20 جمعو , جولاءِ 2018

پاڪستان ملڪ وڙهندڙ ڀورا ڀورا ٿي ويندا: ممنون حسين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان سان وڙهندڙ ڀورا ڀورا ٿي ويندا، ڪجهه مفاد پرست عنصر دشمنن سان گڏجي بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا. اورماڙا جي ڪريڊٽ ڪاليج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ممنون حسين چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا جوان قربانيون ڏئي ملڪي بچاءُ ڪري رهيا آهن، گوادر بندر گاهه فعال ٿيڻ کانپوءِ پاڪ بحريا جون ذميواريون وڌي وينديون. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ فعال ٿيڻ کانپوءِ ترقي جا نوان دَر کلندا، بلوچستان جا ذهين ۽ محنتي نوجوان ملڪ جي خدمت لاءِ تيار ٿي وڃن، بلوچستان جي سياسي، مذهبي قيادت، دانشور توڙي نوجوان صوبي جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندا. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريم نواز جي اڊيالا جيل کان سهالا ريسٽ هائوس ڏانهن منتقلي رد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جي اڊيالا جيل کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے