23 ڇنڇر , جون 2018

ماڊل ٽائون سانحي خلاف اي پي سي، نواز شريف ڇانگا مانگا ڪلچر جو باني آهي: طاهر القادري

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته شريف ڀائرن ملڪ ۾ ماڻهو خريد ڪرڻ جو ڪلچر متعارف ڪرايو، نواز شريف ڇانگا مانگ ڪلچر جو باني آهي، اهو ئي سندس نظريو آهي. لاهور ۾  ماڊل ٽائون سانحي خلاف اي پي سي کي شروعاتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته هڪ طرف سلطنت شريفيه آهي ته ٻي طرف وري پاڪستان جي سلامتي، ملڪي دفاع پوئتي رهجي ويو آهي. هن چيو ته 1350 ارب رپيه وياج جي ادائيگي طور ڏنا پيا وڃن،  جيڪڏهن ڌرڻو ٿيندو ته توهان جي اقتدار کي مرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ضِياءَ الحق دور ۾ اسيمبلي ميمبرن کي خريد ڪرڻ جي شروعات ڪئي. طاهر القادري چيو ته معاملو هاڻي رڳو سندس هٿ ۾ ناهي پر قومي قيادت سنڀالي ورتو آهي، سعودي عرب ۾ ڪير ڪنهن جو ڪلهو استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف، راڻا ثناءَ الله ۽ ٻيا نه بچندا کين استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته شهيدن جي خون پاناما جي صورت ۾ نواز شريف جو چهرو وائکو ڪيو آهي. طاهر القادري چيو ته حددخليون هٽائڻ بهاني فورس جي هزارين اهلڪارن کي موڪليو ويو. هن چيو ته شريف ڀائرن ماڊل ٽائون ۾ خون جون نديون وهايون، پرامن تحريڪ جيڪا شروع نه ٿي هئي تنهن کي خطرو سمجهي آپريشن شروع ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جمهوريت جون پاڙون ڪٽيون آهن، ايترو ڪجهه ڪري پڇي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو آهي، سندس ڪردار ڪٿان جمهوري آهي؟ طاهر القادري چيو ته سياسي پارٽيون ادارن ۽ ملڪ جي دشمنن خلاف گڏ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے