19 اربع , سيپٽمبر 2018

آبادگار سڄي سنڌ ۾ رستن تي، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، روڊ بلاڪ، هاري پاڻ ساڙي ڇڏيو

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ڪمند جي امدادي اگهه تي پاسما ۽ آبادگارن ۾ اتفاق نه ٿيڻ جي نتيجي ۾هڪ لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ۾ڪڻڪ جي پوکي نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته سنڌ سرڪار اڃا تائين شگرملز مالڪن طرفان ڪريشنگ ٻيهر بند ڪرڻ جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي. سجاول، ٺٽي ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعن جون 6 شگرملون بند ڪيون ويون آهن. ميرپوخاص ۾شگرمل مالڪن جي ظلمنخلاف هڪ هاريءَ پاڻ کي احتجاجن باھ ڏئي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود شگر ملز مالڪن پاران ڪمند جو اگهه 182 رپيا ڏيڻ بجاءِ پيڙائي بند ۽ ڪمند جي امدادي اگهه تي عملدرآمد نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار اتحاد شگر ڪين گروئرس ايڪشن ڪميٽي ۽ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.ميرپور بٺوري ۾ سوين آبادگارن سڪل ڪمند کڻي شهر جي علي بندر چوڪ کان اعجاز خواجه، عبدالرحمان کٽي، محمد علي خواجه، امين لنڊ ۽ غلام علي خواجه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪندي مين روڊ تي ڌرڻو هنيو. ٻنون، دڙو، حيدرآباد روڊ تي سوين آبادگارن ديوان پرڪاش مل, ماما اعجاز سومري, قيوم مگسي, اعجاز اختر سومري, مير نواز سومري, ڊاڪٽرعبدالله سومري ۽ غفور ڌماچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو.ماتلي ۾ سوين آبادگارن عبدالمجيد نظاماڻي، محمد شريف، ڊاڪٽر بشير نظاماڻي ۽  حاجي محمد هاليپوٽي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو. ٽنڊي محمد خان ۾ هزارين آبادگارن ۽ هارين پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ڪمند جو علامتي جنازو ڪڍي حيدرآباد-بدين روڊ تي4 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.ڌرڻي ۾ شامل اڳواڻن سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ نواب مير زبير ٽالپر، پير اشفاق جان سرهندي، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر سنڌ جي مرڪزي نائب صدر نبي بخش سٺيو خطاب ڪندي چيو ته عدالتي حڪم باوجود شگر ملن پاران آبادگارن کي 182 رپيا في مڻ نه ڏيڻ توهين عدالت آهي جنهن جي خلاف اسان عدالت جو ٻيهر در کڙڪائينداسين. ٽنڊي ڄام لڳ کيسانه موري تي محب  مري،  صوبدار ٽالپر، اسلم مري ۽ ايوب مگسي جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ڌرڻو هڻي حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. کيسانه موري اسٽاپ وٽ مڇريل آبادگارن ڪمند رکي باهه ڏئي ڇڏي. ٽنڊي الهيار ۾ شگر ڪين ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي هزارين آبادگارن نواب زبير ٽالپر، محمود نواز شاهه، عبدالرحيم درس، فدا ٿيٻي، مير خان عاقلاڻي، اسلم مري، حاجي سجاد ميمڻ، خالد قائمخاني، شبير شاهه راشدي، قربان جروار ۽ فدا چوهاڻ  جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري 10 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، ميرپورخاص ۾ ٽول پلازا تي هزارين آبادگارن سرفراز جوڻيجي، جاويد جوڻيجي، محمد عمر ٻگھيي، ممتاز مري، اقبال راجپوت، امين پنهور، مبارڪ مهر، منصور چيمه، ملوڪ راڄڙ ۽ وزير مري جي اڳواڻي ۾ روڊ بند ڪري ڇڏيو. گاڏيون 5 ڪلاڪن تائين بيٺل رهيون. احتجاج دوران حسين بخش مري جي آبادگار عبدالمجيد قمبراڻي احتجاجن پنهنجي مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾آبادگار سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو جتان کيس حيدرآباد نيو  ويو.ڪنريءَ ۾ آبادگار اتحاد جي ضلعي صدر غضنفر ٽالپر، سڪندر ٽالپر، نادر ٽالپر ۽ جهانزيب آرائين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن سڪل ڪمند کڻي مور جھنگو اسٽاپ وٽ عمرڪوٽ روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باھ ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، سيکاٽ وٽ قومي شاھراھ تي سنڌ آبادگار اتحاد جي مٽياري ضلعي صدر نويد سمون، مقبول سمون، ايوب سمون، حاجي انور سمون، قلندر سمون، اسدالله سمون، نصرت سمون ۽ مقبول سمون جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. قومي شاھراهه ٻه ڪلاڪ بند ٿي ويو. اڏيرولعل وليج ۾ ديهه ويسرو جي آبادگارن لکا ڏني،آصف خان، محمد علي، خان صاحب، بالو خان آچر، قادر بخش  ۽ محبوب خان جي اڳواڻيءَ ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٽنڊي آدم باءِ پاس تي سوين آبادگارن يار محمد لغاري، مرزا اظهر بيگ، عمران بوزدار، بابل مگسي، عبدالقادر جوڻيجي، عرفان شوري، حاجي حاڪم مري، عبد الله خاصخيلي، علي احمد بوزدار، حاجي علي بخش مري، گاجن وساڻ، خميسو مري، ڌڻي بخش ملوکاڻي، لعل بخش بلوچ، انور ڪلوئي، اڪرام جوڻيجي، محمد خان وساڻ ۽ معشوق ساند جي اڳواڻيءَ ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ سانگهڙ، ڄام نواز علي، سانگهڙ روڊ بلاڪ رهيو.نواب شاهه ضلعي جي چئن شگرملن حبيب، النور، سڪرنڊ، قاضي احمد ۽ ٻانڌي شگر مل جي مک گيٽن ٻاهران آبادگارن  ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون ۽ ٽرڪ بيهاري روڊ بند ڪري ڇڏيو. ٻي طرف ٻانڌي ريلوي ڦاٽڪ ۽ مهراڻ هاءِ وي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه، فنڪشنل ليگ اڳواڻن مير شير محمد رند، باغ علي شاهه، امير علي جمالي، نازو ڌاريجو، بلاول ڪيريو، آصف شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ڌرڻا هنيا ويا. محرابپور جي آبادگار ڏتل سامٽيي احتجاجن 20 ايڪڙن تي ٻڌل ڪمند جي فصل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو جڏهن ته اڳوڻي ايم پي اي احمد علي شاهه، زوهيب علي شاهه، حفيظ ميمڻ، ڏتل سامٽيي ۽ ضمير نانگراج جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آبادگارن محرابپور- هالاڻي روڊ تي ڌرڻو هنيو. هوڏانهن پيارو ڳوٺ شگر مل انتظاميا پاران مل بند ڪرڻ خلاف آبادگارن ڀائي خان برهماڻي، شاهنواز چانڊيو، مير خان ڪلوئي، روشن چانڊيو، الياس آرائين، حضور بخش برهماڻي، حاجي رضا محمد پنهور، مقبول سمون، حاڪم بٺڙ، امان الله لهٻر، بهار الدين ٽڳو ۽ ٻين سوين آبادگارن پاران مل جي ڪين گيٽ کان ريلي ڪڍي مين گيٽ آڏو 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو.مختلف علائقن ۾ احتجاجي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاسما شگرمل مافيا جي هڪ هٽي جي ڪري سنڌ جي آبادگارن سان ظلم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ شگرملز  مافيا آڪٽوبر بدران ڊسمبر جي آخر ۾ ڪريشنگ شروع ڪري وري ان کي بند ڪري آبادگارن کي ڀڳڙن مُٺ تي ڪمند وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن سنڌ جا آبادگار ڪمند جي پوکائي ڪرڻ بند ڪري ڇڏين. جيڪو سلسلو سنڌ جي آبادگارن کي ڪروڙين رپين جي مالي نقصان جو سبب بڻجي رهيو آهي. هنن چيو ته ڪمند جي پوکائي مان آبادگارن کي وڌيڪ منافعو ملڻ جو سلسلو بند ٿيڻ سان سنڌ جا آبادگار پنهنجون ذاتي ملڪيت واريون زرعي زمينون وڪرو ڪرڻ ۽ ڪمند جي پوکائي نه ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.05113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے