17 اربع , جنوري 2018

2017ع جا ڪجهه اهم ملڪي واقعا

شفيق الرحمان شاڪر

پاڪستان جي ڇهين آدمشماري؛پاڪستان ۾ 1998ع کانپوءِ مختلف سببن ڪري ماڻهن جي ڳڻپ نه ٿي سگھي. مارچ 2017ع ۾ ڇهين آدمشماري شروع ڪئي ويئي جيڪا مڪمل ٿيندي ئي ان جي تڪراري نتيجن تي بحٿ مباحثا شروع ٿي ويا، آئيني گھرجن موجب هر ڏهن سالن بعد ملڪ ۾ لازمي آدمشماري ڪرائڻي آهي پر هتي قصو ئي نرالو آهي.حڪومتي ادارن تي عوام جي عدم اعتماد واري ڪيفيت سبب هن ڪم ۾ به فوج کي گهليو ويو.اٽڪل 190،000سويلين عملي سان گڏوگڏ اٽڪل ٻه لک فوجي عملي به هن عمل ۾ حصو ورتو.

مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران آدمشماريء جي نتيجن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو.قومي اسيمبليء ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه مطالبو ڪيو ته شماريات ڊويزن جي انگن اکرن کي فوجي عملي طرفان گڏ ڪيل انگن اکرن سان ڀيٽايو وڃي.پي پي پي طرفان انهن نتيجن کي نوازليگ حڪومت جي بدنيتي قرار ڏنو ويو جڏهن قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ نمائندن،پي ٽي آءِ ،ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي به انهن نتيجن تي ڪنهن نه ڪنهن انداز سان پنهنجن شڪن شبهن جو اظهار ڪيوآهي .جنهن جي نتيجي ۾ نئين آدمشماريءَ جي بنياد ٿيندڙ نين تڪبندين جو بل به گھڻي عرصي تائين رولڙي جو شڪار رهيو ۽ نيٺ حڪومت جي خاطرين بعد پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويو.

نوازشريف جي نااهلي؛سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 28 جولائي تي پاناما پيپرز ڪيس ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏيندي سندس خلاف نيب کي ريفرنس احتساب عدالت ۾ موڪلڻ جا حڪم ڏنا.سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کانپوء نوازشريف وزيراعظم جي عهدي تان هٽايو ويو پر هن عدليا خلاف مهم جي شروعات ڪري ڇڏي جيڪا اڄ تائين جاري آهي.سپريم ڪورٽ ۾ نوازشريف خلاف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد احمد ۽ جماعت اسلاميءَ جي سربراهه سراج الحق اهي درخواستون داخل ڪيون هيون.نوازشريف جي نااهليءَ جي نتيجي ۾ وفاقي ڪابينا تحليل ٿي هئي. مسلم ليگ نون طرفان شاهد خاقان عباسيء َ کي نئون وزيراعظم نامزد ڪيو ويو جنهن پنهنجي عهدي جو قسم کنيو

بينظير قتل ڪيس جو فيصلو؛ 31 آگسٽ تي پاڪستان جو هيء هڪ تڪراري ٽريل پراسرار انداز ۾ ملڪ جي اڳوڻي فوجي صدر جنرل پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيئي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جي فيصلي سان نيٺ پڄاڻيء تي پهتو.ٻن پوليس اعليٰ عملدارن  کي  پنهن جي فرضن ۾ غفلت سبب ست سال قيد جي سزا ٻڌائي ويئي پر ان قتل جو اصل ذميدار ڪير آهي، ڪورٽ ان جو فيصلو نه ڪري سگھي جڏهن ته قتل ۾ نامزد ڪيل سمورا ملزم باعزت بري ڪيا ويا. هن ڪيس جو هڪ ٻيو سمجھه ۾ نه ايندڙ نڪتو اهو به آهي ته ان پوري عدالتي عمل دوران پاڪستان پيپلز پارٽيء جي قيادت ان معاملي ۾ ڪابه دلچسپي نه ورتي.

اسلام آباد ۽ لاهور ڌرڻا ؛ اسلام آباد ۾ فيض آباد واري هنڌ تحريڪ لبيڪ يا رسول الله طرفان ٽن هفتن جو ڌرڻو هنيو ويو ۽ انهيءَ سان گڌ لاهور توڙي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ساڳئي قسم جا ڌرڻا هنيا ويا جن جو پس منظر اهو جو حڪومت پاران نومبر ۾ چونڊ سڌارن جي حوالي سان پارليامينٽ مان هڪ بل منظور ڪرايو ويو جنهن ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ آئين ۾ ختم نبوت جي حوالي سان موجود حلف نامي جي لفظن ۾ ترميم ڪئي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ پوري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا ۽ تحريڪ لبيڪ پاران ان وقت جي وفاقي وزير قانون جي استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو جيڪا گھر حڪومت طرفان نه مڃڻ جي نتيجي ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويو ۽ ملڪ جي گاديء واري شهر ۾ زندگي مفلوج بڻجي ويئي. آخرڪار ڳالهين بعد اهو ڌرڻو زاهد حامد جي استعيفا ڏيڻ تي ختم ٿيو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے