25 سومر , جون 2018

غزا ۾ اسرائيلي فوج هٿان زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ فلسطيني شهيد، انگ 13 ٿي ويو

يروشلم (ويب ڊيسڪ) فلسطيني علائقي غزا پٽي ۾ احتجاجي مظاهري دوران گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ فلسطيني شهيد ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ يروشلم کي اسرائيلي تخت گاهه تسليم ڪرڻ واري آمريڪي صدر جي اعلان کانپوءِ شروع ٿيل احتجاجي مظاهرن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطنين جو انگ 13 ٿي ويو آهي. اڄ دم ڏيندڙ فلسطيني جي عمر 20 ورهيه ٻڌائي پئي وڃي، جيڪو هڪ ريفيوجي ڪئمپ جو رهواسي هو، کيس ڪالهه جمعي ڏينهن اسرائيلي فوجين گولي هنئي هئي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 6 ڊسمبر تي يروشلم کي اسرائيل جو تخت گاهه تسليم ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے