19 اربع , سيپٽمبر 2018

مصر جي اڳوڻي صدر مرسي کي 3 سال قيد جي سزا

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر ۾ جمهوري طور چونڊيل پهرين صدر محمد مرسي کي توهين عدالت جي ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. سزا جو اعلان مصري تخت گاهه قاهرا جي هڪ فوجداري عدالت جي جج ڪيو. مرسي کي چار سال اڳ هڪ جلسي ۾ عدليا خلاف تقرير جي ڏوهه ۾ سزا جو حقدار قرار ڏنو ويو هو. محمد مرسي کي 2013ع ۾ ان وقت جي فوجي سربراهه عبدالفتاح السيسي صدارتي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. واضح رهي ته مرسي ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هو گذريل ٽن ورهين کان وڌيڪ عرصي کان وٺي جيل ۾ آهي، جڏهن ته اڳوڻو فوجي جنرل السيسي هن وقت مصر جو صدر آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے