21 ہفتہ , اپریل 2018

قاهره ۾ چرچ ۽ شاپنگ سينٽر تي حملي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا

قاهره(ويب ڊيسڪ) مصر جي راڄڌاني قاهره ۾ چرچ ۽ شاپنگ سينٽر تي دهشتگردن جي حملي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عالمي ميڊيا رپورٽن موجب جمعي جي ڏينهن (اڄ) قطبين جي چرچ مان عبادت ڪري نڪرندڙ ماڻهن تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن انڌاڌنڌ گوليون وسايون، حملي دوران واقعي واري هنڌ موجود سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. گهرو وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته فرار ٿيل دهشتگرد کي سيڪيورٽي فورسز زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي ۽ اهو دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز کي گهربل هو جيڪو ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث به رهيو آهي. صحت واري وزارت جو چوڻ آحي ته ان حملي ۾ 7 شهري، 2 پوليس ۽ دهشتگرد سميت 10 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ساڳئي علائقي ۾ شاپنگ سينٽر تي هٿياربند شخص جي حملي ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا مارجي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”ٽش اش يوور پائلٽ شپيڪنگ“ نشي ۾ ڌُت برطانوي پائلٽ گرفتار

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي ايئرلائن برٽش ايئرويز ۾ نشي ۾ ڌُت پائلٽ کي عملي جي شڪايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے