20 ہفتہ , جنوری 2018

ايپل آءِ فون سست ڪرڻ تي صارفن کان معافي گهري ورتي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ايپل ڪمپني آءِ فون کي ڄاڻي واڻي سست ڪرڻ تي صارفن کان معافي گهري ورتي آهي. گذريل هفتي ايپل ڪمپني طرفان ڄاڻي واڻي آءِ فون سست ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هن وقت فون سان گڏوگڏ ڪارڪردگي ۾ سست ٿيندا پيا وڃن. ايپل ڪمپني جي ان اعتراف کان پوءِ سڄي دنيا ۾ موجود آئي فون صارفن طرفان ڪمپني تي سخت تنقيد ڪئي وئي جڏهن ته ايپل جي نئين اسمارٽ فون جي طلب ۽ وڪري ۾ به واضع گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. عالمي ميڊيا موجب مارڪيٽ ۾ آءِ فون جي وڪري ۽ خريداري ۾ گهٽتائي کان پوءِ ايپل ڪمپني آءِ فون صارفن کان معافي گهرندي چيو آهي ته 2018ع ۾ ريليز ٿيندڙ نون فونن ۾ به بيٽريون تبديل ڪيون وينديون جڏهن ته آءِ فون جي قيمت ۾ به گهٽتائي ڪئي ويندي ۽ آءِ فون ۾ استعمال ٿيل سافٽ ويئر ( آپريٽنگ سسٽم) آءِ او ايس کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويندو جنهن سان صارف محسوس ڪندا ته انهن جي فون جي بيٽري پهرين کان وڌيڪ سڄي ۽ جاندار هوندي. ان کان سواءِ يو ايس ٽيڪ ڪمپني اهو اعلان به ڪيو آهي ته صارف هاڻ بيٽري گهٽ قيمت تي تبديل ڪرائي سگهندا يعنيٰ 79 ڊالرن واري بيٽري 29 ڊالرن ۾ خريدي سگهندا. ايپل ڪمپني جي معافي ان اعتراف کان پوءِ سامهون آئي جنهن ۾ هن آءِ فون 6، 6 ايس، 7 ۽ 7 ايس جي بيٽرين جي رفتار پراڻي  ٿي وڃڻ تي سست ۽ گهٽ چارج هئڻ جو اعتراف ڪيو هو جنهن جي ڪري آءِ فون سست ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيس بڪ جو نيوز فيڊ ۾ وڏي تبديلي جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ نيوز فيڊ ۾ وڏيون تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے