25 سومر , جون 2018

هر سال 1600 ڀارتي فوجي آپگهات ڪندا آهن: ڀارتي ميڊيا جو انڪشاف

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته هر سال 1600 ڀارتي فوجي آپگهات ڪندا آهن، گذريل 9 سالن ۾ هڪ هزار ٻاويهه فوجين آپگهات ڪيا. ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هر سال 1600 فوجي جوان جنگ کان سواءِ مارجي ويندا آهن. ورڪنگ بائونڊري ۽ لائن آف ڪنٽرول تي مقرر ڀارتي فوجي دستن جا حوصلا ڪمزور ٿيندا پيا وڃن. ڀارتي خابرو اداري ۾ آپگهاتن جا سبب بيان ڪيا ويا آهن جن ۾ والايل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين جو مارجڻ، رياستي طاقت جي استعمال جي باوجود ڪشمير ۾ ناڪامي سان گڏ سخت مزاحمت کي قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته سرحدي علائقن ۾ مقرر فوجين کي رڳو ٻه سيڪڙو الائونس ملڻ، گهر کان پري، فوجي آفيسرن جو جوانن سان خراب رويو ۽ موڪلن جي درخواستن جو رد ٿيڻ به ڀارت فوجين جو حوصلو ڪمزور ڪرڻ جو وڏو سبب آهي. ٻئي پارت ڀارت جي بچاءَ واري مملڪتي وزير سڀاش ڀامر طرفان پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 2009ع کان هن وقت 9 ورهين ۾ 1 هزار 22 ڀارتي فوجين آپگهات ڪي ، 2014ع کان 2017ع جي وچ ۾ 425 جڏهن ته 2009ع کان 2013ع جي وچ ۾ 597 فوجين مختلف سببن جي ڪري پنهنجي زندگي جو انت آندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے