19 اربع , سيپٽمبر 2018

سوارا ڀاسڪر جو همنشو سان لاڳاپن جو اعتراف،شادي واريون خبرون رد

SwaraBhaskar_jpg_1912509fممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هوءَ ليکڪ همنشو شرما سان شادي جي رٿابندي ڪري رهي آهي، هڪ ڀارتي خابرو اداري سان ڳالهائيندي سوارا چيو ته اسان هڪ ٻئي سان پيار ڪيون ٿا، ملون ٿا، خوش ۽ پرعزم آهيون پر هن وقت اسان ٻئي پنهنجي ڪيرئير ۾ مصروف آهيون، تنهن ڪري شادي وارا افواهه بي بنياد آهن، ڀارتي ميڊيا ۾ اهي خبرون هلي رهيون هيون ته سوارا ۽ همنشو هلندڙ سان جي پڄاڻي تائين شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا، سوارا انهن خبرن کي رد ڪندي چيو ته اها خبر بلڪل ڪوڙي آهي، في الحال اسان جي شادي ڪرڻ جو ارادو ناهي، هن همنشو سان پنهنجي لاڳاپن جو کليل لفظن ۾ اعتراف ڪيو ۽ چيو ته اسان خوش آهيون، هاڻ توهان به سمجهي ويا هوندا ته همنشو منهنجو وڻندڙ ڊائلاگ ليکڪ ڇو آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے