا، سيڙپڪاري سان مشروط ٿيندي،  اجگر ڪاروباري ادارن جا زيردست ٿي ويندا آهن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ تحقيق به انتهائي محدود حد تائين، مقرر ٿيل دائري ۾ پئي ڦرندي آهي ۽ اڳتي وڌي نه سگھندي آهي. ”سطحي ٽئڪنالاجي ترقي“ کي ”ٽئڪنالاجي انقلاب“ ڪري پيش ڪندڙ سرمائيداري ڪاروباري ادارا، اهڙي نامنهاد انقلاب جا خودساخته دعويدار بڻجي ويندا آهن.

مسئلو ٽيون: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حقيقي ترقي ۾، سرمائيداري سرشتو نه رڳو زبردست رڪاوٽون پيدا ڪندو آهي بلڪ انجي رستي ۾ ديوار بڻجي ويندو آهي پر هو ڏيک اهڙو ڏيندو آهي ڄڻ ته ترقي جو سمورو بار سرمائيداري جي نازڪ ڪلهن بيٺل آهي…. ! سرمائيداري سرشتي ۾، سائنسي نظرين کي پاڻڀرو، طاقتور ۽ خودڪار بنائڻ جي بدران انهن کي سرمائيداري ادارن جي ڪلهن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. سائنسن جي گڏيل همئه گيريت کي سائنسي انفراديتن (Specializations) ۾ ورهائي، انهن کي وري گڏائي فلسفياڻي شڪل (Philosophic Form) ڏيڻ جو ڪو به بندوبست نه ڪيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته سرمائيداري سائنسي انفراديت کي پنهنجو نظرياتي جيئندان ۽ سائنسي فلسفي (Scientific Philosophy) کي پنهنجو موت سمجھندي آهي.

ٿورائي جي گھڻائي تي بالادستي واري سرشتي کي قائم ڪندڙ سرمائيداري، سائنسي علمن ۾ به انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. سرمائيداري نظرئي مطابق سائنس، سائنسي ماهرن (Specialist) جي ملڪيت (Property) آهي جيئن پيداواري وسيلن جا مالڪ سرمائيدار آهن تئن سائنسن جا پالڻهار، لاڳاپيل مضمونن جا ماهر سائنسدان (Scientists) ئي آهن. انهن جي نظر ۾سائنس جو سفر فطرتي لقائن جي پرک کان شروع ٿئي ٿو ۽ سائنسدانن جي تحقيق تي ختم ٿئي ٿو. جڏهن ته جدلياتي نظرئي مطابق، سائنسي قانونن جي حيثيت علمي مواد (Content of Knowledge) جي آهي ۽ سائنسي فلسفو علمي صورت (Form of Knowledge) کي پيش ڪري ٿو. اهڙي ريت سائنسي نظريا ۽ قانون (Theories & Laws)، سائنسي فلسفي کان الڳ نٿا ڪري سگھجن. سرمائيداري نظرئي مطابق، سائنسي تحقيق ، سائنسي فلسفي کان ڌار مابعدالطبعياتي وجود رکي ٿي. ڪيترين ئي معناعن ۾ سرمائيداري نظريو فلسفي کي اخلاقيات (Ethics) جي حد تائين محدود رکي ٿو ۽ سائنسي فلسفي جي وجود کان لاتعلقي ظاهر ڪري ٿو.

ڳالهه صرف اتي کُٽي نٿي. سرمائيداري سائنسي فلسفي کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ خالص رياضي (Pure Mathematics) جو استعمال ڪري ٿي جنهن ۾ اهڙي طبعيات تيار ڪئي وڃي ٿي جنهنجو وجود رياضي منجھان ئي پيدا ٿيل هجي ٿو ۽ طبعياتي مسئلن کي مساواتن ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. مثال ايٽمي نظريو (Atomic Theory)، بجلي (Electricity)، قوت (Force)، توانائي، گھڻ ابعاديت (Multi-Dimensions)، وقت (Time)، لهري-ذراتي  نظريو (Wave-Particle Theory) وغيره جي تعريف ۾ پنهنجو پاڻ کي جديد سڏائيندڙ طب (Modern Physics) سدائين مونجهاري جو شڪار رهي آهي. ساڳي ريت رياضي ۾ سيٽ جو نظريو، جاميٽري، مبهم دارومداريت (Discrete Functions)، وغيره جهڙا بنيادي موضوع سالن جا سال اسڪولن ۾ پڙهائڻ کانپوءِ به شاگردن کي سمجھ ۾ نه ايندا آهن. انجو ڪارڻ اهو ئي آهي ته سرمائيداري تدريسي طريقيڪار ۾، سائنسن کي انفرادي حيثيت ۾ پڙهائڻ سان گڏوگڏ، انهن کي اجتماعي شڪل ۾ پڙهائڻ جو ڪو به طريقو موجود نه هوندو آهي.  جدلياتي فلسفو (Dialectical Philosophy) جيڪو طبعيات ۽ رياضي جي نچوڙ منجھان تيار ٿيل اهڙو سائنسي طريقيڪار آهي جنهن سان ڪائناتي لقائن کي سندن ابتڙن جي سائنس کي سمجھي سگھجي ٿو. علمي هٿ چراند جي اهڙي سرمائيداري تدريسي طريقيڪار جو مکي ڪارڻ اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته نوجوانن وٽ تعليم جو مقصد، پڙهائي پوري ٿيڻ کانپوءِ، سرمائيداري پيداواري ادارن ۾ ملازمت اختيار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه هجي. بنا ڪنهن سوال جواب جي نوجوان پنهنجي پڙهائي پوري ڪري، سرمائيداري ڪاروباري ادارن لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪن.

مسئلو چوٿون: ”منافعي پسند“ سرمائداري نظام ۾ سماجي ”معيشيت ۽ سياست“ ۾ سرمائيداري ڪاروباري ادارا معاشي هڪهٽي (Economical Dictatorship) لاڳو ڪرڻ جا بدترين ڳڙھ بڻيل هوندا آهن جتي ڪاروباري ادارن جا آڱرين تي ڳڻ جيترا ٿورڙا حصيدار ۽ اڳواڻ (Shareholders & Directors) پيداواري وسيلن جي مالڪي (Ownership) جا دعويدار بڻيل هوندا آهن ۽ روزگار جي نالي ۾، ڌرتي تي وسندڙ سموري انسانذات، انهن جي مڙهيل ڪاروباري ادارياتي معاشي هڪهٽي قبول ڪرڻ جي پابند بڻجي ويندي آهي. ڪاروباري ادارن جا پيداواري هدف ماڻهن جي ضرورتن جي بدران منافعي حاصل ڪرڻ جي جنون سان مشروط ٿيل هوندا آهن. سموري انسانذات کان ڪرايل جبري پورهئي (Labour) وسيلي، اڻکٽ پيداواري انبوهن (Accumulation) سان ڀريل بازار (Market) به سرمائيداري منافعي جا ناجائز هدف پورا نه ڪري سگھندي آهي. نتيجي ۾ نت نون اقتصادي نظرين جو سهارو وٺندڙ سرمائيداري معيشيت سدائين بحرانن جو شڪار ٿيندي رهندي آهي.

 

مسئلو پنجون: قومي ۽ براعظمي مسئلو اڄ جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي. سرمائيداري قومي تشخص کي تسليم نه ڪندي آهي ۽ نه ئي انساني سماجن جي براعظمي جوڙجڪ ۾ انجو ويساھ هوندو آهي. هن وٽ سماجي جوڙجڪ جو رياستي سرشتو، معاشي ڦرلٽ جو واحد ذريعو بڻجي ويندو آهي. معاشي ڦرلُٽ جو ڀوائتو عمل قومي سطح تي به جاري رهندو آهي ته براعظمي سطح تي به جاري رهندو آهي. براعظمي سطح تي، ڦرلٽ جي عمل ۾ رياستون هڪٻئي جو خوفناڪ استحصال ڪندي نظر اينديون آهن جيئن هڪ جانور ٻئي جانور جو شڪار ڪندو آهي. سرمائيداري استحصال جي اهڙي ڀوائتي شڪل انسانيت کي پهرين، ٻي ۽ ٽين دنيا ۾ ورهائي ڇڏيندي آهي.

مسئلو ڇهون: سرمائيدار اليڪشني جمھوريت جي وڏي واڪي حمايت ڪندي نظر اچن ٿا ڇاڪاڻ ته سرمائيداري نظام جمھوريت جي تصور کي سياست، اليڪشن ۽ ووٽ تائين محدود رکي ٿو ۽ سرمائيدار پنھنجي ٻاھرين ڏيک ۾، سياست کان بيخبر ۽ لاتعلق نظر اچڻ چاھي ٿو. درحقيقت سرمائيدار ٻن معناعن ۾اليڪشني جمھوريت جو علمبردار بڻجڻ چاهي ٿو ـ

پهريون ته هو سياسي ايوانن ۾عوامي سطح تي چونڊيل نمائندن ذريعي پنھنجن مفادن جو تحفظ ڪري . ايئن ڪرڻ سان سرمائيداري مفادن کي سڌي- اڻ سڌي ريت عوامي مڃتا جو ووٽ ملي وڃي ٿوـ ٻيو مقصد اهو جيڪو سرمائيدار اليڪشني جمھوريت جو وڏي واڪي حمايتي بڻجي، حاصل ڪرڻ چاهي ٿو اھو ھي ته اليڪشن جي ٿيڻ سان جمھوريت جو عمل مڪمل ٿي وڃي ٿو ۽ جمھوريت سياست، سرمائيداري رياست جو بنيادي طريقيڪار آھي. ايئن ڪرڻ سان ئي سرمائيداري ڪاروباري هڪهٽي قائم ٿي سگھي ٿي. سرمائداري سماجي نظام ۾ سياست جمھوري (اليڪشني) ھجي ٿي ۽ معيشيت غيرجمهوري ھجي ٿي. سرمائيداري سرشتو ووٽ ذريعي، هڪ ڏينهن ۾، سياسي جمهوري عمل جو پورائو ڪري باقي سموري حياتي ماڻهن تي معاشي ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪري ٿو ۽ پنهنجي مڙهيل پيداواري هدفن لاءِ ملازمن جي رضامندي ۽ ڪاروباري فيصلن ۾ انهن جي شرڪت کانسواءِ، انهن جي پورهئي جو مسلسل استحصال ڪري ٿو.

انهن مسئلن جو حل نئين علم جي تخليق سان ئي ممڪن آهي. موجوده علم ۾ انهن انساني سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي قوت باقي نه رهي آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے