22 پیر , جنوری 2018

هن وقت سياست ۾ خوشامد گهڻي آ، غلط ڳالهين تي چپ ناهيان ويٺو: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ هن وقت خوشامد گهڻي ٿي وئي آهي سياست ۾ اصولي ماڻهو گهٽجي ويا آهن. پنهنجي بيان ۾ چوڌري نثار علي خان چيو ته مون پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به غلط ڳالهه تي ڇپ ناهيان رهيو. پنهنجي پارٽي سان ئي رهيس پر گونگو ٻوڙو ٿي نه. هن چيو ته سي پيڪ تي سڄي دنيا جي نظر آهي ان منصوبي سان اصل تبديلي ايندي ۽ نوجوانن کي نوڪريون ملنديون. سي پيڪ تي رڳو دشمنن جي ئي نه پر ڪجهه دوستن جي به نظر آهي. شيخ رشيد جي حوالي سان هن چيو ته منهنجي مخالف ڪا به سياسي پارٽي ناهي ڇڏي ٽيڪسلا ۾ منهنجي مخالف مشرف کي ڀاءُ چيو هو، اهو شخص چوڌرين ۽ بي بي سان وفا نه ڪري سگهيو اهو شخص عمران خان سان ڪهڙي وفا ڪندو. اهڙن ماڻهن جي سياست جو فيصلو عوام ئي ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن يمن لاءِ 3 بلين ڊالرن جي امدادي رقم جي اپيل جاري ڪري ڇڏي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن يمن ۾ انساني بحراني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے