27 جمعہ , اپریل 2018

بينظير ڀٽو جي سرواڻي ۾جمهوري هلچل ۽ تاريخي سوڀ

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ آمريت جي راڄ وارو اهو نائون سال هو، جنهن دوران ملڪ ۾سياسي سرگرمين تي بندش هئي،ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه محترما بينظير ڀٽو، ان سموري عرصي ۾ ملڪ کان ٻاهر ۽ پاڻمرادو اختيار ڪيل جلاوطني جا ڏينهن گهاري رهي هئي ۽ آصف زرداري، سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ جيلن ۾ بند هئا ۽ مختلف عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا هئا. ٻئي پاسي ميان محمد نوازشريف گرفتاري بعد  حڪومت کان معافي وٺي، 10سالن لاءِ سعودي عرب وڃي چڪو هو. ملڪ جو عوام آمريت کان ڇوٽڪاري جون راهون ڏسي رهيو هو ته ان دوران ملڪ جي ججن جي برطرفين جو معاملو اٿي پيو ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئسن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل  طرفان احتجاج شروع ٿي ويو.

بيرسٽر اعتزاز احسن ۽ ٻين اڳواڻن جي قيادت ۾ ملڪ جي وڪيلن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جو اهو احتجاج ، اڳتي هلي  وڏي عوامي هلچل جي صورت اختيار ڪري ويو، جنهن ۾ ملڪ جو عوام، ساڃاهه وند ۽ سول سوسائٽي جو وڏو انگ شريڪ ٿيندا ويا.  وڪيلن ۽ سول سوسائٽي  جي ان هلچل، ملڪ جي جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ کي هڪ ٻئي سان جوڙي وڏي طاقت ۾ تبديل ڪري وڌو.گڏوگڏ ملڪ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي لائيو نشريات ۽ اخبارن جي ڀرپور ڪوريج، انهيءَ هلچل کي ڏينهون ڏينهن مضبوط ڪري رهي هئي.

اهو ئي وقت هو جو ملڪ ۾ اٿندڙ عوامي احتجاج ۽ تحريڪ سان آمريتي حڪومت جا ساهه گهٽجڻ لڳا هئا، پيپلز پارٽي سميت سموريون سياسي جماعتون ان صورتحال کي فائديمند سمجهي ، تحريڪ ۾ شامل ٿي رهيون هيون پر محترما بينظير ڀٽو خاموش هئي. آخرڪار ڪجهه وقت بعد جڏهن عوامي احتجاج وڌي وڏي سيلاب جي صورت اختيار ڪري ورتي ته پوءِ محترما بينظير ڀٽو جي  دبئي کان ميڊيا بريفنگ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي آئي. محترما کان معلوم ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت آمريت ۽ عدليا جي وچ ۾ محاذ گرم آهي ۽ اوهان ڇو خاموش آهيو ؟ ٻيو ته  ان تحريڪ جي اڳواڻي، پيپلز پارٽيءَ  جو سينئير اڳواڻ بيرسٽر اعتزاز احسن ڪري رهيو آهي، ڇا ان کي اوهان جي پٺڀرائي حاصل آهي؟. انهن بنيادي نوعيت جي سوالن جي جواب ۾ محترما جو چوڻ هو ته “ اسانجي ملڪي تاريخ  ۾ اهڙي قسم جي خاص جهيڙن جو ڪو رڪارڊ  ناهي پر جيڪڏهن آمريت ۽ عدليا ۾اهي ڏار   حقيقي آهن ته پوءِ اسين انهن جي وڌڻ جو انتظار ڪنداسين” . محترما جي ان موقف ۾پيپلز پارٽي ۽ ٻين سياسي قوتن ۽ سول سوسائٽي لاءِ مڪمل وضاحت ۽ رهنمائي موجود هئي، جنهن بعد عوام جي طاقت انهن ڏارن کي وڌائي آمريت جا محل ئي لوڏي ڇڏيا.

حڪومت جو تختو اونڌو ٿيندو ڏسي آمر جنرل پرويز مشرف دبئي وڃي محترما بينظير ڀٽو وٽ پيش پيو ۽اتي هن محترما کي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي نالي تي ساٿ ڏيڻ تي راضي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا مذاڪرات ڪيا. پر محترمه بينظير، جنرل پرويز مشرف تي اعتبار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هر ڳالهه لکت ۾ ڪرڻ ۽ انهن تي گڏوگڏ عملدرآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. جنهن تحت جيڪو ٻه طرفو معاهدو ٿيو ، ان تحت ملڪ ۾ فوري طور تي سياسي آزاديون بحال ڪرڻ ۽ سياسي سرگرمين تي بندش ختم ڪرڻ، ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ ، سمورا سياسي قيدي بنادير آزاد ڪرڻ ۽ انهن تي لاڳو ڪيل سمورا ڪيس ختم ڪرڻ ، جنرل پرويز مشرف جو فوري طور تي آرمي چيف جي عهدي تان ريٽائر ٿيڻ ۽ نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جو اعلان ڪرڻ جي مطالبن تي اتفاق ڪيو ويو. اها سموري تفصيل ميڊيا ريڪارڊ ۽ حڪومت جي ريڪارڊ جو حصو آهي. جنهن تحت بعد ۾ جنرل مشرف حڪومت طرفان قومي مفاهمتي آرڊينينس (اين آر او) پڻ جاري ڪيو ويو.

معاهدي تي پيش رفت جي حوالي سان دبئي ۾محترمه بينظير ڀٽو سان  جنرل پرويز مشرف جي ملاقات دوران سندس آرمي چيف جو عهدو ڇڏڻ کان لنوائڻ جي اطلاعن تي محترمه بينظير ڀٽو طرفان سخت موقف اختيار ڪيو ويو ۽ معاهدو ختم ڪرڻ جي چتاءَ ڏيڻ تي جنرل پرويز مشرف آرمي چيف جي عهدي لاءِ شخصيت جي چونڊ ڪرڻ  لاءِ ڪجهه وقت گهريو ته محترمه کيس چيو هو ته جنرل صاحب توهان تي ڪو به اعتبار نٿو ڪري سگهجي جو هن کان اڳ جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پڻ پنهنجو هڪ عهدو ڇڏڻ جي واعدي تحت فائدو حاصل ڪرڻ بعد واعدي تان ڦري ويا هئا. جنهن تي محترمه گڏجاڻي ۾ شريڪ تنهن وقت جي ڊائريڪٽر جنرل  آءِ ايس آءِ  جنرل پرويز ڪياني کي آرمي چيف بنائڻ لاءِ تجويز ڪيو ته جيئن هو معاهدي جي امين طور پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. آخرڪار انهيءَ گڏجاڻي ۾  نئين آرمي چيف لاءِ جنرل ڪياني جي مقرري جو ئي فيصلو ڪيو ويو.

آخرڪار اهو تاريخي وقت به اچي ويو جو محترما بينظير ڀٽو 18  آڪٽوبر 2007ع تي پنهنجي 9 سالن واري خود اختيار جلاوطني ختم ڪري، ملڪ ۾ واپس موٽي آئي ۽ ان تاريخي موقعي تي ڪراچي ايئر پورٽ تي پوري ملڪ کان 30 لکن کان وڌيڪ عوام سندس تاريخي استقبال ڪيو ۽ ان ريت دنيا ۾ عوام جي پنهنجي ليڊر سان محبت جا نوان ريڪارڊ قائم ٿي ويا. پر عوام راڄ جي ان جشن تي 10 ڪلاڪن بعد ڪارساز وٽ دهشت گردي جو حملو ٿيو ۽ بمن جا ڌماڪا ڪري سوين بي گناه ماڻهن ، ٻارڙن، عورتن جمهوريت ۽ امن جي پانڌيئڙن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو ويو. حيرت انگيز طور تي ان سانحي جو ڪيس وارثن ۽ فريادي ڌر پيپلز پارٽي کي داخل ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ سرڪار اڳ ئي ڪيس پاڻ داخل ڪري ۽ ڌماڪي واري جاءِ پڻ ڌوئي بلڪل صاف ڪري ڇڏي ۽ شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ بنا دير کولي ڇڏي وئي .

پاڪستان ۾ جمهوري تحريڪ جي سرواڻ  ڀٽو خاندان جي خلاف دهشت گردي جو اهو ٽيون سانحو راولپنڊي ۾ٿيو ، جتي محترما بينظير ڀٽو ، پيپلز پارٽي جي چونڊ مهم دوران لياقت باغ  واري جلسي جي پڄاڻيءَ تي گولين لڳڻ ۽ بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويئي. ان وقت پڻ جنرل پرويز مشرف سرڪارجو ئي دور جاري هو، جنهن ۾ شهادت واري سانحي بعد جاءِ واردات کي ڌوئي ثابتيون ضايع ڪري قاتلن ۽ ٻين ڏوهارين کي لڪايو  ويو .ان سانحي جي متاثر خاندان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪيس داخل ڪرڻ به نه ڏنو ويو ۽  ٻئي پاسي  جنرل مشرف واري حڪومت ۽ پنجاب سرڪار پاڻ ئي فريادي ڌر پڻ بنجي وئي ۽ پوءِ جوابدار ۽ ڏوهاري نه صرف آزاد ٿي ويا پر انهن ڏوهن جو  وڏو ڏوهاري ملڪ کان ٻاهر ۽ دنيا ۾آزادي سان زندگي گذاري رهيو آهي.

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ  ڪجهه وقفي بعد ٿيل عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي ۽ حڪومت سازي لاءِ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ گڏجاڻيون هلندڙ هيون ته ان وقت جي  اطلاعن موجب جنرل پرويز مشرف، محترما بينظير ڀٽو سان ڪيل معاهدي تان ڦرڻ لڳو ۽پاڻ ريٽائر ٿيڻ بجاءِ، جنرل ڪياني کي ريٽائر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . پر اهڙو اطلاع آصف زرداري کي مليو، جنهن جنرل ڪياني کي بروقت ان صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو. جنهن تي جنرل مشرف  جو اصل منصوبو ناڪام ٿي ويو ۽ هو ملڪ تي وڌيڪ عرصو قابض رهي نه سگهيو۽ کيس آرمي چيف جي عهدي تان ريٽائر ٿيڻ بعد کيس صدر جي عهدي کان پڻ ڌار ٿيڻو پيو.

اهڙي ريت ملڪ جي نئين چونڊيل پارليامينٽ سيد يوسف رضا گيلاني وزير اعظم ۽ آصف علي زرداري، صدر چونڊيا ويا. اهڙي ريت جنرل مشرف جي اقتدار جو خاتمو ٿيو ۽ هو ڪيتريون ئي حسرتون ۽ منصوبا دفن ڪري ملڪ مان نڪري وڃڻ تي مجبور ٿي ويو. يقينن پرويز مشرف جا اهي وڏا نقصان هئا جنهن جي هو ڳالهه ڪري رهيو آهي.( نوٽ؛ ڏنل حوالا جيو نيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ جي ميزبان ۽ اينڪر حامد مير طرفان ڪيترائي ڀيرا ورجايا پڻ ويا آهن.).

اڄ دنيا ۾ محترما بينظير ڀٽو شهيد کي تمام گهڻو ياد ڪيو پيو وڃي،  گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هاڻوڪي اجلاس ۾پاڪستان جي جمهوري جدوجهد جي سرواڻ ۽ تاريخي شخصيت محترمه بينظير ڀٽو کي شاندار نموني ڀيٽا پيش ڪئي وئي. برطانيا جي وزيراعظم ٿريسامي، پاڪستان جي  اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ان جو بيرحماڻو قتل انهن ماڻهن ڪيو، جيڪي گڏيل قومن جي قدرن کي رد ڪندا آهن. ميڊم ٿريسامي جو چوڻ هيو ته جنرل اسيمبلي ۾ موجود ڪيترائي ماڻهو بينظير ڀٽو کان سٺي نموني واقف رهيا آهن، برطانيا جي وزير اعظم جو چوڻ هو ته بينظير ڀٽو جو تعلق دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ سان هيو ۽ ان کي جمهوري جدوجهد، برداشت کي هٿي ڏيڻ ۽ هڪ عورت هئڻ سبب قتل ڪيو ويو.

ملڪ جي جمهوري تحريڪ ۾ هن وقت نئون رخ نروار ٿيو آهي جو هڪ پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي گولڊن جوبلي سال يعني  پنهنجي وجود کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ملڪ ۾  گولڊن جوبلي تقريبون ۽ ڪانفرنسون ۽ عوامي جلسا شروع ڪري ملڪ ۾ 2018ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي باقاعدي شروعات ڪئي آهي. ٻئي پاسي  5 ڊسمبر تي اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ ڪيل تمام وڏي جلسي عام ۾ پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي  قيادت باضابطا طور تي پارٽي جي نوجوان چيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت ملڪ جي جمهوري تحريڪ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي وري  ٽيون  متفق، نوجوان  ڪرشماتي ليڊر مليو آهي، بلا ول ڀٽو زرداري جي خوشقسمتي اها پڻ آهي ته هو پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏهٽو ۽  شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جو فرزند ۽ سندس وصيت مطابق پارٽي جو سربراهه پڻ چونڊيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ سندس چئني پاسن ٽن نسلن سان تعلق رکندڙ اڳواڻ ساٿي پڻ سندس متحد طاقت ۽ جمهوري تحريڪ جي مضبوط ڍال بنيا آهن.

بيشڪ ! ملڪ  جي آزمائش واري جمهوري تحريڪ ۽ جمهوريت جي بحالي واري تاريخ کي ياد ڪجي ته محترمه بينظير ڀٽو جي سرواڻي ۽ هزارين جمهوريت پسندن جي قربانين سبب اڄ نالي ماتر جمهوريت ۽ عوامي حقن جي حاصلات  طور جيڪي ڪجهه به ملڪ ۽ عوام کي حاصل ٿيو آهي، اهو شهيدن جو ڏنل قيمتي تحفو ئي آهي.     پر حالتون اڃان به تمام گهڻيون خوفناڪ محسوس ٿي رهيون آهن جو  ملڪ جي سياست ۾ ڇرڪائيندڙ واقعا ۽ سانحا لڳاتار ملڪ کي لوڏي رهيا آهن. جمهوري جماعتن جا اڳواڻ ۽ عوام پنهنجي ئي وطن ۽ ملڪ جي عوام جي حفاظت ۽ جمهوريت جي بچاءَ ۽ جمهوري ادارن  جي بقاءَ لاءِ پنهنجو سر تريء تي رکي جدوجهد ڪري رهيا آهن. اسان جون نيڪ خواهشون ۽ دعائون ملڪ ۽ ان جي عوام جي حفاظت ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪندڙ قيادت ۽ ان سان لاڳاپيل لکين جمهوريت پسند ڪارڪنن سان گڏ آهن، جو انهن جي ڪاوشن ۽ جدوجهد  مان ئي بهتري ۽ روشن صبح جي نروار ٿيڻ جون اميدون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڻيءَ جو ٺاهه: سنڌ جا خدشا درست ثابت ٿيا!!

ڊاڪٽر عبدالمنان قومي اقتصادي ڪائونسل جي 24 اپريل 2018 واري اجلاس جي واردات تي سموري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے