15 اربع , آگسٽ 2018

روس ترڪيءَ کي دنيا جو خطرناڪ ترين جهاز ٽوڙ ميزائل نظام فراهم ڪندو

انقره( ويب  ڊيسڪ ) ترڪي ۽ روس وچ ۾ زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ دنيا جي خطرناڪ ايئر ڊفينس سسٽم ايس 400 جي خريداري جو ٺاهه ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪيءَ جي گادي واري هنڌ انقره ۾ ترڪي ۽ روس ۾ زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل ايس 400 دفاعي نظام جي خريداري بابت ٺاهه تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ترڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته روس سان فوجي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ ٺاهه کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي. مبينا اڍائي ارب ڊالر ماليت جي ٺاهه تي نيٽو اتحاد کي ڳڻتي آهي، جيتوڻيڪ ترڪي ۽ روس نيٽو اتحاد جا ميمبر آهن پر روسي طرز جو اهو ايس 400 ميزائل سسٽم نيٽو ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. نيٽو جي اتحادي ٺاهه موجب نيٽو ۾ شامل سمورا اتحادي پنهنجي دفاعي سامان ۽ هٿيارن کي ٻين اتحادين سان گڏيل طور استعمال ڪرڻ جا پابند هوندا جڏهن ته ايس 400 ميزائل سسٽم نيٽو جو حصو نه هوندو. ٺاهه تحت روس ترڪي کي ايس 400 ميزائل سسٽم جون 2 بيٽريون فراهم ڪندو، جڏهن ته ترڪ فوج نظام کي آزاد نموني استعمال ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ فوجي اڏي تي طالبان جو حملو، 17 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي فرياب جي فوجي مرڪز ”ڪئمپ چِنايا“ تي طالبان عسڪريت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے