24 آچر , جون 2018

استادن سان ٿيل سنڌ سرڪار جو ڪِيسُ…

شاهد حسين تيوڻو

سنڌ جي مقدس سرزمين جتي روز مظلوم انسانن جو رت وهي ٿو.  روز ماڻهو مرن ٿا. ڪي ڀڳل ٽٽل روڊن جي حادثن ۾ ته ڪي ڀوتارن جي جرڳائي قانون ۾ ته  ڪي وري خود هن جمهوريت جو رينگٽ وڄائڻ وارن جي هٿان.

ڪالهه استادن جي پر امن احتجاج تي سنڌ حڪومت ڏمرجي پئي ۽ مقدس پيشي سان سلهاڙيل استادن تي لاٺي چارج ، نالين جو گندو پاڻي ۽ زهريليون گئسون وسايون ويون جتي سَوَنِ جي تعداد ۾ استادن کي زخمي ڪيو ويو جن جي اڄ به حالت ڪافي نازڪ آهي ۽ درجنن جي تعداد ۾ استادن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.  هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي جتي ناحق پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي پڙهيل ڳڙهيل باشعور نوجوانن کي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي روڊن رستن تي گهلي ۽ انهن کي پنهنجن حقن تان هٿ کڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر هنن ظالمن کي آخر اها سڌ ڇو نه ٿي پئي ته تشدد ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي.

سنڌ حڪومت هر ڏينهن هر وقت ڪنهن نه ڪنهن کي پنهنجي هاٿي جهڙن پيرن هيٺان چيپاٽيو آهي. جنهن جا تازا مثال اهي ڪمند جي آبادگارن ۽ هنن نوجوان ڪميشن پاس استادن جا سامهون آهن. هنن جو آخر ڏوهه به ته اهو آهي جو هو پنهنجي جائز حق جي ڳالهه ڪن ٿا. ان ڏوهه ۾ سنڌ سرڪار هنن تي ڪڙڪي پئي پر ڏٺو وڃي ته هنن معزز استادن جا مطالبا جيڪي بلڪل سئو سيڪڙو  جائز آهن انهن جي مطالبن ۾ ڪو به غير ضروري مطالبو يا وري ڪا پنهنجي خواهش ۽ فرمائش شامل ناهي. هنن استادن جا مطالبا جيڪي  قانوني، آئيني ۽ اخلاقي دائري جي اندر آهن. انهيءَ جي دائري جي اندر ئي رهي هو پنهنجن مطالبن کي مڃرائڻ لاءِ سرڪار کان گهر ڪن ٿا ته خدارا توهان کي اسان ان ڪري ئي اسيمبلين جي فلورن تائين رسائي ڪرائي ته جئين توهان هن سنڌ جي ماڳن ۽ انهن جي ماروئڙن جو تحفظ ڪري سگهو.

خدارا توهان کي اسان ان ڪري به ووٽ ڪيو ته توهان اسان جا پنهنجا آهيو ۽ اسان جمهوريت چاهيون ٿا پر حقيقت ته استادن تي هن بي رحماڻي تشدد مان اهو چٽو ۽ صاف واضع ٿئي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ هيءَ سنڌ حڪومت جمهوري ناهي ڇو ته جمهوريت جنهن ۾ اول ترجيح حق خوداراديت ، انصاف، عدم تشدد جهڙن عظيم شرطن تي قائم هڪ نظام جو نالو آهي.

سنڌ جي اندر هنن حڪمرانن عوام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ شعور کي ديوار سان لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومتي مشينريءَ جو استعمال ڪيو ٿو وڃي پر ڏٺو وڃي ته فطري ۽ سائنسي اصولن  مطابق  به اسان ڪنهن به شيءَ کي جيترو دٻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين اوترو  ئي ان جو رد عمل ڀاري پوندو. ڪير ڇا به چوي چاهي سڄي دنيا جي مشينري هڪ طرف لڳائي ڇڏجي پر حق جي آواز کي دٻائي  نه ٿو سگهي ۽ حق ۽ باطل جي جنگ جيڪا ازل کان جاري آهي ۽ تاحيات جاري به رهندي ڪڏهن ڪڏهن  وقتي طور تي باطل پنهنجي عارضي ڪاميابيءَ تي جشن ملهائيندو آهي پر حق جي سوڀ ته فطري عمل آهي. ان کي دنيا  جي ڪابه مشينري ۽ نه وري ڪابه طاقت روڪي ٿي سگهي.

سنڌ سرڪار ته پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي ڪڍيو آهي، هنن حڪمرانن لاءِ ڀلو ته اهو هو  جو ظالم يزيد کي ڇڏي شهادت وارن جي ٽولي ۾ شامل ٿين ها. باطل جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي حق تي هلڻ وارن جو ساٿ نڀائن ها جيڪو هنن جو  پنهنجو ئي فرض هو . پر هنن ايئن ڪيوجنهن تي اڄ سموري محبوب سنڌ هنن کي ڏوهي سڏي ٿي.

سنڌ سرڪار ۾ ويٺل هي اهي حڪمران آهن جن عوام سان واعدا ڪيا ۽ قسم کنيا ته اسان توهان کي اٽو لٽو ۽ اجهو ڏينداسين ۽ توهان جو دفاع پڻ ڪنداسون پر اهي سڀ قسم ۽ واعدا مٽيءَ ۾ ملائي اڄ اٽي، لٽي ۽ اجهي  کي کسڻ ۾ مصروف آهن اهو ڪيڏو نه ظالم آهي جو اڄ پڙهيل ڳڙهيل طبقي کي هنن پنهنجي راڪاسي چنبن سان رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيو. سچ چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي هن ٻه مٿا پر ڏٺو وڃي ته هتي چار مٿن کان به ڪم چڙهيل آهي. هي معزز استاد جيڪي پنهنجي اخلاقي  دائري جي اندر پنهنجي جائز حقن جو ڪيس هنن کي ٻڌائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن. هي استاد ان ڳالهه کي به تسليم ڪن ٿا ته واقعي توهان ” سفاڪ پاور“ آهيو پر خدارا اسان جا جائز حق اسان کي ڏيو اسان جي ڪابه ذاتي فرمائش ناهي. هي اسان جي گهرن ۾ ٻرڻ وارن چلهن جو سوال آهي ۽ انهن معصوم ٻچن جي پيٽ ڀرڻ جو سوال آهي.

سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي ڪيل غلطين جو اعتراف ڪري ۽ زخمي استادن کي حرجاڻو ڀري ڏئي ۽ جيڪڏهن ڪو اڃا تائين استاد گرفتار آهي ته ان کي آزاد ڪري ۽ استادن جا ڪيل جائز مطالبا مڃي پنهنجي قانوني، اخلاقي ۽ جمهوري حيثيت کي بحال ڪري. ائين نه ٿئي جو ” چونڊ مهم“ هلندي ڪنا بيضا هنن  جو مقدر نه بڻجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے