25 سومر , جون 2018

شريف ڀائرن جي لالچ ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي: عمران خان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شريف ڀائرن جي لالچ قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته شريف ڀائر ڪيستائين قوم کان ڦريل رقم کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پرڏيهي اڳواڻن کان مدد گهرندا، هاڻي سندن لالچ قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڪيستائين شريف خاندان طرفان ذلت جو منهن ڏسڻو پوندو، هي ماڻهو ڀڄندا ڀڄندا پرڏيهي ليڊرن وٽ وڃن ٿا ته جيئن قوم جي ڦريل دولت کي محفوظ بڻائي سگهجي. عمران خان چيو ته شريف ڀائرن جي لالچ قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے