24 آچر , جون 2018

ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، ٽيڪس جي ڪير به آڊٽ ڪري ته حاضر آهيان: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل چيو آهي ته منهنجي ڪمپني 40 کان 45 ڪروڙ رپيا ٽيڪس ڏيندي آهي، مان ايف بي آر کان هڪ پئسو به واپس نه وٺندس، انڪم ٽيڪس جي ڪير به آڊٽ ڪرڻ چاهي ته حاضر آهيان. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته سياسي عدم استحڪام سان معاشي استحڪام به گهٽجندو آهي، سياسي ڏکيائين سبب معاشي ڏکيائيون پيدا ٿينديون آهن، اسان ملڪ ۾ ڪيترائي وسيلا پيدا ڪيا، اڄ وڏي مقدار ۾ بجلي ملي رهي آهي، گئس جي مسئلي تي به گهڻي حد تائين قابو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سي پيڪ درست وقت تي آيو، چين ان وقت اسان سان سيڙپڪاري ڪئي، جنهن وقت ڪير به نه ڪري رهيو هو. سندس چوڻ هو ته اڄ جو پاڪستان 2013ع جي پاڪستان کان گهڻو مختلف آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Seattle prepared the Pakistan Local resources

پاڪستان مقامي وسيلن سان سيٽلائيٽ تيار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مقامي وسيلن سان پاڪ ٽيس ون اي سيٽلائيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے