24 آچر , جون 2018

ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي: علي ترين

لوڌران( ويب ڊيسڪ ) جهانگير ترين جي پٽ ۽ تحريڪ انصاف جي اين اي 154 تان نامزد اميدوار علي خان ترين چيو آهي ته مان لوڌران جي عوام، پنهنجي والد ۽ ڪپتان لاءِ ننڍي چونڊ کٽڻ لاءِ آخري حد تائين ويندس. اين اي 154 جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ پنهنجي پهرين سياسي تقرير ڪندي علي خان ترين چيو ته 2013ع ۾ اسان جو دور شروع ٿيو پر صحيح معنيٰ ۾ 2015ع ۾ اسان جي دوستي شروع ٿي، چونڊ مهم دوران دوستن سان کائڻ پيئڻ جو موقعو مليو، جنهن بعد ارادو ڪيو ته ايندڙ چونڊن تائين دوستن جي گهر ويندس.  هن چيو ته مون کي سياست ۾ اچڻ جو شوق نه هو پر قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Seattle prepared the Pakistan Local resources

پاڪستان مقامي وسيلن سان سيٽلائيٽ تيار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مقامي وسيلن سان پاڪ ٽيس ون اي سيٽلائيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے