18 جمعرات , جنوری 2018

اوگرا پيٽرول 4 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت نئين سال کان عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي ۽ اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي. تفصيل موجب آئل ۽ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. نگران اداري پيٽرول جي اگهه ۾ 4 رپيا 6 پيسا، گاسليٽ جي اگهه ۾ 13 رپيا 58 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 5 رپيا 83 پيسا ۽ لائٽ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 12 رپيا 50 پيسا واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت سان ڳالهين کان پوءِ ٿيندو. حڪومت طرفان جاري منظوري جي نتيجي ۾ نوان اگهه پهرين جنوري کان لاڳو ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے