25 سومر , جون 2018

اي پي سي: ايم ڪيو ايم گڏيل پڌرائي تي اعتراض واري ڇڏيا

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جي سربراهي ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس جي حوالي سان متحده قومي موومينٽ پاڪستان جا خدشا سامهون اچي ويا. ذريعن موجب اجلاس دوران ايم ڪيو ايم موقف اختيار ڪيو ته جاچ کان سواءِ ماڊل ٽائون سانحي جي ذميواري ڪنهن تي به نه وڌي وڃي ۽ پڌرائي ۾ انفرادي نالن بدران ” ذميوارن“ جو لفظ استعمال ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ذريعن موجب پارٽي اجلاس دوران اهو موقف به اختيار ڪيو ويو ته هڪ پاسي آل پارٽيز ڪانفرنس ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم بڻائڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي ۽ ٻئي پاسي پاڻ ئي ذميوار ڳولهي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي ذريعن موجب اي پي سي ۾ موجود ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو ته پهرين سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي بڻائي، ذميوارن جي ڳولا ٿيڻ بعد ڪنهن جو نالو ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم جي ذريعن جو چوڻ هو ته اي پي سي دوران کنيل پارٽي جي اعتراضن کي رد ڪري پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. متحده ذريعن موجب سندس پارٽي کي نواز شريف، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کي ماڊل ٽائون سانحي جا ذميوار قرار ڏيڻ تي اعتراص آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے