18 جمعرات , جنوری 2018

منهنجو ڳوٺ ۽ راڳي

ستار پيرزادو

اسان جو ڳوٺ ننڍڙو هوندي به راڳ جي شوقينن جو مسڪن رهندو پئي آيو آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ راڳ جا ڄاڻو به جھجھا ئي هوندا هئا۽ ڳائڻا به ڪافي تعداد ۾ رهيا آهن. پر اڄڪلهه ته اسان جي ڳوٺ ۾ راڳ جي ڄاڻن سان گڏ راڳين جو به فقدان ٿي ويو آهي.  اسان جي ڳوٺ ۾ جڏهن يار محمد پيرزادو  فقيري خيال جو بڻيو ۽ سخي شاهه جمال تي چاچي ڪريم بخش جي حمر فقير جي درگاهه ڳوٺ بگِيءَ ۾ وڃي رهڻ لڳو ته اتي يار محمد کي ويهاريو ويو.هن جو خيال هو ته راڳ جي رستي روحانيت جي حاصلات ڪري ٿي سگھجي.ان ڪري هن ميهر فقير ڪاسائيءَ کي راڳ لاءَ تيار ڪيو. ميهر فقير جو آواز ته اڳ ئي بهتر هوندو هو، پر هن کي راڳ جي پوري سکيا يار محمد ڏئي پورو تيار ڪري ڇڏيو هو. تنهن ڪري اڪثر هو شاهه جمال ۽ ملوڪ شاهه تي ڳائيندو هو. پر اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪي راڳ جا مُهان ڄاڻو هئا، انهن جو هتي مختصر احوال ڏيڻ پسند ڪندس.

نانو غلام حسين:

نانو غلام حسين  منهنجو سڳو نانو ۽ حاجي لعل بخش شيخ جو وڏو پٽ هو.هو حليم طبيعت جو مالڪ، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ مور، فارسي علم جو ماهر هوندو هو.هن پنهنجي دؤر ۾ فارسي سڪندر نامي تائين پڙهي هئي. هن جي لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته هن راڳ جي باقائدي سکيا ته ڪٿان ڪانه ورتي هئي. کيس اها ڏات هئي جو کيس راڳن جا ٺاٺ ۽ سڀ راڳڻيون ڳائڻ اينديون هيون. مون کيس ڪڏهن سازن سرودن تي ته ڳائيندي ڪو نه ٻڌو هو، باقي اها سو خبر اٿم ته اسان ٻارن جي چوڻ يا ڪڏهن زور ڀرڻ تي، ته ”نانا اسان کي سر سارنگ ٻڌاءِ.“ ته هو جڏهن سارنگ ڳائيندو هو ته نه ڄاڻ ڪٿان بادل گڏ ٿي ويندا هئا ۽ مينهن اوڙڪون ڪري وسي پوندو هو. اسان جي ناني اسان کي دڙڪا ڏيندي هئي  ته اسان جو گھر جھريل آهي، سڄو الهه تلهه پسي ويندو. وري ناني کي به دڙڪا ڏيندي هئي ته،” نه ٿو ڏسين، نه ڪو ٿو سوچين، بس  ٻارن جي چئي تي اچي ٿو شروع ٿئين، اهو به نه ٿوسوچين ته گھر جي ڇت جھريل آهي، سڀ هنڌ ٽپڙ پسي ويندا.“ اڃان ته اسان ناني غلام حسين کي اهو تڏهن ٻڌو هو، جڏهن هو ستر ورهين کان به مٿي ڄمار جو هو، باقي جنهن کيس جوانيءَ ۾ ٻڌو هجي ته چئي نه ٿو سگھجي. سندس هڪڙي ڳالهه اها مشهور آهي ته خدا بخش  جي شاديءَ تي هڪ راڳي جيڪو انهن ڏينهن ۾ تر ۾ مشهور معروف هو ان کي گھرايو ويو هو ته جڏهن هن راڳ ڳائي بس ڪيو ته ناني غلام حسين چيس ته،” تو ته رات ڪري ڇڏي؟“ يعني تو صبح جو راڳ ته ڳايو ئي ڪو نه؟ ان تي اهو راڳي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ هو ٻلهڙيجيءَ ۾ ٻيو ڏينهن به رهي پيو ۽ وري ٻي رات به ڳاتائين ۽ صبح جي راڳ تي راڳ بند ڪيائين.ِ حقيقت ۾  نانو غلام حسين لواري شريف جو معتقد هو ۽ لورا شريف جا بزرگ صوفين جي سلسلي نقشبنديءَ سان تعلق رکندڙ ۽ ان تي سؤ سيڪڙو پختا هوندا هئا۽ نقش بندين وٽ راڳ ڪن مخصوص موقعن جي باقي ڳائڻ ۽ ٻڌڻ جي منع ٿيل آهي. ڇو ته هو شريعت جا پابند هوندا آهن. ان ڪري هو راڳ کي غربت هوندي به پنهنجي روزگار جو ذريعو بڻائي نه سگھيو هو.

نانو جان محمد:

نانو جان محمد جيڪو حاجي لعل بخش جو نياڻو هو،هن لاءِ اسان کي اها خبر آهي ته هو باقائدي راڳ جي سکيا ورتل هو،  پر اها ڄاڻ نه آهي،  ته هن جو راڳ ۾ استاد ڪير ۽ ڪٿان جو هو. مون هن کي به پنهنجي ٻالاپڻ ۾ ڏٺو هو پر کيس ڪڏهن ڳائيندي نه ڏٺو نه ٻڌو هوم. هو اڪثر جوانيءَ ۾ ته ڳوٺ کان ٻاهر رهندو هو ۽ ڳوٺ به تمام گھٽ ايندو هو. مون جڏهن سانڀر ۾ ڏٺو ته هو وڏڙي ڄمار ماڻي چڪو هو ۽ اڪثر ماٺ ميٺ ۾ رهندو هو، تمام گھٽ ڳالهائيندو هو. ٿي سگھي ٿو ته مون کان اڳ واري ٽهيءَ کيس ٻڌو هجي.

مريد فقير:

مريد فقير اصل ۾ ماڇي هو، سندن پاڙو منهنجي گھر جي بنهه پويان ۽ سخي شاهه جمال جي روضي جي آڳر سان لڳو لڳ هوندو هو ۽ ڳوٺ ۾ انتهائي غريب خاندان شماريو ويندو هو. سندن خاندان يا ته محنت مزدوري ڪري زندگيءَ جو گاڏو گهليندا هئا يا وري مڇي ماري اها وڪڻي گذارو ڪندا هئا.

قدرت کيس آواز ڏاڍو سريلو  بخشيو هو،  ۽ کيس راڳ جي ڄاڻ به هئي. ويچارو ڏاڍو سادڙو سودڙو ٻڍو شخص هوندو هو. اڪثر سخي شاهه جمال تي ويٺل ملندو هو. هن به راڳ جي ڪا باقائدي سکيا ڪانه ورتي هئي، پر پنهنجي شوق ۽ ٻڌ سڌ تي راڳ پڪو ڪيو هئائين. هو اڪثر يڪتاري تي ڳائيندو هو. هن جو سُر جھيڻو ۽ سڌو سئون دل تي اثر ڪندڙ هو. هو اڪثر سخي شاهه جمال  تي راڳ جي چؤنڪي ڏيندو هو. اسان جي ڳوٺ ۾ جيئن ته هر سومر تي اهي ئي ڳوٺاڻا راڳي راڳ ڳائيندا هئا،  تنهن ڪري انهن ويچارن کي ڪوبه پئسو ته ملندو  ڪو نه هو، پر هو سخي شاهه جمال يا ملوڪ شاهه بادشاهه جي مزارن تي پنهنجي مان شوق ۽ فرض ڄاڻي ڳائيندا هئا ۽ ڪنهن به قسم جي لالچ نه رکندا هئا. مريد فقير اڪثر ٻه چار ٻول ئي پڙهي سگھندو، هو پوءِ جلد ٿڪجي پوندو هو.  سندس ڦڦڙ ايتري ئي اجازت ڏئي سگھندا هئس. غربت جي ڪري سندس خوراڪ به سادي سودي هوندي هئي.باقي هو هر جمعي رات ملوڪ شاهه تي ۽ سومر رات سخي شاهه جمال ٿي چونڪي ضرور ڏيندو ۽ پنهنجي مڌر ۽ سريلي آواز سان ڳوٺ وارن کي ضرور وندرائيندو هو. هو به ڳوٺ کان سواءِ ٻاهر ڳائڻ نه ويندو هو.

مجنو فقير:

مجنو فقير اصل ۾ پراڻي ٻلهڙيجيءَ جو جدي امجدي رهاڪو هو ۽ ملوڪ شاهه بادشاهه جي تربت جي اوتاري جو مجاور هوندو هو. هن يار شادي به ڪا نه ڪئي هئي، رهندو به ملوڪ شاهه جي اوتاري ۾ هو. ملوڪ شاهه جو اوتارو اصل ۾ ڳوٺ جي اوڀر ۾، جھلي بند جي به اوڀر ۾ ۽ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ کان ڪو فرلانگ ٻن جي مفاصلي تي آهي. جنهن لاءِ اسان جي ڳوٺ۾ اها روايت مشهور آهي ته درياهه شاهه ۽ ملوڪ شاهه جو پاڻ ۾ اهو ضد آهي ته درياهه شاهه ان جي تربت کي لوڙهڻ ٿو گھري  پر ملوڪ شاهه جو هن کي اهو چوڻ آهي ته تون ڪيڏي به ڪوشش ڪر پر مون کي ٻوڙي يا لوڙهي نه سگھندين، ان ڪري ڪيترو به پاڻي ايندو آهي ته ملوڪ شاهه بادشاهه جي تربت اڃان به اونچي ٿيندي ويندي آهي. اسان جي ئي سانڀر ۾ سنڌ ۾ ڪيڏيون ئي ٻوڏون آيون آهن ، پر ملوڪ شاهه کي درياهه شاهه ٻوڙي يا لوڙهي نه سگھيو آهي.

مجنو فقير ان درويش جي سنڀال ۽ ٽهل ٽڪور ڪندو هو. هو به يڪتاري ۽ چپڙين تي ڳائيندو هو، سندس آواز مٺڙو هوندو هو پر هن جي عادت اها هوندي هئي جو ٽي چار ڪلام لاڳيتو ڳائي بس ڪندو هو، ڄڻ ٿڪجي پيو هجي. پر هو ڍولڪي وڄائڻ ۾ اصل نه ٿڪبو هو. هن کي راڳ جي خاصي ڄاڻ هوندي هئي. مون هن کي پنهنجي چڱي وهيءَ کان ٻڌو هو. هڪڙي ڀيري استاد منظور علي خان اسان جي مختيار جي شاديءَ تي آيل هو، برسات به ڏاڍي پئي هئي پر رات تائين ڦڪرائي ٿي وئي هئي. ڪاڪي قادن ۽ خدا بخش جن جي واڍڪي دڪان ۾ هن جو راڳ رٿيو ويو هو. خلق اچي ڪٺي ٿي هئي. ان موقعي تي مجنو فقير جيڪو سادڙن سودڙن ڪپڙن ۾ ملبوس هڪڙي ڪنڊ ۾ ويٺو هو، تنهن استاد منظور کي هڪڙي فرمائش ڪئي ته،” استاد اسان کي راڳ ’لِلَتِ‘ ته ٻڌاءِ؟“ هن راڳ ته ٻڌايو هو پر پوءِ جٿي ڪٿي چوندو هو ته،” راڳ ٻلهڙيجيءَ وارا ٻڌندا  ۽ سمجھندا آهن،  باقي ٻيا ته پئسا ڏيندا  ۽ پئسي جو نماءُ ڪندا آهن.“

مجنو فقير ڍولڪ ڏاڍي سٺي وڄائيندو هو.ان ڪري هو ڳوٺ جي هر راڳيءَ سان ڍولڪ تي ساٿ ڏيندو هو ۽ اصل نه ٿڪبو هو.

علڻ ڪاسائي:

هو اسان جي ڳوٺ جي پراڻي ٻلهڙيجيءَ جو رهواسي هو، سندس وڏا ڳوٺ ۾ ڪاسائڪو ڪم ۽ هارپو ڪندا هئا (هاڻ هو پاڻ کي انصاري سڏائڻ لڳا آهن) انهن ڏينهن ۾ اسان جو ڳوٺڙو غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو هو، انڪري اسان جي ڳوٺ ۾ ڪو هر روز پهرو پاتو نه ويندو هو، باقي ڳوٺ ۾ ڪنهن خير خيرات ڪئي يا ڪا شادي مرادي ٿي ۽ پهرو پارايو سو به هنن کي صرف گھر جي لاءِ گوشت ڏنو ويندو هو، باقي ڪا  به رقم پهرو پائڻ جي نه ڏني ويندي هئي ۽ نه ئي هو ان جي گهر  ئي ڪندا هئا. جڏهن به ڪنهن کي پهرو پارائڻو هوندو هو ته ڪاڪي صابن ڪاسائيءَ کي سڏائيندا هئا. علڻ فقير سندس پٽ هو. علڻ فقير باقائدي راڳ جي سکيا ورتل هو پر اها ڄاڻ نه اٿم ته هن ڪٿان راڳ سکيو هو. کيس راڳ جي پوري ڄاڻ هوندي هئي. اڪثر ٻين ڳوٺن ۽ شهرن ۾ به محفلون ڪندو رهندوهو،  پر جڏهن به هو ڳوٺ ۾ هوندو هو ته ملوڪ شاهه تي جمعي رات ۽ شاهه جمال تي سومر رات ضرور چؤنڪي ڏيندو هو.هڪڙي ڀيري هن ناچن جي ٽولي به ٺاهي هئي. جنهن لاءِ هن ڳوٺ جا به ڳڀرو نينگراچونڊيا هئا جن ۾ هڪڙو قربان ماڇي هو  ۽ ٻيو قربان پيرزادو هو. انهن کي ساڻ ڪري هو ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳائيندو ۽ روزگار حاصل ڪندو هو. سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن وغيره ۾ به ڳائڻ جي لاءِ ويندو هو. سندس ٽولي ۾ ڍولڪي نواز اڪثر مجنو فقير ۽ جانڻ هوندا هئا.هو باجي تي ڳائيندو هو ۽ ڳوٺ ۾ راڳ جي سٺي ڄاڻ رکندو هو. پر هن به پنهجي پويان ڪو به اولاد مان اهڙو پٽ تيار نه ڪري سگھيو جو هن جي جاءِ والاري سگھي ها.هاڻ سندس پٽ محمد موسيٰ راڳ ڳائيندو آهي پر هن کي راڳ جاپورا انگ  به نه ايندا آهن.         (هلندڙ)

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے