26 جمعرات , اپریل 2018

رپورٽ: گهوٽڪيءَ ۾ سماجي تنظيم پاران عورتن جي هٿ جي هنرن جي شين جي نمائش ۽ ميلو

گھوٽڪي ۾ سماجي تنظيم وليج ڊولپمينٽ ۽ سائوٿ ايشيا پارٽنر جي سهڪار سان امن ثقافتي ميلو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ گھوٽڪي شهر توڙي ٻهراڙي جي سوين عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي………………،

پيش آهي مسرت مهر جي هيءَ رپورٽ………………،

گھوٽڪي ۾ امن ميلي جي نالي سان گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي جي هنر مند عورتن جي شين جي نماءَ لاءِ هڪ شاندار ميلو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سون جي انگ ۾ هنر مند عورتن شرڪت ڪري پنهنجي پنهنجي ٺاهيل شين جا سٽال لڳايا،

عورتن جي هٿن سان ٺاهيل شين ۾گج، ڀرٿ، ڪڙهائي ، سلائي ۽ روَا، چادرون، شالون ۽ ٽوپيون شامل آهن

، جن ۾ آيل ماڻهن وڏي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو……..،

ميلي ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪجهه اسٽال لڳايا ويا هُئا جن ۾شگر جي فري ٽيسٽ سميت ٻيون ڪيتريون ئي ٽيسٽون ڪرڻ جا انتظام ڪيل هُئا…،

هٿ جي هنر جي اسٽالن تان شهر توڙي ٻهراڙي مان ڪيترن ئي عورتن اچي خريدراري ڪئي پروگرام ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سائوٿ ايشيا تنظيم جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پاڪستان مفتي عرفان،عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪلپنا ديوي، اي ڊي سي ٽو، سوشل ويلفيئير جو ڊپٽي ڊائريڪٽر خان محمد مهر،ايڊو ڪيٽ عبدالرزاق مهر،رياض علي دايو، ڊي ايس پي محمد ايوب مهر، حافظ محمد صادق سميجو، جيوترام آر منگلاڻي، روبينا علي، ثمينه ڪلوڙ، قربان علي مهر، مکي ڪيڪارام،آغا بلاول پٺاڻ ،سليم الله آزاد مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي

جڏهن ته ڪجهه مهمانن ميلي جي اهميت متعلق پنهنجن خيالن جو اظهار پڻ ڪيو ….

ميلي ۾ عورتن جي سجاڳيءَ لاءِ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا………….

اڳواڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي امن ،پيار ۽ محبت ڪرڻ وارن جي ڌرتي آهي، امن ميلي ۾ ڊي ايس پي گھوٽڪي محمد ايوب مهر،رياض احمد دايو،مڌهن لعل،حاڪم زادي توڙي ٻين ماڻهن کي امن ايوارڊ پڻ ڏنا ويا

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : اسان اقتدار جا بکيا ناهيون، ڌارين کي هو ۽ عوام رد ڪندو: سينيٽر ياسمين شاهه

پ پ سينيٽر ياسمين شاهه چيو آهي ته هو اقتدار جا بکيا ناهن، ڌارين کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے