22 پیر , جنوری 2018

”ڇاتيءَ منجهه ڇپائي بڙڇي…“

امداد سومرو

اوئن بينيٽ جونز برطانيا جو معروف صحافي ۽ ليکڪ  آهي. هن اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ رپورٽنگ ڪئي آهي ۽ پاڪستان بابت ٿرٿلو مچائيندڙ ڪتاب به لکي چڪو آهي. تازو هن محترمه بينظير ڀٽو جي ڏهين ورسي جي موقعي تي جنرل مشرف جي ان اعتراف جو انڪشاف ڪيو آهي جنهن ۾ جنرل پرويز مشرف چيو هو ته، ”شايد اسٽئبلشمينٽ جا ڪجهه سرڪش عنصر بينظير ڀٽو جي قتل واري منصوبابنديءَ ۾ ملوث هجن.“ بينيٽ موجب، مشرف جو چوڻ هو ته هن وٽ ڪي پڪا ثبوت ناهن پر کيس (مشرف کي) يقين آهي ته هن جي ڳالهه درست هوندي.

جنرل صاحب ٻاهر آهي. عياشين ۾ آهي. خوب پئسا ڪمائي رهيو آهي. سياست جو شوق به اٿس. سعودي بادشاهه کان تحفي طور پئسن سان ڀريل بريف ڪيس پڻ وٺي چڪو آهي. جنرل کي هتي ته ڪير کنگهي به نه ٿو البت هر ٻئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن  ٽي وي چئنل تي انٽرويو يا تبصري لاءِ هڪيو تڪيو حاضر ويٺو هوندو آهي. هو جيڪو گارشيا مارڪئيز هڪ ڪرنل لاءِ لکيو هو جنهن کي ڪو خط نه لکندو آهي پر مشرف کي بهرحال پاڪستاني ميڊيا ملي وڃي ٿي. اينڪر کيس کوٽڻ جو ڪم ڪن ٿا ۽ هن کي به ان مان مزو اچي ٿو.

اوئن بينيٽ جونز جي ان انڪشاف کان اڳ دنيا جي ڇهين وڏي ملٽري اداري جو اڳوڻو سربراهه وڏو اهتمام ڪرائي اهو رڪارڊ ٿيل انڪشاف پڻ پاڪستاني ٽي وي چئنلن تائين رسائي چڪو آهي، چي، اصل ۾ آصف علي زرداري محترمه بينظير جي قتل ۾ ملوث آهي جيئن هو ملڪيت ۽ اقتدار جو مالڪ بڻجي سگهي ۽ هن ئي مير مرتضيٰ کي قتل ڪرايو هو.

جنرل مشرف اهو الزام تڏهن هنيو جڏهن پ پ پاران نئين داخل ڪرايل ڪيس ۾ جنرل مشرف کي مک قاتل طور نامزد ڪيو ويو هو. جنرل مشرف 10 سال گذري وڃڻ تائين اهو ”راز“ سانڍي ويٺو هو جيڪو هن ان وقت تائين ظاهر نه ڪيو جيسين سندس نالو محترمه جي قتل ڪيس ۾ سڌيءَ طرح نامزد نه ڪيو ويو. مارڪ اي سهگل ته اڳ ئي محترمه جي قتل ڪيس ۾ مشرف جو ڪردار ڪليدي سمجهندو رهيو آهي. نه رڳو اهو پر جي اوهان زحمت ڪري گڏيل قومن جي جاچ ٽيم پاران جاري ڪيل 68 صفحن تي مشتمل رپورٽ کي غور سان پڙهندئو ته ان ۾ به محترمه کي قتل ڪرڻ واري سازش ۾ مک ذميوار طور پيرا مشرف تي ڇڏيا ويا آهن. افسوس ته ان رپورٽ کي اسٽئبلشمينٽ حامي جماعتن ته ڄاڻي واڻي تڪراري بڻايو پر اهو ڪم زرداري اينڊ ڪمپنيءَ به ڪيو. دنيا جي ساک وارن تحقيقي ماهرن هيرالڊو منوز جي اڳواڻي ۾ جيڪا تحقيقي رپورٽ ڏني، ان تي غور ۽ عمل ڪرڻ بجاءِ رپورٽ کي تڪراري بڻائڻ جو ڪم ٻين ته ڪيو ئي ڪيو پر پ پ به ڪيو. سڀ کان اول صدر زرداريءَ ئي گڏيل قومن جي جاچ جو مطالبو ڪيو هو. ان جاچ ٽيم جي ماهرن کي ڪو ”ڪرمنل“ جاچ ڪرڻي نه هئي پر ٽيم جو مينڊيٽ محترمه جي قتل جا محرڪ ۽ ان وقت جون حالتون جاچڻ هو. ٽيم پنهنجي ان ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ بي انتها ڏکائين باوجود ڪامياب وئي پر هتي ان رپورٽ کي هضم نه ڪيو ويو.

ڳڙهي خدا بخش ۾ ورسيءَ جي موقعي تي هن ڀيري جيڪا ڳالهه نئين هئي اها بلاول جي تقرير ۾ جنرل مشرف کي ”فوڪس“ ڪرڻ واري هئي. هن چيو ته مشرف ئي منهنجي ماءُ جو قاتل آهي. اساما بن لادن جي ايبٽ آباد واري مسواڙ واري گهر مان هٿ آيل دستاويزن مان پڌرو ٿئي ٿو ته اساما ئي محترمه جي شهادت جو منصوبو رٿيو ۽ بيت الله محسود ذريعي ان تي عمل ڪرايو. هاڻ مشرف القاعده ۽ ٽي ٽي پيءَ جي نيٽ ورڪ سان ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح ان منصوبي ۾ شامل هو، اهو پڌرو ٿيڻ گهرجي ۽ اهو شايد پڌرو ٿي به نه سگهي. نه ان ۾ اسان جي رياستي مشينري دلچسپي رکي ٿي ۽ نه ان ۾ هاڻ بي بي صاحبه جي وارث پارٽي سنجيده آهي. مشرف تي حملي وارا دهشتگرد ته پڪڙيا ويا پر محترمه جي قتل ڪيس ۾ جن دهشتگردن جرم جو اعتراف ڪيو تن کي به شاهديون پوريون نه هجڻ ڪري عدالت طرفان آزاد ڪيو ويو.

ٻيو ته ڇڏيو پر جاچ ٽيم پاران رحمان ملڪ جي رويي تي به افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي جيڪو ٽيم کي ڪجهه ٻڌائڻ بجاءِ اگر مگر ڪندو رهيو. معتبر انگريزي اخبار ”ڊان“ اها سڄي رپورٽ ڇپي هئي ۽ رڪارڊ جو حصو آهي. ٽيم جو سربراهه هيرالڊو منوز ان تي ڪتاب Getting Away With Murder پڻ لکي چڪو آهي. منوز چليءَ جو سياستدان ۽ ڊپلوميٽ آهي. هو چليءَ جو اقوام متحده لاءِ نمائندو به رهيو آهي. هو چليءَ جي سوشلسٽ ڊيموڪريٽ حڪومت ۽ صدر آلنديءَ جي ماتحت اهم عهدن تي ڪم ڪري چڪو آهي ۽ 1973ع ۾ جنرل پنوچيءَ واري فوجي بغاوت جي اذيت پڻ برداشت ڪري چڪو آهي.

هيءُ بينظير ڀٽو جو قتل ڪيس هو پر جيترو مذاق محترمه جي خونِ ناحق سان ڪيو ويو آهي شايد ئي ڪنهن سان ڪيو ويو هجي. ذوالفقار علي ڀٽي کي ته ڦاهي ڏني وئي يا عدالتي قتل ڪيو ويو، ان جا ڪردار پوءِ خاڪي ورديءَ ۾ هئا يا عدالتي جُبن ۾، تاريخ اڳيان ظاهر ٿي چڪا آهن. باقي محترمه جنهن کي سرِ عام هزارين ماڻهن جي جلسي ۾ ٻن ٽن هنڌن کان هدف بڻائي ماريو ويو، ان جي ڪيس ۽ ٻيو مير مرتضيٰ ڀٽي جي قتل ڪيس سان برو مذاق ڪيو ويو. مير صاحب کي سندس ستر ڪلفٽن واري رهائشگاهه ڀرسان پوليس مقابلي ۾ اهڙي طرح ماريو ويو جهڙي طرح اتر سنڌ ۾ ڪنهن ڌاڙيل کي هٿرادو مقابلي ۾ ماريو ويندو آهي. ان قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي ترقيون ڏنيون ويون، ساڳي ڪار محترمه واري ڪيس سان به ٿي.

نه رياست سڳوري ۽ نه زرداري ان ڪيس متعلق سنجيده… پ پ جي اڳوڻي حڪومت ان جي گواهه آهي. بينظير ڀٽو جي قتل تي پ پ سنجيده ٿئي ها، اسٽينڊ وٺي ها پوءِ هن جي حڪومت ڇو نه هلي وڃي ها ته پيپلز پارٽي اڳي کان اڳري هجي ها ۽ هيئنDefensive پوزيشن تي نه هجي ها. پارٽيءَ بينظير وڃائي ۽ پوءِ طاقت وڃائي. هاڻ اها عوام جو اعتماد به وڃائڻ جي ڪنڌيءَ تي آهي.

ٽيل پيس: 27 هين ڊسمبر جي اداس نماشام ۽ ان کان ٻئي ڏينهن 28 هين ڊسمبر شيخ اياز جي ورسيءَ جو ڏينهن… ڊسمبر جي آخري ڏيهاڙن تي بي بي صاحبه جي سحرانگيز شخصيت ۽ سندس المياتي غيرفطري موت ۽ اياز جي بي مثال تخليقي شاعريءَ جا پاڇا لهرائڻ لڳن ٿا… بلڪل ائين جيئن هن لکيو هو:

تنهائي کولي ٻک کڙي آ

ڌوڏيندڙ هيءَ گهڙي آ؛

شام لڙي آ…. (اياز)

پر اياز جو هي نظم بار بار پڙهي مان اکين ۾ پاڻيءَ جي ڀرجي اچڻ کي روڪي نه ٿو سگهان.

آنءُ ڪئاسي موڊو ناهيان،

پو به لڳي ٿو منهنجو مقدر؛

هن جهڙي تنهائي آهي،

منهنجي گهر ڀي ڪنهن ڪرڻي جي

ڇاتيءَ منجهه ڇپائي بڙڇي،

شام اچانڪ آئي آهي.

ليڪن…. پوءِ به زندگي ته آهي… تنهن ڪري دوستو، هيپي نيو ايئر.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آخر ڇا ٿيندو؟

حافظ سڪندر تنيو ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۽سوشل ميڊيا تي تي سنڌ ۾بدامني جي راڪاس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے