20 خميس , سيپٽمبر 2018

ممبئي: ڪمرشل عمارت کي باهه، عورت سميت 15 ڄڻا فوت

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر ممبئي ۾ واقع هڪ ڪمرشل عمارت ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورتن سميت 15 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، باهه وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ جو عملو واقعي واري هنڌ پهتو جڏهن ته ايمبولينسون به گهرايون ويون ۽ باهه وسائي وئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب ممبئي جي صنعتي عمارت ۾ قائم ڪمالا ملز ڪمپائونڊ ۾ موجود هڪ ريسٽورنٽ ۾ مقامي وقت موجب رات ساڍي 12هين وڳي باهه لڳي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي عمارت جي هڪ وڏي حصي کي وڪوڙي وئي ۽ بلڊنگ ۾ موجود ميڊيا جي آفيس تائين وڃي پهتي، جنهن سان انڊين ٽي وي چينل ٽائمز نائو ۽ مرر نائو جون آفيسون به متاثر ٿيون، باهه جي ڪري ٽائمز نائو جي نشريات به بند ٿي وئي. اختيارين موجب فوتين ۾ وڏو انگ عورتن جو آهي، جڏهن ته زخمين مان به 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

 نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڇهين ڏينهن به اضافو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے