25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پي آءِ اي 1947ع کان 2017ع تائين ڇا ڏنو ڇا ورتو…؟؟

مصطفيٰ  جمالي

پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ پوءِ ساڳي سال قائداعظم محمد علي جناح 1947ع ۾ “اورينٽ” نالي سان پاڪستان ايئرلائن قائم ڪئي. ته جيئن پاڪستانين کي به دنيا جي تيز ترين ڊوڙ ۾ شامل ڪري سگهجي. اورينٽ ايئر لائين جي محب وطن پاڪستانين جي اڻک محنت سان اورينٽ ايئر لائين تيزي سان ترقي ڪرڻ شروع ڪري ڏني . جنهن کانپوءِ سندس نالو 1955ع ۾ تبديل ڪري “پي آءِ اي” رکيو ويو. جڏهن ته انهي محنت ۽ ڪوششن سان 1960 واري ڏهاڪي ۾ پي آءِ اي دنيا جي مقبول ترين ايئرلائين بنجي وئي.جنهن جو اندازو انهي ڳالهه مان ڪري سگهون ٿا ته“جيڪولن ڪينڊِي” آمريڪي خاتون اول پي آءِ اي ۾ سفر ڪرڻ پسند ڪندي هئي.جڏهن ته بالي ووڊ جو مشهور اداڪار گارڊنر به پي آءِ اي ۾ ئي سفر ڪرڻ کي پسند ڪندو هو.

ايشياُ جي پهرين ائير لائين جنهن ۾ “ٽي وي”سسٽم ۽ آٽوٽڪنگ ۽ ٻيون ڪيتريون سهولتون ميسر هنيون.جڏهن ته ان وقت اسان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت اهڙين سهولتن لاءِ ترسندو هو.پي آءِ اي دنيا جي پهرين ائير لائين هئي. جنهن کي  1964ع  ۾ پهريون ڀيرو چين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي هئي.1971ع ۾ جڏهن آمريڪا ۽ چين جي دوستي ٿي ته آمريڪا جو ان وقت جو وزير خارجه پي آءِ اي جي ذريعي ئي چين پهتو هو.۽ ان وقت دنيا جنگ جي ماحول کان نڪري ڪري امن جي رستي تي پهتي هئي.۽ دنيا لاءِامن جو راهون کلي چڪيون هنيو. پي آءِ اي ايمرٽ ائير لائين، سعودي ايئر لائينس ۽ ٻين ڪيرن ئي ملڪن جي ائير لائين کي وجود ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.سعودي ائير لانيس ايمرٽ جو پهريون جهاز پاڪستان پي آءِ اي جو عملو پاڪستان ۾ اڏاري آيو هو.پي آءِ اي ائير لائينس جي معيار جو اندازو اوهان انهي ڳالهه مان لڳائي سگهون ٿا. ته پاڪستان پي آءِ اي جي   ائيرهوسٽ ۽  ٻئي عملي جي ڊريس دنيا جي مشهور فيشن شو Pierre Cardin پيرس ۾ تيار ٿي.

1980ع واري ڏهاڪي ۾ اهو وقت هو جڏهن انهن محب وطن پي آءِ اي عملي جي رٽائرمينٽ شروع ٿي وئي. ۽ انهن جي جڳهه ٿي سفارشي عملو ڀرتي ٿيڻ لڳو هو.۽ جهاز به گهٽجڻ لڳا هئا.اڪثر عملو انساني ۽ شين جي اسمنگل ۾ ملوث رهيو. هر زور ايئر هوسٽن ۽ ڪتپاتن جي سامان مان ممنوع سامان پڪڙجڻ لڳو.۽ پي آءِ اي لکين رپين جا ڊالر هرجاڻو ادا ڪندو رهيو. اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف جي دور ۽ ان کان پوءِ آيل پ پ جي دور اندر پي آءِ اي جي ملازمن ۾ 6000 جو اضافو ڪري بلڪل پي آءِ اي جو ٻِيڙو ٻوڙي ڇڏيو.

پي آءِ اي اختيارين ۽ پي آءِ اي ملازمن ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ پي آءِ اي ڪراچي جناح ٽرمينل وٽ ملازمن احتجاج ڪيو جنهن آخرڪار ٻن انسانن جون زندگيون کسي ورتيون.پاڪستان جي مختلف سياسي توڙي سمجهي ماڻهن انهي واقعي تي تمام گهڻي ڏک جو اظهار ڪيو.جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومتي اڳواڻن انهي واقعي جي باري ۾ سخت لفظن جي مذمت پڻ ڪئي .مختلف جماعتن جي اڳواڻن جا بيان سامهون آيا  ته ن ليگ جي جهموري حڪومت مان آمريت جي بوءِ اچڻ لڳي آهي.جڏهن ته ن ليگ حڪومت پنهنجا فيصلا مڃرائڻ خاطر پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي. ۽ اها به هڪ حقيقت آهي ته  پي آءِ اي ملازمن ۽ حڪومت وچ ۾ هن وقت هلندڙ ڇڪتاڻ پاڪستاني سياست توڙي پاڪستان عوام کي خاصو پريشان ڪري رکيو آهي.پي آءِ اي ملازمن جي ڪيل هڙتال دوران پي آءِ اي جون اڏامون مسلسل بند هجڻ ۽ دير سان روانو ٿيڻ ۽ پهچڻ ڪري.پاڪستاني عوام ٻاهريون ملڪن مان پاڪستان اچڻ ۽ پاڪستان مان ٻاهريون ملڪ وڃڻ ڪري به پريشان ٿيا.پي آءِ اي جي ڇڪتاڻ جو فائدو وٺندي پاڪستان جي نجي ادران جي ايئر لائنن پنهنجي ڀاڙن ۾ ٻيڻي واڌ ڪري ڇڏي .جنهن جي ڪري عوام ويچاري ٻيڻا ڀاڙا ڀڙڻ تي مجبور ٿي وئي .پي آءِ اي انتظاميه ۽ ملازمن وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ تيزي اچڻ ڪري حڪومت اهو به اعلان ڪيو ته پي آءِ اي ملازمن جي جڳهه تي نوان پائيلٽ ڀرتي ڪيا ويندا.ٻئي طرف پي آءِ اي انتظاميه عوام کان سندن حقن لاءِ ڪيل هڙتال جي معافي پڻ گهري ورتي .پي آءِ اي انتظاميه ۽ ملازمن جي وچ ۾  هلندڙ ڇڪتاڻ سبب پي آءِ اي جون 70کان وڌيڪ اڏامون متاثر ٿيون ۽ پي آءِ اي جو روزانو ڪرڙوين رپين جو نقصان ٿئي ٿو.

ٻين سروسن پي آءِ اي انتظاميه ۽ ملازمن وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو فائدو وٺندي ڀاڙن ۾ ٻيڻي واڌ ڪري ڇڏي آهي.جڏهن ته پاڪستاني خزاني کي به اربين رپين جو نقصان پهچي رهيو آهي.پي آءِ اي کي وجود ۾ ايندي 70سال ٿي ويا آهن.پر هڪ ڏينهن به پي آءِ اي جو آپريشن معطل ناهي ٿيو.جڏهن ته ٿيندڙ هڙتالن ۽ غيرملڪي اينجنٽ کي خوش ڪرڻ لاءِ آپريشن جو سلسلو جاري ڪيو ويو.جنهن جي ڪري هزارين عمره ادا ڪرڻ وارا عمري کان رهجي ويا.ڪنهن کي پنهنجي گهر ڀاتين سان ملڻو هو ڪنهن جي پنهنجي نوڪري تي وڃڻو هو.ڪنهن کي ڪاليج ۽ يونيورسٽِي تي پهچڻو هو ڪنهن کي خوشي ۾ شريڪ ٿيڻو هو ته ڪنهن کي غم ۾ پر هڙتال جي ڪري  ڪير به ڪيڏانهن وڃي نه سگهيو.ڇا اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ عوام سان ويساه گهاتي نه هئي؟ حڪومتن ۽ ملازمن جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري  عوام جيڪو درد ڀوڳيو انهي درد جو درمان ڪنهن به نه ڪيو.؟

هن وقت حڪومت اهو چئي رهي آهي ته ملازمن سان ڳاليهون ڪهڙي ته طريقي سان نه ڪيون وڃن.جڏهن ته حڪومت وٽ هڙتال ختم ڪرائڻ جو ڪو هنر موجود به ناهي.ان ڪري جڏهن  حڪومت هاڻ ٻين ائير لائينس سان جيڪڏهن معاهدو ڪرڻ چاهي ٿي ته اهو حڪومت کي پهرين ئي ڪرڻ گهرجي ها جيئن جيڪو اربن رپين جو نقصان ٿيو آهي اهو نه ٿئي ها.هن وقت جيڪڏهن ان حڪومت کان اربين رپين جي خساري جي وضاحت معلوم ڪجي ته شايد حڪومت وٽ ڪو به جواب موجود نه هوندو،ان ڪري حڪومت کي پنهنجون ڪوتاهيون تسليم ڪرڻيون پونديون ۽ ملازمن کي به پنهنجو رويي جنهن سان قوم ۽ ملڪ کي نقصان ٿيو آهي ته معافي وٺڻي پوندي.ڇو ته هن وقت تائين پي آءِ اي کي ڇهه سئو ارب رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي.جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پي آءِ اي ملازمن ۽ انتظاميه وچ ۾ ڳاليهيون ممڪن ئي ناهن .

پي آٰءِ اي سان پيش ٿيندڙ مختلف حادثن ۾ 1970ع کان سال 2017 تائين 13 فضائي حادثا ٿيا جن ۾ 585ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا،جڏهن ته 6 آگسٽ 1970ع ۾ پي آءِ اي جو فوڪر جهاز ايف 27اسلام آباد ۾ ٽيڪ آف دوران ڪري تباهه ٿي ويو ان حادثي ۾ 30 ماڻهو فوت تي ويا 8ڊسمبر1972ع تي پي آءِ اي جو فوڪر ايف 27 راولپنڊي ۾ ڪري تباهه ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 26 ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا،23آڪٽوبر1986ع تي پي آءِ اي هڪ فوڪر جهاز ايف 27 پشاور ويجهو لينڊنگ دوران ڪري تباهه ٿيو، جنهن ۾ 13 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا،جڏهن ته پي آءِ اي جي حادثي ۾ جنرل سميت 30 ماڻهو پڻ موت جو کاڄ بڻيا،25آگسٽ 1989ع تي پي آءِ اي جو فوڪر جهاز گلگت بلتستان ۾ اڏامڻ بعد لاپتا ٿيو  ان حادثي ۾ 54ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا،19فيبروري 2003ع پاڪستان جو فوڪر جهاز ڪوهاٽ ويجهو ڪري تباهه ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ائيرچيف مارشل مصحب علي مير ۽ سندس گهر واري سميت 17 ڄڻا موت جو بک بڻيا،24فيبروي 2003ع  جي حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿيا،10جولاءِ 2006ع تي پاڪستان جو فوڪر ايف 27 جهاز ملتان ايئرپورٽ ويجهو ڪري تباهه ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 45 ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا،28جولاءِ تي 2010ع تي حادثو ٿيو جنهن ۾ 152ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا،5نومبر تي ٿيڻ واري حادثي ۾ 21ڄڻا فوت ٿيا.7ڊسمبر حويليان ويجهو چترال کان ايندڙ اڏام ڪري تباهه ٿي جنهن ۾ مشهور نعت خواهه جنيد جميشد پنهنجي گهر واري سميت 47 ڄڻا فوت ٿيا….

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے