20 جمعو , جولاءِ 2018

مشرف جهڙو ڊڄڻو اڳ ۾ ناهي ڏٺو، نواز شريف ڪڏهن نظرياتي ناهي رهيو: بلاول

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو مشرف قاتل آهي، آمر مشرف اڪبر خان بگٽي ۽ ڪراچي واقعن ۾ مارجي ويل ماڻهن جو قاتل آهي، مشرف غدارآمر ۽ قاتل آهي، جيڪڏهن دلير آهي ته ملڪ اچي عدالتن کي منهن ڏي، مشرف جهڙو بزدل ماڻهو اڄ ڏينهن تائين ڪونه ڏٺو آهي، شهيد راڻي جي قتل ۾ القاعده ۽ طالبان به ملوث هئا، شهيد راڻي اڄ به اسان لاءِ زنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سکر پريس ڪلب جو دورو ڪرڻ بعد ميٽ دي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه، سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين نيئر بخاري، صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا اهم پارٽي اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا، پريس ڪلب پهچڻ تي لالا اسد پٺاڻ، جاويد ميمڻ، جان محمد مهر ۽ ٻين صحافين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو شاندار استقبال ڪيو. هن چيو ته اڄڪلهه ٻن لاڏلن وچ ۾ جهيڙو ٿي رهيو آهي، عوامي مفادن جو ڪنهن کي به خيال ناهي، طاهرالقادري ۽ عمران خان سان گڏ ناهيون ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سندن سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي، نوازشريف سوديباز سياستدان آهي هو نه ڪالهه نظرياتي هو ۽ نه اڄ نظرياتي آهي. هو صرف نظر اچي ٿو. هن چيو ته چونڊون وقت سر ۽ پرامن ٿينديون، چونڊون نه ٿيڻ جون ڳالهيون افواهه آهن، اسانجو مقابلو نوازليگ ۽ پي ٽي آءِ سان ٿيندو. نوازشريف نظر ايندو آهي باقي نظرياتي ناهي هن سدائين مفادن واري سياست ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان سنڌ ۾ جلسن دوران خالي ڪرسين کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ ناراض ٿي ويندو آهي ۽ اهڙي ڊرامي بازي هو مستقبل ۾ به ڪندو رهندو، سيوهڻ وارو سندس ناڪام جلسو سڀني جي سامهون آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي ته مشرف شهيد بينظيرڀٽو جو قاتل آهي، نه صرف اهو پر مشرف اڪبر بگٽي جو به قاتل آهي ته ڪراچي سانحي جو قاتل به مشرف ئي آهي، جيڪو هو پاڻ کي سچو سمجهي ٿو ته پاڪستان اچي ڪيسن کي منهن ڇونه پيو ڏئي، آئون شاهدين سان ڳالهه ڪيان ٿو. هن چيو ته مشرف جهڙو ڊڄڻو ماڻهو اڳ مون ڪڏهن ناهي ڏٺو، هو عدالت ويندي ڏڪندو آهي. پ پ چيئرمين بلال ڀٽو زرداري چيو ته هو هرگز نٿو ڊڄي ۽ پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ پراميد آهي ته کيس انصاف ملندو، هو عالمي عدالتن ۾ وڃي سگهي ٿو پر اهو پيغام نه ٿو ڏيڻ گهري ته هتي انصاف نه ٿو ملي، عدليه کي گذارش آهي ته مونکي انصاف ڏنو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري صحافين جي مسئلن بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ صحافي انتهائي ڏکيائين مان گذري رهيا آهن کين ڪابه سڪيورٽي ناهي، پگهارون وقت سر نه ٿيون ملن. هن چيو ته اقتدار ۾ اچي ميڊيائي ادارن جي مالڪن سان نه ڪم ڪندڙ صحافين سان گڏجي انشورنس ۽ سڪيورٽي لاءِ مڪينزم جوڙيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت جي بحالي ۾ صحافين جو اهم ڪردار رهيو آهي، جيڪڏهن صحافي ساٿ نه ڏين ها ته مشرف خلاف ڪاميابي نه ملي ها. اِن کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر پريس جي اضافي پروجيڪٽ جو افتتاح ڪيو، واضح رهي ته سکر پريس ڪلب جي پراڻي عمارت جو افتتاح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1963ع ۾ پرڏيهي وزير هئڻ وقت ڪيو هو. افتتاحي تقريب کي صوبائي وزير اطلاعات ناصر حسين شاهه، صحافي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، جان محمد مهر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پ ٽ الف جي صوبائي صدر انتظار ڇلگري ۽ جنرل سيڪريٽري سڪندر جتوئي سان ملاقات ڪئي ۽ استادن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ جو يقين ڏيارايو ويو.پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽيءَ سان اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سينئر اڳواڻن سان عام چونڊن جي حوالي سان مشورا ڪيا آهن. ذريعن موجب پ پ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي سان اتحاد نه ڪرڻ ۽ هر سيٽ تي پنهنجو اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پ پ فيصلو ڪيو آهي ته عمران خان جنهن ٻولي ۾ ڳالهائيندو تنهن ۾ ئي کيس جواب ڏنو ويندو.ان دوران سنڌ ۽ پنجاب ۾ رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڪيلو پارليامينٽ وڃي ڇا ڪندس، عوام ٻيا پ پ اميدوار به ڪامياب ڪري: بلاول

چنيوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شاهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے