18 جمعرات , جنوری 2018

سنڌ کي ڏسڻ گهرجي،سنڌ کي سمجهڻ گهرجي!!!

محمد خان دائود

هوُ جڏهن دبئي مان شيخن جي نوڪري ڇڏي ڏيهه وريو هو.تڏهن هن پنهنجي روحاني بابا کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون هيون جنهن لاءِ ڪراچي جهڙي شهر ۾ رهي اهو سوچڻ به محال هوندو آهي ته ڪوئي ان کي گاريون به ڏئي سگهي ٿو.پر هن کي بحريا ٽائون جي نوڪري به فرشتن وٺي ڏني هُئي ته نئين نوڪري لاءِ به هن کي فرشتن ئي پگهار تي رکيو هو.

اُهو مصطفيٰ ڪمال آهي جنهن جو ٻيو ڪو به ڪمال ڪونهي سواءِ ان ڳالهه جي ته مشرف جي دور ۾ هن همراهه کي دل کوکي ڏوڪڙ ڏنا ويا ان جو هڪ حصو به ڪراچي جي ترقيءَ تي خرچ نه ٿيو انهم ڏوڪڙن مان ان جا ڀڀ ڀريا ويا جيڪو ڪراچي جي علائقي ناظم آباد مان ففٽي موٽر سائيڪل تي فرار ٿيو ۽ اڄ اُتي رهي ٿو جنهن علائقي ۾ لندن جو مئير صادق خان به رهڻ جو تصور نٿو ڪري سگهي.

اُهو مصطفيٰ ڪمال جنهن واقعي ڪمال ڪيو آهي.جيڪو  الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيو.ان کي ٽيلي فون آپريٽر ڀرتي ڪيو ويو،پوءِ ان تي روحاني پير بابا جي نظر پئجي وئي ان مصطفيٰ ڪمال کي سنڌ اسميمبليءَ تائين پُڄايو اتان فرشن هن کي سنڌ ۾ آئي ٽي جو وزير بنايو.پوءِ بس هن جو خدا جي مهان فرشتن هٿ پڪڙي ورتو.

اسميبليءِ جي ميمبر ۽ آئي ٽي جو وزير ٿيڻ کان پوءِ هي فرشتن جي نظر ۾ ئي نه پر نور نظر ٿي ويو.ڇو جو ان وقت ملڪ جي ڪاري اڇي جون سڀئي چاٻيون مشرف جي هٿ ۾ هيون.جيڪو وڏو فرشتو هو ۽ سڀئي ننڍا فرشتا مشرف جي تابع هُئا،اُهي فرشتا به جيڪي عوام جي ووٽ جي تذليل ڪندي چوندا هُئا ته هي ملڪ انهن جي هٿن ۾ آهي جنهن وٽ چا ر،،A ،،آهن.

،،الله

امريڪا

آرمي

۽ عوام!،،

پر هتي اڄ ڳالهه مصطفيٰ ڪمال جي ٿي رهي آهي.جنهن جو ڪو به ڪمال ناهي هوُ چور دروازي مان نه پر هن کي تي اُهي فرشتا وٺي آيا آهن .جيڪي رات ۾ به ائين ڏسي سگهندا آهن جئين ڏينهن ۾ ڏسندا آهن.اُهي فرشتا جيڪي صفا مروه جي جبل جهڙا پاڪ آهن.اُهي فرشتا جيڪي روز اهڙا بيان ڏيندا آهن ته “جمهوريت جو سفر هلندو رهندو!“

پر اها ڳالهه سڀ سمجهن ٿا ته “جمهوريت جو سفر“ڀلي هلندو رهي پر ان سفر ۾ انهن جو به حصو پتي رکيل هُجي ڪڏهن چوڌري ڀائرن جي شڪل ۾ ڪڏهن مير ظفر الله جمالي جي نالي تي،ڪڏهن شوڪت عزيز جي نالي تي ڪڏهن ايم ڪيو ايم جي نالي تي،جڏهن ڳالهه“ ڳاٽي نال چڙهه گئي هي!ته پوءِ“ميري عزيز هم وطنو!“جي نالي تي،جڏهن اهڙا در بند نظر اچن تي پوءِ مصطفيٰ ڪمال جي نالي تي يا پاڪ سر زمين جي نالي تي.پر انهن جو حصو ته بهر حال رکڻو ئي پوندو ڇو جو هوُ هن ملڪ جا“اي  ميري سجيليءِ جوانو ميري نغمي تمهاري لئي هين!،، جڏهن سمورا نغما سمورا گيت سمورا راڳ، سمورا سُر، سمورا آلاپ، ئي انهن جي نالي تي آهن ته اهو اقتدار جو وري ڪهڙو رينگٽ آهي اهو به انهن جي نالي!

دنيا  تمام اڳتي نڪري وئي آهي.دنيا ۾ اظهار جي آزادي جا تمام گهڻا ميڊيم موجود آهن خاص ڪري جڏهن کان اها سوشل ميڊيا عام انسان جي هٿ چڙهي آهي ته هُو پنهنجي بستر ۾ سمهي پوري دنيا ۾ پنهنجي ڳالهه پُچائي رهيو آهي ان لاءِ هاڻي نا ممڪن ٿي پيو آهي ته ڪوئي ڪنهن جي رائي کي روڪي سگهي اگر ڪوئي ڪنهن جي راءِ کي روڪي به ٿو ته اُها راءِ پوءِ تمام گهڻي شدت سان اڳتي اچي ٿي ۽ تمام بندن کي لوڙهي ڇڏي ٿي ان لاءِ هاڻي اهيو ناممڪن ٿي پيو آهي ته سڌو سنئون  جمهوريت تي راتون هڻي سگهن .اگر ناممڪن نه هجي ها ته ڇا اهڙي پوئتي پيل ٽي دنيا جي ملڪ ۾ گذريل ڏهه سالن کان اُهي جڏي منڊي ئي سهي پر جمهوريت کي برداشت ڪن ها؟!!!

اسان تُرڪيءِ ۾ ڏٺو ته فرشتن جو ڪهڙو حال ڪيو ويو ان لاءِ سموري دنيا جا فرشتا هاڻي پنهنجي وڌيڪ بدناميءَ کان ڊڄن ٿا.ان لاءِ جيتري قدر ممڪن آهي هوُ ملڪي سياست ۾ مصطفيٰ ڪمال جهڙا ڪردار تلاش ڪن ٿا جنهن سان هو ووٽ،اسمبليون،۽ جهموريت جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ رکن ٿا.

۽ عوام ۽ اُن جو ووٽ؟!!ان لاءِ ته اسان کي سنڌ اسمبيليءِ جو اسپيڪر پٺاڻ آغا سراج دراني ٻڌائي چڪو آهي ته هوُ“ان ووٽ تي ڇا ڪندو آهي!“

مصطفيٰ ڪمال ائينڊ پارٽي به اُن ئي آسمان تان آيا آهن جنهن آسمان تان ايوب خان کان ويندي پرويز مشرف آيا هُئا ۽ هوُ اهڙا معصوم هُئا جهڙا معصوم ٻار هوندا آهن بس ضيا الحق ۾ ڪجهه وڌيڪ روشني هُئي جو دنيا ان کي برداشت نه ڪري سگهي ۽ هوُ به دنيا جي ماڻهون کي نه سمجهي سگهيو نه برداشت ڪري سگهيو بس ڀوڳن ۾ انسانن جي جسم تي چابڪ سان کيڏندو هو.اُنهن ئي آسمانن جي درن مان لٿو آهي انيس قائم خاني ۽ مصطفيٰ ڪمال! اُهو مصطفيٰ ڪمال جيڪو پنهنجي روحاني بابا جي چوڻ تي ڪڏهن لانڍيءَ ۾ ٻي خلق کي گاريون ڏيندو هو ڪڏهن ڪورنگي ۾!

اُهو مصطفيٰ ڪمال ڏاڍو خوش ٿيندو هو جڏهن ايم ڪيو ايم جي هڪ رڪن اسميمبلي جي مرڻ تي ناحق ڪراچي ۾ هڪ سئو کان به وڌيڪ پٺاڻ مارجي ويا هُئا.پٺاڻ به اُهي جيڪي موچي هُئا،مزدور هُئا.۽ هن شهر ۾ ڪاغذ ميڙيندا هُئا،

اُهو مصطفي ڪمال!جنهن ڪراچي جي زمين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن ۾ ائين ورهائي جهڙو ڪه هن کي اها زمين مشرف ڏاج ۾ ڏني هُجي.

اُهو مصطفيٰ ڪمال جنهن ڪراچيءَ ۾ سنڌين جا قديم ڳوٺ ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيا.

اُهو مصطفيٰ ڪمال!جنهن ملير کان ويندي لياريءَ تائين سموري زمين وڪڻي روحاني بابا لاءِ پيسن جا ٿيلا ڀري موڪليا تڏهن فرشتا عبادت ۾ مشغول هُئا.

اُهو مصطفيٰ ڪمال!جنهن ناظمي جي زماني ۾ اگر شهر جا ترقياتي ڪم به ڪريا ته انهن علائقن ۾ جتي پناه گير اڪثيريت ۾ آهن

ناظم آباد،گلشن،لانڊي ،ڪورنگي،ملير جا شهري علائقا.باقي ڪراچي ۾ ست علائقا فرشتن جا آهن اهو علائقا جتي سنڌي .بلوچ ،پٺاڻ اڪثيريت ۾ آهن انهن علائقن جا اڄ به اُهي ئي روڊ آهن جيڪي ايوب جي دور ۾ ٺهيا هُئا.

مصطفيٰ ڪمال جو فرشتن روئڻ بند ڪرايو.۽ دلاسو ۽ ٽڪٽ ڏئي اهو چئي ڪراچيءَ روانو ڪيو ته “وڌيڪ روئڻو ڪراچي ۾ اٿي مٺا!!“

هوُ ڪراچي پهچي سڀ کان وڌيڪ گاريون روحاني بابا کي ڏئي ٿو.ان کي جنهن لاءِ ڪوئي تصور به نٿو ڪري سگهي جنهن کي گاريون اُهي شاگرد صرف انهن واش رومن ۾ لکي ويندا هُئا جيڪي واش روم سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جا هوندا آهن جن جا در به ڀڱل هوندا آهن.پر مصطفيٰ ڪمال کي ل آشرواد حاصل هو هو دل کولي ان ڳالهه تي رنو ته ان کي بابا موچڙا هڻايا هُئا ۽ هوُ روئي به نه سگهيو هو هاڻي روئي رهيو آهي.۽ دل کولي اُن کي گاريون ڏئي رهيو آهي

جنهن کي سڀ گڏجي چوندا هُئا

“بابا تيري جئه هو!!“

اُهو مصفطيٰ ڪمال!اڳوڻي لالو کيت  ۽ هاڻو ڪي لياقت آباد ۾ دل کولي سنڌ جي وڏي وزير کي گاريون ڏئي چڪو آهي.هاڻي ڏسڻو اُهو آهي ته جيڪو مصطفيٰ ڪمال امن ،ڀائيچاري جون مٺيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.محبت جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.ڪڏهن ڪوئٽا ۾ نظر اچي ٿو ڪڏهن پشاور ۾ ڪڏهن پير سائين پاڳاري جي چرنن ۾ ويٺل ملي ٿو ڪڏهن ڊاڪٽر قادري جي آستاني تي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هوُ ڪڏهن ٿو سنڌ کي گاريون ڏئي.

پوءِ هوُ پنهنجي ڳالهه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ميڊيا تي اچي اسرائيل ۽ فلسطين جو قصو به ٻڌائيندو ۽ چوندو ته

“جڏهن يوروشلم جو حصو پتي ٿي سگهي ٿو جڏهن بيت ال مقدس ورهائجي سگهي ٿو ته سنڌ ڇو نه؟!!!،،،

اهي ئي ڳالهيون ايتريون پري به ناهن سنڌ اهڙي دوکي جي ٻوليءَ تمام جلد ٻڌندي.هوُ پنهنجي روحاني بابا جي ٻولي ضرور ڳالهائيندو ڇو جو مريد ته هوُ ان ئي آستاني جو آهي نه!

بابا جي ڊيٽ ايڪسپائير ٿي وئي ۽ فرشتن اُن ئي بوتل ۾ ئين دوا ڀري امپورٽ ڪئي آهي.

پر سنڌ  اُها بوتل ڪڏهن ڏسندي؟!!

۽ سنڌ اها ننڊڙي ڳالهه ڪڏهن سمجهندي؟!!

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے