20 ہفتہ , جنوری 2018

فاٽا سپريم ڪونسل جي جلسي ۾ عائشه گلالئي کي اسٽيج تي وڃڻ کان روڪيو ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فاٽا سپريم ڪونسل جي جلسي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ عائشه گلالئي کي انتظاميا اسٽيج تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. فاٽا سپريم ڪونسل جرڳي طرفان فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ بدران الڳ صوبي جي مطالبي جي حوالي سان اسلام آباد ۾ جلسي جو بندوبست ڪيو ويو. اجلاس ۾ هن وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي جڏهن تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر عائشه گلالئي فاٽا جي عوام سان ٻڌي لاءِ اسٽيج تي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. فاٽا سپريم ڪونسل اجلاس جي انتظاميا عائشه گلالئي کي اهو چئي اسٽيج تي وڃڻ کان روڪيو ته قبائلي رسمن ۽ رواج موجب عورتن کي اسٽيج تي ويهڻ ناهي ڏنو ويندو جنهن بعد هو ناراض ٿي واپس موٽي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف طرفان 10 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي عدالتن مان سزا مليل 10 دهشتگردن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے