17 اربع , جنوري 2018

نيويارڪ ۾ عمارت کي باهه، 12 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) برانڪس واري علائقي ۾ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عالمي ميڊيا موجب رات دير سان نيويارڪ جي علائقي برانڪس ۾ موجود رهائشي عمارت ۾ اوچتو باهه ٻري پئي. باهه جي شدت ايتري هئي جو ان سڄي عمارت کي وڪوڙي ڇڏيو. باهه جي نتيجي ۾ ٻارن سميت 12 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. آمريڪي ميڊيا موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ امدادي ڪارروائيون ڪندي لاش ۽ زخمين کي متاثر ٿيل عمارت مان ڪڍي اسپتال اماڻيو. نيو يارڪ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو سبب هن وقت تائين سامهون ناهي اچي سگهيو ۽ جاچ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي حڪومت حج سبسڊي ختم ڪري ڇڏي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت مسلمانن کي ڏنل حج سبسڊي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے