17 اربع , جنوري 2018

سوشلسٽ دانشور ڪامريڊ رشيد مخدوم

سجاد ظهير

مارڪسسزم  اها سائنس آهي ،جنهن جي سچائي انساني جي آزادي جو اعلي مثال ثابت ٿي آهي. اڄ تائين دنيا جا سمورا ڏاها گڏجي ويهي مارڪس جي دليلن جو ڪو به جواب نه ڏئي سگهيا آهن. سندس ڪيل اڳ ڪٿيون ڀلي ساڄي ڌر وارن کي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ڏينديون هجن وري به تاريخ مارڪس جي سوچ ۾ به تبديلي جو حق به انهن انقلابين کي ڏنو ، جن ڪارل مارڪس کي پنهنجو رهبر تسليم ڪري انساني تاريخ جا تمام وڏا انقلاب برپا ڪيا. اڄ تاريخ ۾ مارڪس جي عظيم تخليقن کان بغير دنيا جو درست تجزيو ڪرڻ ناممڪن ٿيو وڃي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون جاني توڙي مالي قربانيون ڏنيون. اڄ به سندن تاريخي قرباني کي مارڪسي فلسفي جي آبياري ۾ تمام وڏو حصو سمجهو  وڃي ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جتي علم، ادب ۽ سماج جي ميدان ۾ کوڙا سارا نالا ڳڻايا وڃن ٿا اتي پاڪستان جهڙي پٺ تي پيل ملڪ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي ذڪر کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ان  جو واحد سبب  اهو آهي جو پاڪستان جي ڪميونسٽ تحريڪ جون پاڙون ان پارٽي جي هٿان رکيون ويون جنهن کي بولشويڪ قيادت جي اعلي اڳواڻن پاران وڏي احترام سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ڏٺو ويندو .پاڪستاني سماج جنهن ۾ ڪميونسٽ روايتن ۽پورهيت سياست کي انتهائي ڏکي دور ۾ جن ماڻهن زندهه رکيو انهن منجهان ڪامريڊ رشيد مخدوم جي انقلابي سياست کي هميشه ياد رکيو ويندو.

اسان جي خوش قسمتي آهي جو سنڌ ماضي ۾ تمام گهڻي وڏي علمي کيپ پيدا ڪئي جن پنهنجي ڌرتي کي غلامي واري سماج کا ن ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ علمي ۽ عقلي بنيادن تي سماج جي تبديلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسان جي ڌرتي جي ماڻهن فرسوده نظام کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ نظرياتي جنگ ڪئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ مزدورن جي تحريڪن وڏي تبديل آندي جيڪڏهن ڪاٿو لڳايو وڃي ته اوهان کي بازار جي اندر هٿ ٺوڪيا بي شمار دانشور ملندا، پر علمي سطح تي تمام گهڻي کوٽ نظر ايندي. اهڙا عالِم جن پهنجي وجود کان وڌيڪ پنهنجي نظرئي کي اهميت ڏني.

ڪامريڊ رشيد مخدوم جهڙن ماڻهن هن معاشري کي جديد فڪر ۽ سائنسي اصولن  جا نوان موڙ ڏنا. انهن ماڻهن ادارن جي صورت ۾ ڪم ڪيو. ڪامريڊ رشيد مخدوم  مزدور نظرئي جو تمام وڏو پرچارڪ دانشور هيو. سندس موت سان سنڌ جي مزدور تحريڪ ءُ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. کاٻي ڌر جي سياست لاءِ هو  هڪ تمام وڏي درس گاهه هئو.  ڇاڪاڻ جو ملڪ جي اندر ڪيتريو ن ئي کاٻي ڌر جو پارٽيون سياست ڪري رهيون آهن، پرمخدوم صاحب جي حلقي جو سياسي انداز پنهنجو هيو ان ڳالهه جو ثبوت ان مان لڳائي سگهجي ٿو ڪيترن ئي ڪامريڊن مخدوم صاحب جي حلقي کي علمي ڏاهپ سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر تاريخ ڏٺو ته مخدوم رشيد جي سياست هميشه مزدورن جي اندر پنهنجي ڪرشماتي جوهر سان پنهنجا بنياد  مضبوط ڪندي رهي.

رشيد مخدوم جي علمي قابليت جو اندازو ٿائي لينڊ ۽ فرانس  ڪيل دورن مان لڳائي سگهجي ٿو. هيءُ دورا موجودهه وقت ۾اين جي او ٽائيپ ليفٽ جي تبليغ نه هئا پر هي هڪ ٽريڊ يونين جا دورا هئا، جيڪو سنڌ جي شگر ملز مزدور يونين فيڊريشن جي ليڊر جي قد ڪاٺ جو مان هيا. اڄ جتي مزدور ليڊر عالمي دورن کان بغير مزدورن جي جي سياست ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. رشيد مخدوم انهن جي لاءِ هڪ مثال آهي. سندس تربيت ۾ ڪڏهن به نسل پرستي نظر نه آئي. سندس  علمي، نظرياتي قابليت جو اندازو ان منجهان لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ ورلي ڪي مزدور يونينون هجن، جن جو چندو گڏ ٿيندو هجي. پر مخدوم صاحب پاران النورشگرمل(شاهپور جهانيان) جي يونين جو بنياد وجهڻ، ان جو هيءُ تمام وڏو مثال آهي، جيڪا پنهجي مدد پاڻ تحت اڃان تائين هلي رهي رهي آهي. اڄ به مخدوم صاحب انهي پورهيتن جو جو ليڊر ۽ رهبر شمار ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن مخدوم صاحب کي ٽريڊ يونين سياست جو دانشور چيو وڃي ته وڌاءُ نه ٿيندو .

اڄ رشيد مخدوم جي ورسي سندس سياسي آبياري واري شهر مورو ۾ ملهائي وڃي پئي جتي کوڙ سارا سياسي ورڪر ۽ سندس شاگرد کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيندا اتي اسان انهن سيکڙاٽ مزدور ليڊرن ۽ انهن ڪميونسٽن کي ضرور ياد ڏيارينداسين ته مارڪسزم ۾ ڪنهن به قسم جي نسل پرستي جي گنجائش نه آهي، ڪميونسٽ اصولن کي قومي سوال جي آڙ ۾ بگاڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اسان قومي آزادي جا حامي آهيون پر ڪميونسٽ فڪر جي روشني ۾ انهن مسئلن جو حل چاهيون ٿا. مارڪسزم تي جدوجهد ائين ڪجي جيئن رشيد مخدوم جي سڏ تي پنجابي ،اردو ۽ سنڌي پورهيت گڏ ٿي ڪندا هئا. رشيد مخدوم  جي خواب جي ساڀيان تڏهن پوري ٿيندي اسان مارڪسي سياست جو اپٽار حقيقي بنيادن تي ڪنداسين. اچو ته سائين مخدوم کي سرخ سلام پيش ڪندي اهو وچن ورجايون ته نيٺ ڳاڙهو جهنڊو جهوليندو جيڪو تنهنجي منهنجي سڃاڻپ بڻبو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے