18 اربع , جولاءِ 2018

نواز شريف جي سعودي دوري تي عمران خان ۽ سندس ساٿي خاموش رهن: پرويز رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته مسلم ليگ ن جو صدر جي سعودي جي دوري کي ذاتي قرار ڏيڻ اڻ واقف آهن، نواز شريف جي دوري تي عمران خان ۽ سندس ساٿي خاموش رهن. پنهنجي بيان ۾ پرويز رشيد چيو ته عمران خان جا  غير ذميواراڻا تبصرا پاڪستان ۾ مسئلن ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا عمران ۽ سندس ساٿين جا غير ذميواراڻا تبصرا ملڪ جي دل آزاري جو سبب آهن. سندس چوڻ هو ته دوري کي ذاتي مصد قرار ڏيڻ وارا ٻن رياستن جي لاڳاپن جي نوعيت کان اڻ واقف آهن، اهڙيون ڳالهيون عالمي رشتن جي اهميت کان بي خبر رانديگر ئي ڪري سگهن ٿا، ماڻهن جا کيسا وڍڻ وارو اهو رانديگر قومي مفاد ۾ ڪيل ملاقاتن کي سمجهي ئي نٿا سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے