17 اڱارو , جولاءِ 2018

فيس بڪ تان پنهنجي ڊيٽا ڪاپي ڪيئن ڪجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ استعمال ڪندڙ گھڻائي صارف اهڙا به آهن جيڪي سوشل ميڊيا جي ان ويب سائٽ کان بيزار آهن ۽ اهي ماڻهو پنهنجو اڪائونٽ عارضي طور بند ڪري ڇڏيندا آهن يا ان کي ڊيليٽ ڪري ڇڏيندا آهن. جيتوڻيڪ فيس بڪ صارفن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ هاڻي اهو رڳو ماڻهن سان لاڳاپا ڳنڍڻ جو هڪ ذريعو ئي ناهي پر ان تي ڪيترا ئي اهم پروگرام ٿيندا آهن ۽ هي ڄاڻ ۽ علم جو هڪ اهم ذريعو ٿي رهيو آهي پر بد اعتدالي هر شئي کي هڪ خراب عادت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي ۽ روزانو جي بنياد تي ماڻهو پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ کي ڊي ايڪٽي ويٽ ڪري رهيا آهن يا ان کي مستقل طور ڊيليٽ ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف آسٽريليا جي 25 هزار کان وڌيڪ صارفن ڪمپني تي هڪ ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فيس بڪ غير قانوني طور سندن انٽرنيٽ عادتون نوٽ ڪري رهيو آهي ۽ اها آمريڪي جاسوس پروگرام ”پرزم“ استعمال ڪري رهيو آهي جڏهن ته اهي خدشا به ماڻهن کي فيس بڪ طرفان بڻائي رهيا آهن.

ڊيليٽ يا ڊي ايڪٽيو:

فيس بڪ اڪائونٽ کان پاسو ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن، يا ته توهان پنهنجو اڪائونٽ بي عمل يا ڊي ايڪٽيويٽ ڪري سگھو ٿا يا ان کي مستقل طور ڊيليٽ ڪري سگهو ٿا پر فيس بڪ اڪائونٽ ڊي ايڪٽيويٽ ڪري توهان عارضي طور دوستن سان رابطا ختم ڪري سگھو ٿا ۽ ان کي واپس ايڪٽو ڪري ٻيهر فيس بڪ تي اچي سگھو ٿا. توهان ان طريقي سان فيس بڪ اڪائونٽ کي عارضي طور بند ڪري سگھو ٿا. فيس بڪ جي مين پيج تي وڃون ۽ مٿي سرچ بار جي ساڄي پاسي آخر ۾ تير جي نشان تي ڪلڪ ڪري سيڪيورٽي تي ڪلڪ ڪريو. ان کانپوءِ ڊي ايڪٽيويٽ يور اڪائونٽ تي ڪلڪ ڪري اڳيئن مرحلي تي عمل ڪريو. ان کانپوءِ به توهان جو اڪائونٽ ۽ پروفائل سامهون رهندي پر هو هاڻي توهان سان رابطو نه ڪري سگھندا.

اڪائونٽ ڊيليٽ ڪريو:

اڪائونثٽ مڪمل طور ڊيليٽ ڪرڻ لاءِ https://www.facebook.com/help/delete_account تي وڃي ڊيليٽ ماءِ اڪائونٽ تي ڪلڪ ڪريو. ان ۾ 90 ڏينهن گھربل هوندا ۽ ان دوران فيس بڪ توهان جون سموريون تصويرون، اسٽيٽس اپ ڊيٽس ۽ ٻي سموري جاڄ ڊيليٽ ڪري ڇڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Full home-made "Wheeler" robot within 54 hours

54 ڪلاڪن اندر مڪمل گهر تيار ڪندڙ ”ڪاريگر“ روبوٽ

فرانس(ويب ڊيسڪ) فرانسيسي تعميراتي اداري هڪ اهڙو ڪاريگر ربورٽ ٺاهيو آهي جيڪو ٿري ڊي پرنٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے