18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سعد رفيق جي بيان تي فوج کي شڪايت هئي ته گڏ ويهي ڳالهه ڪري ها: خرم دستگير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته سعد رفيق جي بيان کانپوءِ آءِ ايس پي آر کي بيان ڏيڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي ها، جيڪڏهن فوج کي شڪايت هئي ته گڏ ويهي ڳالهه ڪري ها. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته ريلوي واري وفاقي وزير جي بيان کانپوءِ آءِ ايس پي آر کي احتياط ڪرڻ گهرجي ها پر ٻنهي پاسن کان احتياط سان ڪم وٺڻ گهرجي ها، سعد رفيق جمهوري شخص آهي، جنهن تي مشرف دور ۾ تشدد ڪيو ويو، سول ملٽري تڪرار رهندو پر آئين جي روشني ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته بچاءَ وارو وزير باس نه پر پاڪ فوج ۽ حڪومت وچ ۾ سهولتڪار آهي، باس وزيراعظم هوندو آهي، اهو فورسز سان سنئين سڌي ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي،27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے