20 خميس , سيپٽمبر 2018

اوڪاڙه ۾ زميني تڪرار تان فائرنگ ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا

اوڪاڙه ( ويب ڊيسڪ ) اوڪاڙه جي علائقي شنڪر داس ويجهو پراڻي تڪرار تان مخالفن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب شوڪت ۽ ظفر اٺوال جي ڌرين ۾ زميني تڪرار هلندڙ هلو، ظفر اٺوال پنهنجي ساٿين سميت اوڪاڙه وڃي رهيو هو ته شنڪر داس ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ تاڙ ۾ ويٺل شوڪت پنهنجي ساٿين سميت سندس ڪار تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چار ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ واٽهڙو عورت به گولين جو کاڄ بڻجي وئي.  اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے