19 جمعہ , جنوری 2018

سنڌ پوليس پنهنجي ساک ڪڏهن ٺاهيندي

راهب علي سولنگي

جيئن ته پوليس جو ادارو ماڻهن جي تحفظ لاءِ جوڙيو ويو آهي.پوليس هڪ عام ماڻهو کي تحفظ ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آ افسوس انهيءِ ماڻهو لاءِ مسئلا پيدا ڪندڙ ادارو ٿي چڪو آهي. پوليس پنهنجا منصبي فرض پورا نه ڪري سگهي آهي.ڪي پوليس اهلڪار ايراني تيل اسمگلنگ ۾ ملوث آهن.ته ڪي وڏن ڏوهاري ماڻهن جي سرپرستي جا مرتڪب ٿيا آهن.ڪي شهرين کان رشوت ۽ ڀتو وصول ڪرڻ ۾ ملوث آهن.ته ڪي جعلي ڊگرين تي غير قانوني ڀرٿيون ڪرڻ ۾ ڪن کي سرڪاري ۾ جلعسازيءِ جو مرتڪب ڄاڻايو ويو آهي. سنڌ ۾ پوليس کاتو بهتر ڪاڪردگي ناهي ڏيکاري سگهيو.ڇا انهيءِ ڪوتاهي جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو.سنڌ ۾ ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ پوليس ڪردار پوليس جي تعريف ٿي چڪو آهي. سنڌ پوليس ۾ ديانتدار آفيسر ٿوري تعداد ۾ آهن. جن جو پرخلوص ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.جڏهن پوليس ۾ سياسي مداخلت تمام گهڻي هجڻ ڪري پوليس عملداري جي مقرري سياسي وڏيري جي مرضي سان ٿئي ٿي تڏهن پوليس کاتو هن وقت تباهي طرف وڌي رهيو آهي.سياسي مداخلت ختم ٿيڻ گهرجي.پوليس کي با اختيار بڻايو وڃي.

هن وقت پوليس جي ڪارنامن کان ڪير واقف ناهي جڏهن سنڌ جا هزارين ماڻهو پوليس کاتي جا ستايل آهن. پوليس جا ڏوهي رڪارڊ ۽ پنهنجي اختيارن جو ناجائيز استعمال سبب 66 نااهل ڪرپٽ پوليس آفيسرن جي لسٽ ظاهر ٿي چڪي آهي. وري هاڻي تازي لسٽ جنهن ۾ 12 هزار پوليس وارا ڏوهن ۾ ملوث (آءِ جي) سنڌ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن ۾ هڪ هڪ پوليس آفيسر تي 50 50 الزام آهن. جڏهن سنڌ پوليس آفيسرن جي ڪرمنل رڪارڊ  جي سمري سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڏانهن اماڻي وئي آهي. ان کان علاوه 2015ع ۾ اپيڪس ڪاميٽي جي تيار ڪيل فارمولي جي ابتڙ غير شفاف جعلي طريقي سان سنڌ پوليس ۾ 2 هزار کان مٿي ڀرتيون ٿيڻ جو انڪشاف ٿيا هئا ڀرتي ڪيل پوليس ٻن هزارن کان مٿي اهلڪارن ۾ جعلي ڊگريون رکندڙ جو به تعداد آهي.جنهن بعد حڪومت جاچ لاءِ لاڳاپيل اختيارن کان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين پوليس اهلڪارن جو سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا هئا.انهن ۾ ڏنل اشتهارن جون ڪاپيون مختلف عهدن تي ٿيل انٽرويو ڏيڻ لاءِ آيل اميدوارن جي فهرست ڪامياب اميدوارن جي لسٽ ۽ سليڪشن ڪميٽي طرفان ڪيل.سفارش تي ٻڌل فهرست جا سمورا دستاويز طلب ڪيا ويا هئا.جڏهن سنڌ جي دادو ضلعي ۾ عبدالله شاهه جي حڪومت ۾ ٺپ اڻپڙهيل ماڻهو جعلي ڊگريون تي پوليس ڪانسٽيبل ڀرتي ڪيا ويا.جن کي سنڌيءِ ۾ پنهنجو نالو به لکڻ نه ايندو هئو اهل ماڻهو جعلي ڊگرين تي ڀرتي ڪيا ويا.صرف سياسي مداخلت سبب جي ڪري ۽ ڪوٽا سسٽم تي ڪيا ويا.پڙهيل نوجوانن کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو.وري ٻيهر 2015ع ۾ قائم علي شاهه جي دوري حڪومت ۾ (آءِ جي) غلام حيدر جمالي جي هوندي دادو ضلعي ۾ سفارش ڪلچر سان گڏوگڏ ذات پرستي تي وڏي تعداد ۾ اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا.انهن سڀني جون ڊگريون هيڪ اداري مان چيڪ ڪرايون وڃن. جن وٽ ڊگريون موجود آهن.انهن جي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي وڃي ۽ انهن جي ٽيسٽ (NTS) کان ڪرائي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن. هن وقت دادو  ضلعي ۾جيڪي به پوليس ۾ ڀرتيون ۾ ٿيون آهن. اهي سڀ جو سڀ سفارش ڪلچر ۽ ذات پرستي جي بنياد تي ڪيون ويون آهن. جنهن ۾ نااهل ماڻهو جعلي ڊگرين ذريعي آيل آهن.جنهن ان فٽ ۽ اوور ايج به موجود آهن.

2015ع ۾ جيڪي ڀرتيون پوليس ۾ ٿيون دادو ضلعي ۾ اهي سڀ سفارش ۽ ذات پرستي جي بنياد تي ٿيون.انهيءِ ۾ ڪنهن قسم جي ڪابه ميرٽ موجود نه هئي.عبدالله شاهه جي دور کان ۽ 2015ع ۾ جيڪي به ڀرتيون ٿيون آهن.دادو ضلعي ۾ ٿيون اهي سڀ کان وڌيڪ جعلي ڊگرين وارا اهلڪار آهن.دادو ضلعي ۾ پوليس جي وردي ۾ لڪيل ناهل جعلي ڊگريون رکندڙ عملدارن جي جاچ ڪئي وئي جن پوليس جي وردي ۾ لڪيل ڪانسٽيبل هوندي وڏي ملڪيت ٺاهي آهي. پوليس ڪانسٽيبل هوندي ايڏيون وڏيون ملڪيتون ڪٿا ٺاهيون. اها جاچ صاف شفاف ٿيڻ گهرجي اهي ڪيئن ۽ ڪنهن جي سفارش تي جعلين ڊگريون ذريعي ڀرتي ٿيا. انهن پٺيان ڪنهن ڪنهن جا هٿ آهن۽ انهن هٿن جو سرپرست اعليٰ ڪير آهي.جو ٺپ اڻپڙهيل جعلي ڊگريون وٺي پوليس اهلڪار ٿيا.انهن جو پيرو کنيو وڃي ته اهو ڪنهن ڏانهن  ٿو وڃي دادو ضلعي ۾ اها تفصيلي جاچ ڪئي وڃي. سفارش يارشوت ذريعي ڪيون ويون آهن.انهيءِ جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته دادو ضلعي ۾ اهل نوجوان ڇڏي نا اهل ڀرتي ڪيا ويا آهن جنهن دادو ضلعي ۾سان ميرٽ جو سرعام جنازو ڪڍيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري جي ڪنٽينر تي مجيب ۽ گريٽر پنجاب جون ڳالهيون

گل  مورو هي علامه طاهر القادري جو ڪرشمو چئجي يا ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو، جو ڪيتري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے