21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف ۽ ن ليگ جي خوف سبب سياسي پارٽيون گڏ ٿي رهيون آهن: راڻا ثناءَ الله

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته اي پي سي ڊاڪٽر طاهر القادري جي سياسي ايجنڊا آهي، نواز شريف ۽ ن ليگ جي خوف سبب سموريون سياسي پارٽيون گڏ ٿي رهيون آهن، ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جي امدادي رقم لاءِ خرم نواز گنڊا پور سان ملاقاتون ٿيون ۽ سندس گهر به وڃي چڪو آهيان. اي پي سي جي رد عمل ۾ راڻا ثناءَ الله چيو ته نواز شريف ملڪ جي خدمت ڪئي ۽ ائٽمي طاقت بڻايو، 2018ع جي اليڪشن پرو نواز شريف ۽ اينٽي نواز شريف ٿيڻ وڃي رهي آهي، جنهن سبب سموريون طاقتون گڏ ٿي رهيون آهن. هن چيو ته  ڪو به ٻيو ملڪ اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ٿو ڪري سگهي، سعودي عرب ۾ مسلمان دنيا تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهي اهڙيون شيون آهن جن کي ميڊيا تي ڊسڪس نه ٿو ڪري سگهجي. اين آر او جي ترديد ڪندي راڻا ثناءَ الله چيو ته اين آر او جيڪڏهن ٿي رهيو آهي ته ڪنهن سان ٿي رهيو آهي ٻي ڌر ڪهڙي آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن لاءِ 10 ڪروڙ رپين جو اعلان ڪيو پر وڌيڪ رقم طلب ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته هو امداد جي سلسلي ۾ خرم نواز گنڊا پور جي گهر به وڃي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے